جمعرات, جنوری 28, 2016

منهنجي زندگي ء ۾ نظرياتي تبديليون

ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ ٽﻴﻮﻥ ﺩﻭﺭ .
ﻣﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ۾ ﻧﻈﺮﻳﺎﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ٽﻲ ﭜﻴﺮﺍ ﺑﺪﻟﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ .
.1 ﻣﺬﻫﺒﻲ
.2 ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ
.3 ﻓﻠﺴﻔﻲ
ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺩﻭﺭ ڪٽﺮ ﻣﺬﻫﺒﻲ . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺑﻪ ﺑﺪﻻﺀ ﺁﻳﺎ .
ﻳﻌﻨﻲ ﻫڪ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻓﺮﻗﺎﺋﻲ ﻋﻠﻤﻦ ﺟﻮ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ڪﻴﻢ . ﺷﺮﻭﻉ ﺷﺮﻭﻉ ۾ ﻣﺎﻥ
# ﺑﺮﻳﻠﻮﻱ ﻓﺮﻗﻲ ﺟﻮ ﻫﻴﺲ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻭڏﺍ ﺳﭛ ﮘﻮﭞ ﻭﺍﺭﺍ ﺗﺮ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﺮﻳﻠﻮﻱ ۽ ﭘﻴﺮ ﭘﺮﺳﺖ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ﺩﻭﺭ ۾ ﺭﻭﺍﻳﺘﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ # ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻳﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭼﺎﭼﻮ ﭘﻴﺶ ﺍﻣﺎﻡ ﻫﻮ ﺍﻫﻮ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻳﻦ ﺧﻼﻑ ﻣڙﻳﺌﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻭﺍﻋﻆ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺳﻮ ﻣﻮﻥ ﺑﻪ ﺑﻨﺎﻥ ﺳﻮﭺ ﺳﻤﺠﻪ ﺟﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ڪٽڙﻭ ﮔﺴﺘﺎﺥ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ . ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ۾ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻣﺴﻠڪ ﮐﻲ ﻧﻔﺮﺕ ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻦ ﺳﺎﻥ ڏﭠﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺍﻥ ڪﺮﻱ ڪﻲ ﻫﻤﺮﺍﻩ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺑﻪ ﻟڪﻴﻞ ﻫﺌﺎ . ﺗﺒﻠﻴﻐﻲ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﮐﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﮔﺴﺘﺎﺥ ﺭﺳﻮﻝ ڪﺎﻓﺮ ﺳڏﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎﺳﻮﻥ .
ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﻣﺎﻥ ﻣڙﻳﺌﻲ ٽﺮﺋڪٽﺮ ٽﺮﺍﻟﻴﻮﻥ ﻣﺎﻳﻦ ﻣﺮﺩﻥ ﺟﻮﻥ ﭜﺮﺟﻲ ﭘﻴﺮ # ﭘﻴﺮ _ ﺟﻤﻦ _ ﺷﺎﻩ ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ﻻﺀ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ .
ﺳﺎﻝ ۾ ﻫڪ ﭜﻴﺮﻭ ﻗﺎﻓﻠﻮ # ﺩﺭﮔﺎﻩ _ ﺣﻀﺮﺕ _ ڪﻠﻴﻢ ﺍﻟﻠﻪ ﺷﻬﻴﺪ ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ﻻﺀ ﻧﺎڙﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ۾َﮔﻬٽ ۾ ﮔﻬٽ ڏﻩ ٽﺮﺋڪٽﺮ ﻫﺌﺎ . ﺯﻳﺎﺭﺗﻴﻦ ﮐﻲ # ﺑﺎﺱ ﭘﻮﺭﻭ ڪﺮﮠ ﻻﺀ ﮀﻴﻼ ڪڪڙ ﭔﻴﻮ ﺍﻧﺎﺝ ﺳﺎﮠ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ . ﻫﻦ ﭘﻴﺮ ﺟﻲ ﻻﺀ ﺑﺎﺱ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﭘٽ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﺎ ﻭﺍﺭ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺗﻲ ﻻﻫﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .
ﮀﻴﻼ ڪڪڙ ڪﺠﻪ ﺯﻳﺎﺭﺗﻲ ﭘﺎﮠ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻴﻞ ﻓﻘﻴﺮﻥ ﮐﻲ ڏﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ﺍﻥ ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺗﻲ ﻣﺎﻥ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ڪﻮﻧﻪ ﻭﻳﺲ .
ﭘﺮ ﺍﺗﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻭﭸﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﺍﻝ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻪ ﻭڙﻫﻨﺪﻭ ﭘﺮ ﺍﻳﻤﺎﻧﺪﺍﺭﻱ ﺳﺎﻥ ﺯﻭﺭ ﭜﻴٽﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺭﺳﺘﻲ ۾ ڏﻳﮑﺎﺭﻱ ﻳﺎ ﮐﺪڙﻭ ﻳﺎ ﮐﺪڙﻱ .
ﻣﺮﺩﻥ ﺟﻮ ﻣﻠﻪ ﺗﻪ ﻭﺭﻱ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻪ ﻣﻼﮐڙﻭ ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﻭٽﺎﻥ ﻫﻮ .
ﭘﻴﺮ ﺟﻤﻦ ﺷﺎﻩ ﺟﻲ ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺗﻲ ﻫڪ ﭜﻴﺮﻭ ﻭﻳﺲ ﺟﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺪﻋﺖ ﺍﮐﻴﻦ ﺳﺎﻥ ڏﭠﻢ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﺑﺮﻳﻠﻮﻳﺖ ﮐﺎﻥ ﺳﺨﺖ ﻧﻔﺮﺕ ﺁﻳﻢ .
ﺍﺗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﮔﺮ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﺳﺎﻥ ﻭﭸﻦ ﺗﻪ ﻣﮝﮣﻬﺎﺭ ﮐﻲ ﺳﺎﮠ ﻭﭠﻲ ﻫﻠﻦ ڪﺠﻪ ﻣﻨٽ ﻧﭽﮡ ﺟﻬﻤﺮ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﻫﮣﻦ ﺗﻪ ڪﺠﻪ ﻣﻨٽ ﭘﻴﺮ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﻡ ﺟﻮ ﻃﻮﺍﻑ ڪﻦ .
ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﺳﺎﮠ ڪﻮﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻣﻮﻥ ﻭﺿﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮅﻭ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺰﺍﺭ ﺟﻲ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﻃﻮﺍﻑ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻢ ﺁﺀ ﻧﻨﮃﻭ ﭔﺎﺭ ﻫﻴﺲ ﻋﻘﻴﺪﺗﻤﻨﺪ ﺑﻪ ﻫﻴﺲ . ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﺩﻳﻮﺍﺭ ﺑﻪ ﭼڙﻫﻴﻞ ﻫﺌﻲ ﻫﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﭼﻤﻴﻮﻥ ڏﻧﻢ . ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻼﻭﺕ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ . ﭘﺮ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺍﭼﮡ ﻣﻨﻊ ﺁﻫﻲ ﭼﻮﻥ ﭤﺲ ﺗﻪ ﻫڪ ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ﻃﻮﺍﻑ ﺩﻭﺭﺳﻦ ﻫﻴﺾ ﺁﺋﻲ ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺑﻨﺪ ڪﺮﺍﻳﻮ . ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﭔﻲ ﺭﻭﺍﻳﺖ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺁﻫﻲ ﺍﮄ ﺭﺍﺕ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﻣﺰﺍﺭ ﺟﻮ ﺩﺭ ﺑﻨﺪ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﮀﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺯﻳﺎﺭﺕ ﻻﺀ ﻧﺎﻧﮓ ۽ ﺷﻴﻨﻬﻦ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺍﭤﺲ .
ﻗﺴﻤﺖ ﺁﺯﻣﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﻫﺖ ﻫﻦ ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ ﺁﻫﻲ ﺗﻲ ﻫڪ ﺭﺳﻲ ﮐﻲ ﭼڙﺍ ﮄﺍﮘﺎ ﮄﻭڙ ﮀﺎﺋﻲ ﭔﮅﻝ ﺁﻫﻦ .
ﭘﺮ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﭜﺮ ﻭﭸﮡ ﺑﻪ ﻧﺼﻴﺐ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ .
ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ۾ ﺍﻫﻮ ﺳﭛ ﻣﻘﺪﺱ ڪﻢ ﻫﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺭﻳﻞ ﺑﻨﺎﻥ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﺟﻲ ﻧﻪ ﺑﻴﻬﻲ ﺍﻥ ﻻﺀ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ڪﺮﻳﻮ ﺗﻴﺌﻦ ﺍﻟﻠﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﺳﮅﻭ ﺳﻨﺌﻮﻥ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻭ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﮡ ﻻﺀ ﭘﻴﺮﻥ ﺟﻮ ﭘﺎﺳﻮ ﻭﭠﻮ .
ﻧﺌﻮﻥ ﭘﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﻴﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ڪﻮ ﻭﺟﻮﺩ ﺋﻲ ڪﻮﻧﻪ ﻫﻮ ﻧﻮﺭ ﻭﺍﻩ ﺟﻲ # ﮔﻮﺭﺷﺎﮢﻴﻦ ﺍﻫﻮ ﻫﻼﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪﻥ ﮐﻲ ﻏﻴﺐ ﻣﺎﻥ ﺁﻭﺍﺯ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﺍﻣﺎﻡ ﻣﻬﺪﻱ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎﻥ ﻇﺎﻫﺮ ﭤﻴﻨﺪﻭ
ﺍﻋﻼﻥ ڪﺮﻱ ﺗﻪ 15 ﺷﻌﺒﺎﻥ ﺟﻲ ﺭﺍﺕ ﺳﭛ ﮔڏ ﭤﻴﻦ . ﺑﺎﺑﺎ ﭘﻮﺀ ﺗﻪ ﮘﺎﻟﻪ ڪﺠﻲ ڪﻬڙﻱ ﺍﻻﺀ ڪﭥﺎﻥ ڪﭥﺎﻥ ﺟﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﭘﻴﺮ ﻣﺸﺎﺋﺦ ﺭﺍﮘﻲ ﻣﻮﻟﻴﻨﺪﻱ ﻭﺍﻧﺪﺍ ﻣﻮﺍﻟﻲ ﭼﻮﺭ ﮄﺍڙﻳﻞ ﺯﺍڪﺮ ﻣﺮﻳﺾ ﺍﭼﻲ ﻭﻳﺎ ﺍﻭﻧﻬﺎﺭﻱ ﺟﺎ ﮔﺮﻡ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ۾ ﺳﺎﺭﻳﻦ ﺟﺎ ﭼٽ ﻫﺌﺎ . ﺁﺧﺮ ﺍﻫﺎ ﺑﻪ ڪﻮڙ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻲ .
ﺳﻦ 2010 ﻉ ﺟﻲ ﻣﻬﺎﭔﻮڏ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺁﺀ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﻭﻳﺲ ﺟﻬٽ ﭘٽ ﺍﺗﻲ ﻗﺎﺩﺭﻳﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻧﻤﺎﺯ ﭘڙﻫﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ .
ﭘﺮ ﺍﺗﻲ ﺑﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻬﺘﻲ ﺗﻪ ﺳﮅﻭ ﻣﻨﺠﻬﻮﺷﻮﺭﻱ ﻭﻳﺲ ﺟﺘﻲ ﻣﺎﺋٽ ﻭﻳﭡﺎﺁﻫﻦ ﺍﻫﻲ ڪٽﺮ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﺁﻫﻦ .
ﺗﺮ ﺟﻮ ﺗﺮ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ . ﺭﻣﻀﺎﻥ ﺟﻮ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﻫﻮ ﺭﻭﺯﺍ ﺑﻪ ﺭﮐﻴﻢ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﻓﺪﺍ ﺍﺣﻤﺪ ڪٽﻮﻫﺮ ﮐﺎﻥ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻲ ﺑﺮﻳﻠﻮﻳﺖ ﮐﻲ ﺧﻴﺮﺍﺑﺎﺩ ڪﺮﻱ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﭤﻲ ﻭﻳﺲ .
ﻫﻦ ﻓﺮﻗﻲ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺋﻲ ﻣﺎﻥ ﺷﺮڪ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﭘڙﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﮘﻮﮢﻦ ﻣﺸﺮڪﺎﮢﻦ ﺣﺮڪﺘﻦ ﺗﻲ ﭘﮁﺘﺎﻳﻮ . ﺻﺮﻑ ﭘﮁﺘﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺧﺎﻣﻮﺵ ﭤﻴﺲ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺍﻥ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﭔﮅﺍﻳﻢ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺟﻴڪﻮ ڪﺠﻪ ڪﻦ ﭤﺎ ﺍﻫﻮ ﺷﺮڪ ﺁﻫﻲ . ﮘﻮﭞ ﺟڏﻫﻦ ﻭﺍﭘﺲ ﭤﻴﺲ ﺗﻪ ﮘﻮﭞ ۾ ﻣﻮﻧﮑﺎﻥ ﺍﮖ ﺋﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻫﻼﻳﻮ ﺗﻪ ﻧﻈﺎﻡ ڪﺎﻓﺮ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ﮔﺴﺘﺎﺥ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ . ڪٽڙﻭ ﺁﻫﻲ ﻧﻪ ڪﻨﻬﻦ ﭘﻴﺮ ﮐﻲ ﻣﭹﻲ ﭤﻮ ﻧﻪ ڪﻨﻬﻦ ﺑﺰﺭﮒ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻧﻴﺎﺯ ﮐﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﻥ ﺋﻲ ﺑﺎﺱ ﺑﺎﺳﻲ ﭤﻮ . ﺟﻴﺌﻦ ﮘﻮﭞ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ﻭﺍﻟﺪ ﺻﺎﺣﺐ ﺗﻪ ﭘڙﻫﻴﻞ ڪﻮﻧﻪ ﻫﻮ ﭘﺮ ﭼﺎﭼﻮ ﺟﻴڪﻮ ﭘﻴﺶ ﺍﻣﺎﻡ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺑﺤﺚ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ . ﻣﺎﻥ ڊﭴﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﻭﭸﮡ ﮀڏﻱ ڏﻧﻮ . ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺑﺮﻳﻠﻮﻳﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺷﻴﻌﻦ ﺧﻼﻑ ﺑﻪ ﻟﮑﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ﻫﺌﻢ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺟﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﻴﺮ ﺣﻴﺪﺭﻱ ﻋﺒﺪﻟﺤﻤﻴﺪ ﻟﻨڊ ﺻﺒﻐﺖ ﺍﻟﻠﻪ ﺟﻮﮘﻲ ﻫﺌﺎ . ﭘﻨﺞ ڪﻠﻮﻣﻴٽﺮ ﭘﺮﻱ ﮘﻮﭞ ﻫﻮ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻳﻦ ﺟﻮ ﺍﺗﻲ ڪﻮ ﻭﺍﻋﻆ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻭﭸﻲ ﺷﺮڪﺖ ڪﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ . ﮘﻮﭞ ۾ ﻫڪ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻭٽ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﻢ ﺍﻫﻮ ﻫﻮ ﺍﺳﺘﺎﺩ # ﺫﻧﻮ _ ﺧﺎﻥ ڪٽﻮﻫﺮ . ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﻲ ﺟڏﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻴﺮﺟﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﺁﻳﻮ ﺩﻟﺒﺮﺍﺋﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﭘﻮﺀ ﻣڙﻳﺌﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ﻣﻮﻥ ﺧﻼﻑ ﺑﺮﻳﻠﻮﻱ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺮ ﺟﻴڪﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ڪٽﻮﻫﺮﻥ ﺟﻮ ﺍﺑﺎ ڏﺍڏﺍﺋﻲ ﻣﺮﺷﺪ ﺁﻫﻲ # ﺳﻴﺪ _ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲ _ ﺷﺎﻩ ﺟﻴﻼﻧﻲ ﻭٽ ﺷڪﺎﻳﺖ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺟﻦ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭼﺎﭼﻮ ۽ ﻫڪ ﭔﻴﻮ ﭘﻴﺶ ﺍﻣﺎﻡ ﺑﻪ ﻫﻮ . ﭘﺮ ﭘﻴﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺑﻨﺪﻭ ﭴﺎﮢﻲ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﭴﺎﮢﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮀﺎ . ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﺑﺤﺚ ﮘﻮﭞ ﺟﻲ ﺭﺋﻴﺲ ﻣﻘﺪﻡ ۽ ﻗﻮﻡ ﺟﻲ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ﮐﻮڙ ﺳﺎﺭﺍ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻗﺎﺋﻞ ڪﻴﺎ ﻫﺌﻢ . ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟڏﻫﻦ ﺟڏﻫﻦ ﭘﻴﺮ ﺳﻴﺪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻨﺒﻲ ﺷﺎﻩ ﻭڏﻳﺮﻱ ﺟﻲ ﺩﻋﻮﺕ ﺗﻲ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻧﻮڙﻱ ﺍﺩﺏ ﺳﺎﻥ ﺁﺟﻴﺎﻥ ڪﺌﻲ ﭘﺮ ﻣﻮﻥ ﺳﮅﻭ ﻋﺎﻡ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﻫﭣ ﻣﻼﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭼﻴﻮ ڏﺱ ڪٽڙﻭ ﮐﻲ . ‏( ﺍﺻﻞ ۾ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺭﻭﻳﻮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻫﻮ . ‏) ﺑﺎﺑﺎ ﮀﺎ ﻟﮑﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﭼﻲ ﻣﻮﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﮁﻲ ﺗﻮﻥ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﺴﺘﺎﺧﻲ ڪﺌﻲ .
ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﻳﻦ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮﻥ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺍﻳﺘﺮﻭ ڪٽﺮ ﺑﻨﺎﻳﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﺁﺀ ﻧﻈﺮ ﻧﻴﺎﺯ ﺑﺎﺱ ﺟﺎ ﻃﻌﺎﻡ ﺑﻪ ڪﻮ ﻧﻪ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ ﺷﻴﻌﻦ ﮐﻲ ڪﺎﻓﺮ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﻫﺌﺲ . ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺌﻮٽ ﻳﻮﺳﻒ ڪٽﻮﻫﺮ ﺷﻴﻌﻮﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻫﺮ ﻭﻗﺖ ﺟﻬﮙڙﻭ ﻫﻮ . ﺷﻴﻌﻦ ﺧﻼﻑ ﻫڪ ڪﺎﭘﻲ ﭜﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ﻫﺌﻢ ﺟﻴڪﻮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻴﻤﻮﺭﻳﻞ ﻓﺎﺋﻴﻞ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ .
ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻳﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﺑﻪ ﻋﺰﺍﺯﻳﻠﻲ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﻫﺌﻲ ﺟﻴڪﺎ ﻓﻘﻴﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﺭﻧﺪﻱ ﮐﺎﻥ ﺧﺎﻟﻲ ﻫﺌﻲ . ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻪ ﺟﻼﻝ ﻧﻪ ﺟﻤﺎﻝ . ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﻭٽ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﺟﻮ ﻇﺎﻫﺮﻱ ﻧﻈﺮﻳﻮ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺑﺎﻃﻨﻲ ﻧﻮﺭ ﮐﺎﻥ ﻭﻳﭽﺎﺭﺍ ﻣﺤﺮﻭﻡ ﺁﻫﻦ . ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﺗﻲ ﻫﻠﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻇﺎﻫﺮﻱ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺧﺪﺍ ﻭﺍﺭﻭ ﺑﻨﺠﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺍﻫﺎ ﺟﺰ ﺟﻴڪﻮ ﺑﻨﺪﻱ ۾ ڪﺮﻧٽ ﻭﺟﻬﻲ ﻧﭽﺎﺋﻲ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﻣﻼﺋﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺳﺎ ﻫﻨﻦ ﻭٽ ڪﻮﻧﻬﻲ . ڪﻮ ﺳﭽﻮ ﻋﺎﺑﺪ ﺯﺍﻫﺪ ﭤﻴﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺗﻮﺣﻴﺪﻱ ﻧﻈﺮﻳﻲ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ڪﺮﻱ ﭘﺮ ﺟﻲ ﻋﺎﺷﻖ ﭤﻴﮡ ﭤﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ ﺍﻫﻮ ﺧﺎﺻﻴﺖ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﻳﻲ ۾ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ .
ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻳﻦ ﺳﺎﻥ ﺭﻫﻲ ڪﺮﻱ ﻣﻮﻥ ﺑﺮﻳﻠﻮﻳﺖ ﺧﻼﻑ ﮀﺘﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ڪﺌﻲ . ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﭘڪﻮ ﺍﻳﻤﺎﻥ ﭘﺨﺘﻮ ﭘﺮ ﺟﻴڪﻮ ﺑﺸﺮﻳﺖ ﺟﻲ ﺧﻮﺑﻲ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﻧﺒﻲ ڪﺮﻳﻢ ﺻﻠﻲ ﺍﻟﻠﻪ ﻋﻠﻴﻪ ﻭﺳﻠﻢ ﮐﻲ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﺍﻥ ﻣﺎﻥ ﺻﺎﻑ ﻇﺎﻫﺮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻭﻳﭽﺎﺭﺍ ﺑﻪ ﻣﻠﺤﺪﻥ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﻣﺤﺴﻮﺳﺎﺕ ﻭ ﻣﻈﺎﻫﺮﻱ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﺎ ﻗﺎﺋﻞ ﺁﻫﻦ . ﺗﺒﻠﻴﻐﻲ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﻭﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ڪﺠﻪ ﻭﻗﺖ ﮔﺬﺍﺭﻳﻢ ﺟﻴڪﻲ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻫﺮ ﺩﻝ ﻋﺰﻳﺰ ﭘﺮﺩﻳﺴﻲ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻧﺮﻡ ﺁﻫﻦ . ﭘﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻲ ﮐﻲ ﮘﻮﻟﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮐﺎﻥ ﻭﺍﻗﻒ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻦ . ڪﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻫﻨﻦ ﺧﻼﻑ ﺍﻓﻮﺍﻩ ﻫﻼﻳﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﻲ ﺧﻮﺩڪﺶ ﺑﻤﺒﺎﺭ ﺁﻫﻦ . ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ﺳﭵﻮ ﺳﺎﺭﻭ ڪﻮڙ ﺁﻫﻲ . ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﻭٽ ﺧﻔﻴﻪ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﻳﺰﻳﺪ ﻻﺀ ﺑﻪ ﻧﺮﻣﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺩﻣﺎﻍ ﻧﻈﺮﻳﺎﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﻳڪ ﻃﺮﻓﻪ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻧﻈﺮﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ” ﺍﻟﻠﻪ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ڪﻮ ﺛﺎﻧﻲ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﻫﻮ ﺍﺯﻝ ﺗﺎ ﺍﺑﺪ ﺁﻫﻲ ﻋﺒﺎﺩﺕ ﺻﺮﻑ ﺍﻥ ﺟﻲ ڪﺠﻲ ﻣﺸڪﻞ ڪﺸﺎ ﺑﻪ ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺑﺎﺱ ﻧﻈﺮ ﻧﻴﺎﺯ ﺳﭛ ﺷﺮڪ ﺁﻫﻲ ﻣﺎﺗﻢ ﻣﺠﻠﺲ ﺑﺪﻋﺖ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻮ ﺳﭛ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﻳﻲ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﺁﻫﻲ “ ﻫﻨﻦ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﺟﺎ ﮔﮡ ﺗﻪ ﭔﮅﺍﻳﺎ ﭘﺮ ﺟڏﻫﻦ ﺍﭲ ﻣﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﺳﻮﺍﻝ ﺍﭤﺎﺭﻳﻮ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺑﻪ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ﻣﺎﺩﻭ ﺑﻪ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ﻫﻲ ٽﻴﺌﻲ ﻣﻨﻔﺮﺩ ﺁﻫﻦ ﭜﻼ ﺍﻧﻬﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺎﺩﻱ ۽ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﺗﻪ ڪﻮﻧﻬﻲ؟ .
ﻫﻦ ﻓﺮﻗﻲ ۾ ﻣﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺟﻮﺵ ڪٽﺮﭘﮣﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ . ﺍﻳﺘﺮﻭ ڪٽﺮ ﻫﺌﺲ ﺟﻮ ٽﻲ ﻭﻱ ﮔﺎﻧﺎ ڏﺳﺎﻥ ﻧﻪ ﭔﮅﺍﻥ . ﻫﻦ ﻣﺴﻠڪ ﺟﻲ ﻋﻠﻤﺎﺀ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﭤﻲ . ﻫڪ ﺭﺍﺕ ڊﺍڪٽﺮ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺳﻮﻣﺮﻱ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﻫﺌﻲ ﺭﺍﺕ ﺟﻮ ﻭﺍﻋﻆ ﭔﮅﻱ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺩﻝ ۾ ﺧﻴﺎﻝ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﮀﻮ ﻧﻪ ﻣﺪﺭﺳﻲ ۾ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﭘڙﻫﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﮅﻭ ﻣﺪﺭﺳﻪ # ﻗﺎﺳﻢ ﺍﻟﻌﻠﻮﻡ ﺟﻴڪﺐ ﺁﺑﺎﺩ ﻭﻳﺲ ﺍﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﻣﻮﻟﻮﻱ # ﻓﺪﺍ _ ﺍﺣﻤﺪ _ ڊﻭﻝ ﺳﺎﻥ ﭤﻲ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﺻﺎﺣﺐ ﺳﺎﻥ ڪﭽﻬﺮﻱ ﭤﻲ ﭘﺮ ڪﭽﻬﺮﻱ ﺍﻫڙﻱ ﻧﻤﻮﻧﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﭴﮣڪ ﺁﺀ ڪﻮ ﺭﻭﻟﻮ ﮀﻮڪﺮ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﭘﻨﻨﺪﻭ ﻫﻦ ﻭٽ ﭘﻬﺘﺲ ۽ ﻫﻤﺮﺍﻩ ڪﻨﻬﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻴﻮ . ﻣﻼﻥ ﺟﻲ ﻃﺒﻌﻴﺖ ۾ ﺧﻮﺩﭘﺮﺳﺘﻲ ﻫﺌﻲ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﺟﻲ ﻃﺎﻟﺒﻦ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻴﺎﺭﻳﻮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﻻﺋﺒﺮﻳﺮﻱ ڏﻱ ﻭﻳﺎﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ ﻫڪ ﻣﻔﺘﻲ ﻣﻬﻤﺎﻥ ﭤﻲ ﺁﻳﻞ ﻫﺌﻮ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻏﺮﻭﺭ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻴﻮ ﻭﻳﭡﺎ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﻣﻔﺘﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﻫڪ ﻃﺎﻟﺐ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﺮﻭڙﺍ ڏﻱ . ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﻣﻮﻥ ڏﻱ ﻧﻬﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﮐﺎﻥ ﭘﮁﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ڪﻴﺮ ﺁﻫﻲ ؟ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮﺍﺏ ڏﻧﺲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻧﺌﻮﻥ ﻃﺎﻟﺐ ﺁﻫﻲ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﺟﻲ ﻃﺒﻌﻴﺖ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻣﻐﺮﻭﺭ ﺍﻧﺎ ﭘﺮﺳﺖ ﻫﺌﻲ . ڪﺠﻪ ﺩﻳﺮ ﻭﻳﻬﻲ ﮔﻬﺮ ﻫﻠﻴﻮ ﺁﻳﺲ ﺑﺎﺑﺎ ﺳﺎﻥ ﻣﺸﻮﺭﻭ ڪﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺍﻧڪﺎﺭ ڪﻨﺪﻱ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﻣﺪﺭﺳﻲ ۾ ﻧﻪ ﭘڙﻩ . ﺧﻴﺮ ﭘﻮﺀ ﺑﻪ ﻣﻮﻥ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﮠ ﺗﻲ ڪﻮﻧﻪ ﻫﻠﻴﺲ ڪٽﺮ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮﭞ ﮐﺎﻥ ﮀﻬﻪ ڪﻠﻮﻣﻴٽﺮ ﭘﺮﻱ ﮘﻮﭞ
# ڪﺮﻳﻢ _ ﺑﺨﺶ ﮐﻮﺳﻲ ۾ ﻫڪ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻣﺪﺭﺳﻮ ﻫﻮ ﺍﺗﻲ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎﺯ ﭘڙﻫﮡ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ . ﺍﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻼﻗﺎﺕ # ﺍﻗﺒﺎﻝ _ ﺑﻨﮕﻼﮢﻲ ﺳﺎﻥ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺍﻣﺎﻡ ﺻﺎﺣﺐ # ﻣﻮﻟﻮﻱ _ ﻏﻼﻡ _ ﺷﺒﻴﺮ _ ﺷﻴﺦ ﻫﻮ ﺟﻴڪﻮ ﻗﺮﺁﻥ ﺟﺎ ﺁﻳﺖ ﭘڙﻫﻲ ﻭﺍﻋﻆ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺟﻤﻌﻲ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺯ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﺩﻳﮗ ﭼﺎﻧﻮﺭ ﺑﻪ ﻭﺭﻫﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﺫﺍﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﭔﺌﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻧﻤﺎﺯ ﭘڙﻫﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ﻫﺌﻢ ﺟﻴڪﻮ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﮘﻮﭞ ﺟﻲ ﻫڪ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ
# ﺣﺎﺟﻲ _ ﻋﺒﺪﺍﻟﺴﺘﺎﺭ _ ﮐﻮﺳﻲ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ . ﻣﺎﻥ ﺍﺗﻲ ﻧﻤﺎﺯ ﭘڙﻫﮡ ﻻﺀ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ ﺟﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ # ﻇﻔﺮ _ ڪٽﻮﻫﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺷﺪ # ﻋﺒﺪﺍﻟڪﺮﻳﻢ ﻗﺮﻳﺸﻲ # ﭔﻴﺮ _ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻧﺼﻴﺤﺖ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ” ﺗﻪ ﺑﺮﻳﻠﻮﻱ ﻣﺸﺮڪ ﺷﻴﻌﺎ ڪﺎﻓﺮ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎﻥ ﻧﻤﺎﺯ ڪﻮﻧﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﻣﺌﻞ ﭔڪﺮﻱ ﮐﻲ ﭜﻠﻲ ﺍﻟﻠﻪ ﺍڪﺒﺮ ﭼﺌﻲ ﺗڪﺒﻴﺮ ڏﻳﻮ ﺗڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺣﻼﻝ ڪﻮﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺗﻴﺌﻦ ﻣﺸﺮڪ ۽ ڪﺎﻓﺮ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺯ ﻳﺎ ﺍﻥ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎﻥ ﺑﻪ ﻧﻤﺎﺯ ڪﻮﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻱ “ ﻫﻲ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﺍﻋﻈﻦ ﺟﻲ ﺍﺷﺘﻬﺎﺭ ۾ ﺗﺮ ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﺎﺑﺮ ﻭڏﻳﺮﻥ ﮐﻲ ﻣﻬﻤﺎﻥ ﺧﺎﺹ ﺟﻲ ﻟﻘﺒﻦ ﺳﺎﻥ ﻧﻮﺍﺯﻱ ﻋﺰﺕ ﺑﺨﺸﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮﻥ ۾ ﺗﻪ ڪﺘﺎﺏ ﮐﻲ ﻭﻭٽ ڏﻳﮡ ﻻﺀ ﺗﻠﻘﻴﻦ ڪﻨﺪﻱ ﭼﻮﻥ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻗﺮﺁﻥ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻳﻌﻨﻲ ڪﺘﺎﺏ ﮐﻲ ﻭﻭٽ ﻧﻪ ڏﻳﺌﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﻭڏﻳﺮﻱ ﮐﻲ ﻭﻭٽ ڏﻳﺌﻲ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ڪﺮﮠ ﺑﻪ ﻇﺎﻟﻤﻲ ﺁﻫﻲ . . ﭔﻴﻮ ﻫڪ ﻋﺠﻴﺐ ﮘﺎﻟﻪ ﺗﻪ ﻣﻮﻟﻮﻱ ﮘﺎﻟﻪ ڪﻦ ڪﺘﺎﺏ ﺟﻲ ﻭﻭٽ ڏﻳﻦ ﺗﻴﺮ ﮐﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ڪﻮ ﻧﻮڪﺮﻱ ﻣﻠﻴﻦ . ﻫﻨﻦ ﻭٽ ﺍﻗﺒﺎﻝ ﻭﺍﺭﻱ ﺧﻮﺩﻱ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺍﺑﻮﺟﻬﻞ ﻭﺍﺭﻱ ﺧﻮﺩﻱ ﺁﻫﻲ . ﭔﺌﻲ ﭜﻴﺮﻱ ﺟڏﻫﻦ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﻭﻳﺲ ﺗﻪ ﺍﺗﻲ ﺑﻪ ﻫڪ ﻣﺪﺭﺳﻲ ۾ ﻣﻠﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺍﻫﻲ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﻃﺒﻌﻴﺖ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ . ﺁﺧﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻮ ﻃﻌﺒﻴﺖ ﺑﻪ ﺗﻪ ﻧﻈﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﻣﻨﺤﺼﺮ ﺁﻫﻲ . ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ﻣﺎﻥ ڪﺠﻪ ﺳﮑﻴﻢ ﭘﺮ ﺳﭛ ﻇﺎﻫﺮﻱ ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ﺟﻴڪﻮ ﺁﺀ ﮘﻮﻟﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ﺋﻲ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻃﺒﻌﻴﺖ ، ﻣﻨﺎﻓﻘﺖ ، ﮐﻮﮐﻠﻲ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﺑﻲ ﻧﻮﺭ ﺍﻳﻤﺎﻥ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺑﻲ ﺣﺪ ﺗﻨﮓ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ . ﻣﻠﻦ ﺳﺎﻥ ﺗﻪ ﻧﺎﺗﺎ ﺧﺘﻢ ڪﻴﻢ . ﭘﺮ ﮔﻬﺮ ۾ ﺩﻳﻮﺑﻨﺪﻱ ﻫﻴﺲ .
ﻫڪ ﺭﺍﺕ ﻣﻮﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﺎﺟﺖ ﭘﻮﺭﻱ ڪﺮﮠ ﻻﺀ ﺳﭵﻲ ﺭﺍﺕ ﻋﺒﺎﺩﺕ ڪﻴﻢ ﻫﺰﺍﺭ ﺩﺭﻭﺩ ﺳﻮ ﻧﻔﻞ ﭘڙﻫﻴﻢ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﺑﻪ ﺍﻫﻮ ﻣﻌﻤﻮﻝ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﺧﺮ ﺗﻨﮓ ﭤﻲ ﺳﻮﮀﻴﻢ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺩﺭﻭﺩ ﻧﻔﻞ ﭘڙﻫﮡ ﺳﺎﻥ ڪﻢ ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻳﺎ ﺍﺟﺎﻳﻮ ﻧﻨڊ ﭤﻮ ﭰٽﺎﻳﺎﻥ؟ ﭘﻮﺀ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﺩﻋﺎﺋﻮﻥ ﮔﻬﺮﮠ ﺑﻪ ﺩﻝ ﮐﻲ ﮄﺗﺎﺭﮠ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀ ﭔﻴﻮ ڪﺠﻪ ﺑﻪ ڪﻮﻧﻪ . ﺟﻴﺴﻴﻦ ﺧﻮﺩ ﺍﻟﻠﻪ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻨﺪﺱ ﺗﻪ ﺩﻋﺎﺋﻮﻥ ڪﻬڙﻱ ڪﻢ ﺟﺎ؟ ﮀﻮﻧﻪ ﻣﺤﻨﺖ ڪﺮﻳﺎﻥ . ﺍﻟﻠﻪ ﺟﻲ ﺁﺳﺮﻱ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻨﺪﺱ . ﺳﺎﻝ 2014 ۾ ﻣﺌٽﺮڪ ﭘﺎﺱ ڪﺮﻱ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ڊﮔﺮﻱ ڪﺎﻟﻴﺞ ۾ ﺩﺍﺧﻼ ﻭﭠﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭘڙﻫﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻢ . ﺍﺗﺎﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﺩﻭﺭ ﺷﺮﻭﻉ ﺁﻫﻲ
ڪﺎﻟﻴﺞ ۾ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﭘڙﻫﺎﺋﻲ ﺷﺮﻭﻉ ڪﺮﻱ ﺑﻪ ﻣﺎﻥ ﻣﺬﻫﺐ ﺗﻲ ﭘﺨﺘﻮ ﻫﺌﺲ ڪﺎﻟﻴﺞ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﺼﻠﺢ ﻣﻠﻴﺎ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻫﻴﭟ ڏﺟﻦ ﭤﺎ .
1: ﺳﺮ ﻋﺎﺭﻑ ﭘﭡﺎﮠ
2: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺍﻟﻄﺎﻑ ﮔﻮﻫﺮ ﭘﻴﭽﻮﻫﻮ .
ﺳﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺁﺻﻒ ﺗﻨﻮﻟﻲ
4: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﻃﺎﺭﻕ ﭜٽﻮ .
ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﭔﻴﺎ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ۽ ﻟﻴڪﭽﺮﺍﺭ ﺟﻴڪﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮﻥ ﻣﺎﻥ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺳﻲ ﻫﻲ ﻫﺌﺎ
1: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﭘﺮﻳﻢ ﭼﻨﺪ ‏( ڪﻴﻤﺴٽﺮﻱ ‏) ﺳﮑﺮ
2: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﭜٽﻲ ‏( ڪﻴﻤﺴٽﺮﻱ ‏) ﭘﻨﻮ ﻋﺎﻗﻞ
ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺭﺿﻮﺍﻥ ‏( ﺍﺳﻼﻣﻴﺎﺕ ‏) ﺳﮑﺮ
4: ﻣﺴٽﺮ ﺑﺮڪﺖ ﻋﻠﻲ ﻣﻬﺮ ‏( ﻓﺰڪﺲ ‏) ﭠﻞ
5: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺍﺣﻤﺪ ﺩﺍﺋﻮﺩ ﭘﻮٽﻮ ‏( ﻓﺰڪﺲ ‏) ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ
6: ﻣﺴٽﺮ ﻣﻨﻴﺮ ﭘﻨﻬﻴﺎﺭ ‏( ڪﻴﻤﺴٽﺮﻱ ‏) ﭠﺮﻱ ﻣﻴﺮﻭﺍﻩ
7: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﻣﻴﻤﮡ ‏( ﺑﺎٽﻨﻲ ‏) ﺳﮑﺮ
8: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﻗﺮﻳﺸﻲ ‏( ﺑﺎٽﻨﻲ ‏) ﺳﮑﺮ
9: ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺍﻋﺠﺎﺯ ﺍﺣﻤﺪ ﻟﻮﻫﺮ ‏( ﺯﻭﻻﺟﻲ ‏) ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ .
ﺍﻥ ﺩﻭﺭﺍﻥ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺟﻮ ﭘﺮﻧﺴﭙﻞ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺍڪﺒﺮ ﺳﺮڪﻲ ﻫﻮ .
ڪﺎﻟﻴﺞ ﺯﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻋﻠﻢ ﺣﻴﺎﺗﻴﺎﺕ ﺟﺎ ﭔﺌﻲ ﺳﺒﺠﻴڪٽ ﺯﻭﻻﺟﻲ ۽ ﺑﺎٽﻨﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺟﺎ ﺳﺒﺠﻴڪٽ ﻫﺌﺎ . ۽ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘڙﻫﻨﺪﻭ ﺁﻫﻴﺎﻥ . ﺍﺗﻲ ﻣﻮﻥ ڪﺠﻪ ﺍﻫڙﺍ ﻧﻈﺮﻳﺎ ﭘڙﻫﻴﺎﻥ ﺟﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻳﻤﺎﻥ ﮐﻲ ﮄڪ ﺭﺳﺎﻳﻮ . . ﻣﺜﻼ # 2_ ﺑﻠﻴﻦ _ ﺳﺎﻝ _ ﺍﮖ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﻣﺎﻥ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﮡ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ﺟﻮ ﺍﺭﺗﻘﺎﺋﻲ ﻣﺮﺣﻼ ﻃﺌﻲ ڪﺮﻱ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺩﻭﺭ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﮁﮡ ﺗﺨﻠﻴﻘﻲ ﻧﻈﺮﻳﻲ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻫﺌﺎ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﺍﺭﺗﻘﺎ ﮐﻲ ﻏﻮﺭ ﺳﺎﻥ ڪﻮﻧﻪ ﭘڙﻫﻴﻮ ﭘﺮ ﺑﻌﺪ ۾ ﺍﻥ ﮐﻲ ﭘڙﻫﻲ ﻭﻳﭽﺎﺭ ڪﻴﻢ . ﺑﻘﻮﻝ # ﺍﻟﺒﺮٽ _ ﺁﺋﻴﻦ _ ﺍﺳٽﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻟﻴﺒﺎﺭٽﺮﻳﻮﻥ ﻋﺒﺎﺩﺕ ﮔﺎﻩ ﺁﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮﻱ ﭤﻲ . ﻋﻠﻢ ﺣﻴﺎﺗﻴﺎﺕ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺴﻨﺪﻳﺪﻩ ﺳﺒﺠﻴڪٽ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺍﻟﺠﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺩﻭﺭ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﺎ . ڪﻲ ﺍﻫڙﺍ ﺳﻮﺍﻝ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﻫﻦ ۾ ﺍﭜﺮﻳﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺟﻮﺍﺏ ﻫﺘﻲ ﻟﮑﺎﻥ ﭤﻮ .
ﺳﻮﺍﻝ 1: ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ۽ ﭔﻮٽﻦ ﺟﻲ ﻭﭺ ۾ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻓﺮﻕ ﮀﻮ ﺁﻫﻲ؟ ﺟﻮﺍﺏ ﺗﻪ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ۽ ﭔﻮٽﻦ ﺟﻲ ﺟﻴﻮﮔﻬﺮڙﻥ ﺟﻲ ﺑﻨﺎﻭﺕ ۾ ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ﻓﺮﻕ ﺁﻫﻲ . ﭔﻮٽﻦ ﺟﻲ ﺟﻴﻮﮔﻬﺮڙﻱ ﮐﻲ ﭔﺎﻫﺮﻳﺎﻥ ﺳﻴﻞ ﻭﺍﻝ ﭼڙﻫﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ۾ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺍﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﺷﺮﻭﻉ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﭔﻮٽﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺨﻄﻠﻒ ﺁﻫﻦ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﻱ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﺭﻓﺎﻻﺟﻴڪﻞ ﺑﻨﺎﻭﺕ ۽ ﺍﺋﻨﺎٽﻮﻣﻴڪﻞ ﺑﻨﺎﻭﺕ ﺗﻪ ﺑﻠڪﻞ ﻣﺨﻄﻠﻒ ﺁﻫﻲ . ﺟﺎﻧﺪﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﻩ ﺭﻫﮡ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺋﻲ ﺟﻴﻮﮔﻬﺮڙﻱ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻣﺮڪﺰ ﺳﺎﺋٽﻮﭘﻼﺯﻡ ۽ ﻣﺎﺋٽﻮڪﻮﻧڊﺭﻳﺎ ﺟﻲ ڪﺎﺭڪﺮﺩﮔﻲ ﺁﻫﻲ . ﺟڏﻫﻦ ﺟﻴﻮﮔﻬﺮڙﺍ ﻣﺮﮠ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺟﺎﻧﺪﺍﺭ ﺟﻮﺍﻧﻲ ﻣﺎﻥ ﭰﺮﻱ ﭘﻮڙﻫﺎ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ . ﭔﻮٽﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺑﻪ ڪﺮﺍڙﺍﺋﭗ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﮔﻬﺮڙﺍ ﻣﺮﻱ ڪﭟ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﭼﻤڙﻱ ﺳﺴﺖ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﺟﻴﻮﮔﻬﺮڙﻱ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﻫڪ ﭘﺎﻭﺭ ﻫﺎﺋﻮﺱ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺗﻮﺍﻧﺎﺋﻲ ﭘﻴﺪﺍ ڪﺮﻱ ﮔﻬﺮڙﻱ ﮐﻲ ﭘﻬﭽﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺑﻬﺮ ﺟﺴﻢ ۾ ﮔﻬﺮڙﻥ ﺟﻲ ٽٽﮡ ﺟﻮ ﻋﻤﻞ ﺟﺎﺭﻱ ﻭ ﺳﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ .# ﺁﺀ _ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻳﺎ ﺳﺎﻩ ﮐﻲ ﺭﻭﺡ ﺟﻮ ڪﺮﺷﻤﻮ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ ﺟﻴڪﻮﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﻠﻤﺎﺀ ﺟﻲ ﻭﺍﺕ ﻣﺎﻥ ﭔﮅﻭ ﻫﺌﻢ ﺳﻮ ڪﻮڙ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻟﮙﺲ .
ﺍﺭﺗﻘﺎ ۽ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﺑﻪ ﭘڙﻫﻴﻢ ﺗﻪ ﺍﺗﻲ ﺑﻪ ﺷڪ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻲ . ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﭼﻮﻱ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻋﺮﺵ ﺗﻲ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ ﻫڪ ﮔﻨﺎﻩ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﺘﻮ . ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۾ ﭘڙﻫﻴﻢ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻳﺎ ﺟﻤﻠﻲ ﻣﺨﻠﻮﻕ ﺯﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﺎ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻘﻞ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻣﺨﻄﻠﻒ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺑﻪ ڪﻲ ﻟﮑﻴﻦ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﻫﺌﻮ . ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺍﺋﻴﻦ ڪﻮﻧﻪ ﭤﻮ ﭼﻮﻱ ﺗﻪ ﭜﻮﻟڙﻭ ﻫﻴﻮ ﭘﺮ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﻫﻮ . ﻫﺘﻲ ﻣﻮﻥ ﺳﻮﺍﻝ ﺍﭤﺎﺭﻳﻮ ﺗﻪ ﺍﮔﺮ ﻟﮏ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ ﺑﺌڪٽﺮﻳﺎ ﭘﻼﺯﻣﻮڊﻳﻢ ﮀﻮ ﻧﻪ ﺍﺭﺗﻘﺎ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﺎ؟ ﺟﻮﺍﺏ ﺑﻪ ﭘﺎﮠ ڏﻧﻢ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﻏﻴﺮﺟﻨﺴﻲ ﺟﺎﻧﺪﺍﺭ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻮ ﻫڪ ﺍﻟﮗ ﻣﺨﻠﻮﻕ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﺭﻓﺎﻻﺟﻲ ﺍﺋﻨﺎٽﻮﻣﻲ ﻓﺰﻳﺎﻻﺟﻴڪﻞ ﺑﻨﺎﻭﺕ ۽ ڪﺎﺭڪﺮﺩﮔﻴﻮﻥ ﻫﻨﻦ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ﻳﺎ ﭔﻮٽﻦ ﮐﺎﻥ ﺑﻨﻪ ﻣﺨﻄﻠﻒ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺍﻫﻮ ﺍﮔﺮ ﺍﺭﺗﻘﺎ ڪﺮﻱ ﺑﻪ ﺗﻪ ﻫڪ ﻗﺴﻢ ﻣﺎﻥ ﭔﻴﻮﻗﺴﻢ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ . ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ﺟﻲ ﺍﺭﺗﻘﺎ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻨﻬﻦ # ﭘﻮﭘٽ ﮐﻲ ﭜﻨڊﻳﻦ ﺗﻲ ﺍڏﺭﻧﺪﻱ ڏﺳﻮﻥ ﺍﺻﻞ ۾ ﭜﻨڊﻱ ﺟﻲ ﻫڪ # ﺳﻨڊﻱ ﺁﻫﻲ ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﺣﺪ ﻃﺌﻲ ڪﺮﻱ ﭘﻮﭘٽ ﺑﻨﺠﻲ ﭤﻲ . # ﻻﺭﻭﺍ ﺟﻴڪﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﮘﺎڙﻫﻲ ﺭﻧﮓ ﺟﻮ ﺁﻫﻲ ﭰﺘڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﻭڏﻭ ﭤﻲ ڏﻳڏﺭ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .. . . ﺍﺋﻴﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﺍﺭﺗﻘﺎ ۽ ﺯﻭﺍﻝ ﺟﻮ ﻋﻤﻞ ﺟﺎﺭﻱ ﻭ ﺳﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﻧﻈﺮﻳﻲ ﺑﻪ ﺻﺮﻑ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻫﺮ ﺑﺎﺋﻴﻮﻻﺟﻲ ﺟﻲ ﻃﺎﻟﺐ ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﮐﺎﻥ ﺑﻴﮕﺎﻧﻮ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ .
ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺭﻫﻨﺪﻱ ﺑﻪ ﻣﺬﻫﺐ ڪﻮ ﻧﻪ ﮀڏﻳﻢ ﮀﻮﺗﻪ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺗﻪ ﺻﺮﻑ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻲ ڪﺮﺷﻤﻦ ۽ ﻗﺎﻧﻮﻧﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﭴﺎﮠ ڏﻧﻮ ﭘﺮ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻴڪﻮ ﺷﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ڏﺋﻲ ﭤﻮ ﺍﻫﻮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻭٽ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﻣﺜﺎﻝ ﺳﻤﺎﺝ ﺍﺧﻼﻕ ﺗﻤﺪﻧﻴﺖ ۽ ﺍﻣﻴﺪ . ﺍﺣﺴﺎﺱ ﻧﺎﺗﻮ، ﺟڏﻫﻦ ﻓﺮﺳٽ ﻳﻴﺌﺮ ﺟﺎ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ڏﺋﻲ ﺳﻴڪﻨڊ ﻳﻴﺌﺮ ۾ ﺁﻳﺲ . ﻫﺘﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻴﺎﺭﻱ ﺍﺩﻳﺐ ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺍﻟﻄﺎﻑ ﮔﻮﻫﺮ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﭤﻲ . ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺑﻴﻬﺎﺭﻱ ﺳﺒﻖ ﭘڙﻫﺎﺋﻴﻨﺪﻭ . ﺍﺳﺎﻥ ﭘڙﻫﮡ ﺟﺎ ﻣﺎﻫﺮ ﺑﺎﻗﻲ ﻟﻔﻆ ڏﮐﻴﺎ ڪﻮﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻮﻥ . ﺳﻨﮅ ﺳﺎﻥ ﻣﺤﺒﺖ ﻭﻃﻦ ﭘﺮﺳﺘﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﮑﻴﻮ . ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﻣﺎﻥ ﺍﻫﻲ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ﺟﻴڪﻲ # ﻗﺼﺺ _ ﺍﻻﻧﺒﻴﺎﺀ ۾ ﭘڙﻫﻴﺎ ﺗﻪ ﮄﺭﺗﻲ ڏﺍﻧﺪ ﺟﻲ ﺳﮝﻦ ﺗﻲ ﺭﮐﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﭤﮅ ۽ ﮔﺮﻣﻲ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺟﻬﻨﻢ ﺟﻮ ﺳﺎﻩ ﮐﮣﮡ ﺁﻫﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻮ ڪﻮڙ ﺛﺎﺑﺖ ڪﻴﻢ . ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﮄﺭﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﺸﺶ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺳﭝﻨﻲ ﺷﻴﻦ ﮐﻲ ﺟﻬﻠﻴﻮﻥ ﺑﻴﭡﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﮔﺮ ﮔﺮﻳﻮٽﻲ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ﭘﻮﻱ ﺗﻪ ﺟﺒﻞ ﭘﻬﺎڙ ﺑﻪ ﺍﮄﺭﻱ ﺩﺯ ﭤﻲ ﭘﻮﻥ . ﮄﺭﺗﻲ ڪﻨﻬﻨﺒﺠﻲ ﺳﮑﻦ ﺗﻲ ﻧﻪ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺪﺍﺭ ۾ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ﺳﺞ ﺳﭝﻨﻲ ﺳﻴﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﮔﺮﻣﻲ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﺎﮠ ڏﺍﻧﻬﻦ ﮀڪﻴﻮﻥ ﺑﻴﭡﻮ ﺁ ﺍﮔﺮ ﺳﺞ ﺟﻲ ﮔﺮﻣﻲ ﭤﮅﻱ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﭛ ﺳﻴﺎﺭ ﮀڏﺍﺋﺠﻲ ﭘﺎﮠ ۾ ٽڪﺮﺍﺋﻲ ﺗﺒﺎﻩ ﻭ ﺑﺮﺑﺎﺩ ﭤﻲ ﭘﻮﻥ . ﺳﺮﺩﻱ ۽ ﮔﺮﻣﻲ ﺟﻮ ﭼڪﺮ ﮄﺭﺗﻲ ﺟﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺁﻫﻲ ﺳﻴﺎﺭﻱ ۾ ﺳﺞ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﺮﻱ ﭤﻲ ﭘﻮﻱ ﭤﻮ ﺍﻥ ڪﺮﻳﺴﺮﺩﻱ ﺁﻫﻲ ﺍﻭﻧﻬﺎﺭﻱ ۾ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﺠﻲ ڪﺮﻱ ﮔﺮﻣﻲ ﺁﻫﻲ . ﻣﺬﻫﺐ ﺍﻫﻮ ﭤﻮ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻮﺍ ﮐﻲ ﻓﺮﺷﺘﻮ ﭤﻮ ﻫﻼﺋﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻮﺍ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﺮ ﺟﺎﺀ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ ﺑﺲ ﻣﺎﻟﻴڪﻴﻮﻟﻦ ۾ ﭼﺮﭘﺮ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻫﻠﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﺮﻱ ﭤﻲ . ﻣﺬﻫﺐ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮﻧﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺤﺮﺍﻓﻲ ﻧﻪ ڪﺮﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﺟﻬﻨﻢ ۾ ﺳﺎڙﻳﻨﺪﻭ . ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﻤڪﻦ ﺋﻲ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ڪﻮ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻭﺭﺯﻱ ڪﺮﻱ . ﻗﺪﺭﺕ ﺍﻧﺴﺎﻥ ۾َﺑﮏ ﭘﻴﺪﺍ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺳﺞ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺪﺍﺭ ﺑﻴﭡﻞ ﺁﻫﻲ . ﮄﺭﺗﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻮ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڪﻮ ﺟﭣ ﻫﻴڏﻱ ﻫﻮڏﻱ ﻧﻪ ﭤﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺍٽﻞ ﻗﺎﻧﻮﻧﻦ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻭﺭﺯﻱ ڪﻮ ﺑﻪ ڪﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﻫڪﺪﻡ ﺳﺰﺍ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻣﺜﺎﻝ ﺍﮔﺮ ڪﻮ ڊﺍڪٽﺮ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﻭﺭﺯﻱ ڪﺮﻱ ﺳﺎﻩ ﺟﻲ ﻧﻈﺎﻡ ﮐﻲ ﭰﭱڙﻥ ﻣﺎﻥ ﭰﻴﺮﺍﺋﻲ ﺟﮕﺮ ﺳﺎﻥ ﮘﻨﮃﻳﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﺳﺰﺍ ﻣﻠﻨﺪﺱ ﻫﻤﺮﺍﻩ ﭼٽ .
ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻲ ڪﺎﺭﻳﮕﺮﻱ ﮐﻲ ﺍﺑﺘﻮ ڪﺮﻱ ﺧﺎﻟﻖ ﮐﻲ ﻣﺨﻠﻮﻕ ﭘﻴﺶ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺳﺒﺘﻮ ڪﺮﻱ ﻗﺪﺭﺕ ﮐﻲ ﺟﻠﻴﻞ ﺍﻟﻘﺪﺭ ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ ﺑﻲ ﻧﻴﺎﺯ ڪﺮﻱ ﭘﻴﺶ ڪﺮﻱ ﭤﻮ . ﺍﻥ ﮐﻲ ڪﺮﻱ ﺍﻟﺒﺮٽ ﺁﺋﻦ ﺍﺳٽﺎﺋﻦ ﺗﻪ ﺗﺠﺮﺑﻴﮕﺎﻩ ﺋﻲ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻋﺒﺎﺩﺗﮕﺎﻩ ﺁﻫﻦ ..
ﭔﺎﺭﻧﻬﻦ ﺩﺭﺟﺎ ﭘﺎﺱ ڪﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﻲ ﺧﻴﺮﺁﺑﺎﺩ ڪﺮﻱ ﮔﻬﺮ ﺭﻫﺠﻲ ﭘﻴﺲ .
ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻗﺎﺩﺭ ﺟﻲ ﻗﺪﺭﺗﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﭘﺮﮐﮡ ۽ ﺳﭹﺎﮢﮡ ﺟﻮ ﻋﻠﻢ ڏﺋﻲ ﻗﺪﺭﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﮐﺎﻥ ﺑﻴﮕﺎﻧﻮ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ . ﺑﺎﻗﻲ ﺭﻫﻴﻞ ﻫﺌﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ۽ ﺍﺻﻮﻝ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾َﺳﺎﺋﻨﺲ ڪﺠﻪ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻣﺬﻫﺐ ﮐﻲ ﺍﭸﺎ ﺑﻪ ﻓﺎﻟﻮ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﺌﺲ .
ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺠﺮﺑﻦ ﺳﺎﻥ ڪﻮڙﻥ ﺧﺪﺍﺋﻲ ﻧﻈﺮﻳﻦ ۽ ﺳﻨﺪﻥ ڪﺎﺭڪﺮﺩﮔﻴﻦ ﮐﻲ ڪﻮڙﺀﺛﺂﺑﺖ ﭤﻮ ڪﺮﻱ . ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺍﭸﺎﻥ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻣﺎﻟڪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺧﻼﻑ ڪﺠﻪ ﺑﻪ ﺛﺎﺑﺖ ﻧﻪ ڪﺮﻳﺒﺴﮕﻬﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﺧﺪﺍﭘﺮﺳﺖ ﻓﻠﺴﻔﻴﻦ ﺻﻮﻓﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻤﺎﻥ ﮐﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﺎﺋﻴﻦ .
ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻘﻠﻴﺪ ﮐﺎﻥ ﻫٽﺎﺋﻲ ﺗﺤﻘﻴﻖ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﺋﻞ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺗﺼﻮﻑ ۾ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﮡ ﻟﮙﻮ .
ﺍﺧﻼﻕ ﺳﻤﺎﺟﻴﺎﺕ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻤﺎﻝ ﺳﭛ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻧﻪ ﭤﻲ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﺍﻫﻲ ﻣﻌﻘﻮﻟﻲ ﺁﻫﻦ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻣﺤﺴﻮﺳﻲ ۽ ﺛﺎﺑﺘﻲ ﻃﺒﻌﻲ ﻋﻠﻢ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻓﻠﺴﻔﻮ ۽ ﻧﻔﺴﻴﺎﺕ ﺑﻪ ﮔڏﺍﺋﻲ ﮐﻨﻴﻢ .
ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺁﺀ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭘﺮﺳﺖ ﺑﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﺗﻪ ﺍﻟﻠﻪ ﺟﻲ ﭘﻬﭽﺎﻥ ڪﻴﺌﻦ ڪﺮﻳﺎﻥ ﺍﻫﺎ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﻫڪ ﻫﺴﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻦ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﭤﻲ ﭘﻮﻱ ﭤﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺍﮠ ڏﭠﻮ ﻣﺠﺎﺯﻱ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺁﻫﻲ . ﺗﻪ ﭘﻮﺀ ﻧﻴﭡَﭙﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ﮐﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۽ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﻣﺎﻥ ﻫٽﺎﺋﻲ ﺗﺼﻮﻑ ڏﺍﻧﻬﻦ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺛﺎﺑﺘﻴﻦ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﻧﻈﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻝ ﻣﺎﻥ ﺧﺪﺍ ﮐﻲ ڪﮃﻱ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ . ﻓﻮﻥ ڪﺎﻝ ﺗﻲ ﺩﻫﺮﻳﻦ ﺳﺎﻥ ڪﭽﻬﺮﻱ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺍﻳﻤﺎﻥ ﺧﺪﺍ ﺗﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻭﻳﻮ . ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﺗﺼﻮﺭ ﮐﻲ ﻭﺟﺪﺍﻧﻲ ڪﻴﻔﻴﺖ ۾َڏﺳﮡ ﻻﺀ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻮ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻢ ۽ ﺍﺗﺎﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻌﻘﻮﻟﻲ ﻭﺟﺪﺍﻧﻲ ﺩﻭﺭ ﺷﺮﻭﻉ ﺁﻫﻲ .
معقولي دنيا ۾ قدم رکندي مونکي ڪيترن فلاسافرن جا فلسفه پڙهڻ لاء مليا جن ۾ #هينري_برگسان  #ڪانٽ #هيوم #جارج برڪلي #هيگل #ڪارل مارڪس ۽ مسلم فلسفين ۾  #ابن_عربي #امام_غزالي #ابن_رشد  قديم يوناني فلسفين ۾ #سقراط #افلاطون #ارسطو #دمقراط وغيره.

فلسفي جي دنيا ۾ به مذهب وانگر نظرياتي جنگ لڳي پئي آهي. فلسفو پڙهندي ئي مون شيطان جي وجود جو انڪار ڪيو ائين انسان جي گناه جو زميوار ۽ ڪارڻ انسان ۽ سندس فعل ڪيم فلسفي جا مکيه فرقا هڪ #ماديت_پسند  ٻيو #تصوريت پرست آهن ماديت جي فلسفي جو ڏس يونان جي فلسفي دمقراط کان ملي ٿو جنهن کي ڪارل مارڪس ۽ اينجلس نئون روپ ڏيئي فلسفي کي گهڻي قدر سائنس ۾ ضم ڪري ڇڏيو. تصوريت پرستن ۾َافلاطون هو تصوريت پرست فلسفين ۾ جديد دور جو هيگل.مشهور آهي.

فلسفو اختيار ڪندي مذهب جو وڏي وات انڪار ڪيم . اسان جي ڳوٺ کان ڪجه ڪلوميٽر پري هڪ واعظ ٿي رهيو هو مون ڏي پنهنجي استاد جنهن کي منهنجي لامذهب هجڻ جي اڃا خبر ڪونه هئي تنهن لکي موڪليو ته. ”پيارا نظام الدين السلام عليڪم جيئن ڳوٺ پنيل ٽانوري ۾ جلسه سيرت مصطفي ٿي رهيو آهي جنهن ۾ حضرت مولانا محمد عيسي ٽانوري جن خطاب ڪندا ۽ ٻيا به عالم اچي رهيا آهن توهان به هن ديني جلسي ۾ شرڪت ڪري ثواب حاصل ڪندا . فقط اوهان جو ظفر بلوچ“

مون خط ۾ لکي موڪليو ته:

”سائين اوهان جو خط پڙهي بيحد خوشي ٿي پر ڇا ڪجي زماني جي ڪم ڪارن ۾ ايترا ته  مصروف آهيان جو واعظ ته ڇا پر توهان سان ملڻ لاء به وقت ڪونهي فقط اوهان جو فرمانبردار شاگرد نظام الدين اولي ويا“

خير ان ڏينهن کان پوء مان بلوچستان هليو ويس اتي منهنجو نظرياتي استاد جنهن مون کي ديوبنديت جو درس ڏنو. اڳي جڏهن به ويندو هوس ته پنهنجي موبائل جو ميموري ڊاهي ڇڏيندو هوس. پر ان ڀيري ميموري ڪو نه ڊاهيم جنهن ۾ گيت گانا فلمو پيل هيون. اتي به ساڳيائي واعظ ٻڌا اٿم پر مان اهواڳيون نظام ته ڪونه هييس جو مولوي سان تبليغ لاء چلو لڳائڻ  جو واعدو ڪريان يا جمعيت جي رڪنيت  حاصل ڪرڻ نمائندن سان ملڻ جا ڊاڙ هڻان. مولوي فداحسين جڏهن به ڪو تقرير مسجد ۾ ڪندو هو ۽ مونکي به سمجهائيندو هوته: ” الله تعالي هڪ سنت زنده ڪرڻ واري کي ستر شهيدن جو ثواب ڏيندو“اتي ڀلجي مون به فلسفين جو رويو اختيار ڪندي سوال ڪيو “جيڪڏهن هڪ سنت زنده ڪرڻ سان ستر شهيدن جو ثواب آهي ته پوء مجاهد غازي جهاد ڇو ٿا ڪن ان کان افضل ثواب ته سنت قائم ڪرڻ آهي“  مولوي کي ڪجه شڪ ٿيڻ لڳو ته همراه اڳيون نه آهي.  پوء ائين مولوي سان اختلاف شروع ٿيا.  واپس جڏهن گهر يعني جيڪب آباد پنهنجي ڳوٺ آيس ته استاد صاحب جا ٽي خط پيل هئا جن ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هئائين. ”نظام تون هي ڇا ڪيو ؟ علماء حق جو رستو ڇڏي مرتد ٿي وئين؟ توکي ائين نه جڳائي پيارا واپس اچ“

خبر ناهين ته استاد کي اهو ڪنهن ٻڌايو جو مون کي مرتد ۽ ڪافر جي فتوائن جا ڊگريون موڪليائين. خير پوء ته ڳوٺ ۾ عام ٿي پيو منهنجي باري ۾  اهي ماڻهو جيڪي مونکي ڏسي چوندا هئا نعري حيدري سي هاڻي جي ڏسن ته مان جواب ۾ چوان يا علي مدد. مطلب اڳ ۾ ان نعري کان مونکي نفرت هئي پر هاڻي ته هر ڪنهن جي نعري جو جواب ڏيان. ان دوران منهنجو فون رابطو استاد محترم علي اڪبر ڪٽوهر سان شروع ٿيو جيڪو ڳڙهي خيري جو رهواسي ۽ استاد آهي جيڪو پاڻ ماده پرست لامذهب آهي گهڻي حد تائين اتفاق هجڻ جي ڪري به خدا جي وجود تي اختلاف آهي ان سان. ان بعد ڊگري ڪاليج ويس ته اتي پرنسپل آفيس ۾ منهنجو ملاقات پروفيسر الطاف سان ٿيو  جيڪو پاڻ صوفي سوڇ جو ماڻهو آهي جنهن سان به فلسفي ۽ نفسيات جي باري ۾ ڪڇهري ٿي جيڪي مونجهارا هئا حل ٿيا. سائين مونکي ٻڌايو ته هن جو هڪ شاگرد عمران جمالي جيڪو ريحان فوٽو اسٽيٽ ۾ ويٺو آهي ان سان ملندو ڪر. ان ڏينهن ته واپس ڳوٺ هليو آيس پر هفتي کان پوء عمران جمالي سان  ملڻ ٿيو .دوست پاڻ هڪ سنجيده انسان آهي ڪجه دير تائين هن سان ڪچهري ٿي جيڪو پاڻ ماديت پسند آهي پر خدا کي مڃي ٿو.

مونکي فلسفي جي تعليم ايتريقدر خدا پرست بنائي ڇڏيو جو ڪنهنن به دهريي جي ڪوشش سان منڪر نه ٿي سگهيس.

فلسفي ۾ مونکي برگسان ڪانٽ هيگل جي فلسفي متاثر ڪيو. مارڪس جي ماديت مان متاثر ته آهيان پر مان سمجهان ٿو ته مارڪس مادي کي وجود چئي ٿو پر برڪلي جو فلسفو صوفي ازم سان ملي جلي ٿو. برڪلي چوي ٿو ته شيون موضوعي آهن انهن کي پنهنجي وجود ڪونهي جيسين اسان جو ذهن انهن کي وجود نه ڏئي سائنسي فلسفين وٽ ته هي بنياد ۽ هڪ ڪلابازي آهي پر جيڪڏهن هن کي وحدت الوجود جي نقطه نظر سان ڏسجي ته بعضي صحيح آهي ڇاڪاڻ ته برڪلي نفس کي حقيقت ڪليه ٿو چوي مادي جي حالتن صورتن شڪتي کي به ذهن ئي متعارف ڪري ٿو. پر ظاهري طور تي ته شيون يا دنيا م معروضي آهن. ڀلا ذهن يا نفس ئي ته اهو چوي ٿو جيسين شين جي تعارف جو علم آهي ته ذهن وٽ.

خدا جي موضوع تي ته برگسان ۽ ڪاانٽ نهايت ديده دليري سان چيو ته اسان جي عقل جو گذر ان طرف آهي ئي ڪونه جنهن طرف اهو پاڪ هستي آهي. يعني اسان جو عقل جتان شروع آهي طاقت تي ان جي بنياد آهي ان کان عقل شروع آهي ته اهو عقل پنهنجي بنيادي شڪتي کي ڪيئن ادراڪ ۾ آڻي سگهي ٿو؟

هيوم ته اڃا واضح ڪندي چوي ٿو ته ان وجود تائين پهچڻ لاء اهل تصوف وارو رستو صحيح آهي يعني وجدانيت جي ذريعي ئي ان پاڪ هستي کي پروڙي سگهجي ٿو.

مذهب کان بيزار ڇو ٿيس آخر ۾ اهو لکڻ به ضروري سمجهيم ان ڪري لکان ٿو.

مذهب يا مذهبي رهنما سامي پيغمبر ۽ غيرسامي اوتارن ۽ گروئن جو هن دنيا ۾ مذهب نافذ ڪرڻ جو مقصد انساني سماج کي سڌاري ماڻهن کي جانورن جي  سماج کان الڳ ڪرڻ هو انهن وقتي تقاضا مطابق شريعتون جوڙي انسانذات کي علم عمل قانون کان روشناس ڪرايو.پر جڏهن ته انهن جي وارث ملن پنڊتن پادرين ان علم کي ابدي بنائي ماڻهن ۾ فرقا پيدا ڪري نه رڳو مذهب جا ڌوڙيا ڪڍيا پر قومن ۾ تباهي جهالت ۽ اختلاف جا سبب پڻ ٿيا. اڄ ڪله انساني شعور مذهبي حدود لتاڙي  دنيا کي هڪ نئون رخ ڏيئي ايمان کان عقل ڏانهن موڙي ڇڏيو.

موجوده دور ۾ مذهب شعور جو دشمن ۽ انسانيت جو ويري آهي.اڄ جي مذهب ۾ خدا پرستي نه پر ملاگردي زياده آهي خدا جا عاشق مرتد ٿا سڏجن ملن جا عاشق مجاهد غازي فقير ٿا سڏجن. خدا جي نالي تي انسانن  کي ٿا مارين.

صوفي ازم راه حق آهي.

جيتوڻيڪ فلسفي جو بنياد عقل شڪ ۽ خيال آهن تڏهن به جديد دور ۾ صوفي ٿيڻ ۽ تصوف جا رمز ڄاڻڻ لاء فلسفي ٿيڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته فلسفي ۾ ماڻهو پنهنجي ايمان تي سوال ڪندو آهي جيڪو ايمان تقليد وهم جهل تي بيٺل هوندس سو ايمان ڦري معقولي تجربي خيالي پراسيس مان گذري وجدانيت تائين پهچائيندس.

بهرحال اڃان نفسيات ۽ فلسفي ۾ ڦاٿل آهيان اميد اٿم ٿه هتان کان سئين راه تي پهچندس.

ہفتہ, جنوری 23, 2016

ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڪﻬڙﻱ ﺁﻫﻲ؟
ڪﺠﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﮖ ﻣﻮﻥ ﺳﻮﺍﻝ ڪﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڪﻬڙﻱ ﺁﻫﻲ؟ ﺍﺗﻲ ﻣﻮﻥ ٽﻲ ﺁﭘﺸﻦ ڏﻧﺎ ﻫﺌﺎ . ‏( 1 ‏) ﻣﺬﻫﺒﻲ ‏( 2 ‏) ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ‏( 3 ‏) ﻓﻠﺴﻔﻮ .
ڪﺠﻪ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﻲ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻗﺮﺍﺭ ڏﻧﻮ ڪﺠﻪ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﮐﻲ ﺗﻪ ڪﺠﻪ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﮐﻲ . ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﻫﺮﺷﺨﺺ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻠﻢ ﻓﻬﻢ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺍﻧﻬﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺟﻮﺍﺏ ۾ ﺑﻪ ﺍﻫﻮ ﻟﮑﻴﺎﺋﻮﻥ . ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺗﻪ ﻋﻠﻢ ڪﻬڙﻱ ﺑﻪ ﻫﺠﻲ ﺍﻫﺎ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺳﻮﭼﮡ ﺍﻥ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﻻﺀ ﺭﺍﻫﻮﻥ ﻫﻤﻮﺍﺭ ﭤﻮ ڪﺮﻱ . ﭘﻮﺀ ﺍﻫﺎ ﻋﻠﻢ ڪﻬڙﻱ ﺑﻪ ﻫﺠﻲ . ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻣﺬﻫﺐ ۽ ﻓﻠﺴﻔﻮ؟ ﻣﺬﻫﺐ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﻣﺎﻓﻮﻕ ﺍﻻﻧﺴﺎﻥ ﺗﺼﻮﺭ ﭤﻮ ڪﺮﺍﺋﻲ، ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻲ ﻧﻘﻄﻪ ﻧﻈﺮ ﺳﺎﻥ ڪﻮﺑﻪ ﻋﻠﻢ ﻳﺎ ﻭﺟﻮﺩ ﻳﺎ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﻣﺎﻓﻮﻕ ﺍﻻﻧﺴﺎﻥ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺋﻲ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺍﺻﻞ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ . ﻳﻌﻨﻲ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﻣﺎﺩﻱ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻮ ﻗﺎﺋﻞ ﺁﻫﻲ . ﻣﺬﻫﺐ ﻏﻴﺒﻲ ﺟﻬﺎﻥ ﮐﻲ ﻓﻮﻗﻴﺖ ﭤﻲ ڏﺋﻲ . ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﺳﭽﺎﺋﻲ ڪﻨﻬﻦ ﻭٽ ﺁﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﺗﻲ ﻣﺘﻔﻖ ﻧﻪ ﺁﻫﻦ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺣﻖ ۽ ﺳﭻ ﺍﭲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺨﻔﻲ ﺁﻫﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﻣﺎﻥ ڪﻨﻬﻦ ﻫﻲ ﺭﺍﺀ ﻳﺎ ﺗﺼﻮﺭ ﻣﺴﺘﻨﺪ ڪﻮﻧﻬﻲ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺍﺋﻴﻦ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﺳﻮ ﻓﻴﺼﺪ ﺳﭻ ﺁﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ﻣﺬﻫﺐ . ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﻭٽ ﻏﻴﺐ ﺟﻲ ﺗﺼﺪﻳﻖ ﻻﺀ ﭠﻮﺱ ﺩﻟﻴﻞ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻦ . ﺍﮔﺮ ڪﻮ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ڪﺮﻱ ﺗﻪ ﻭﺍﻩ ﻭﺍﻩ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﺮﺿﻲ . ﻓﻠﺴﻔﻲ ﻭٽ ﻏﻴﺒﻲ ﻗﻮﺗﻦ ﻣﻘﺎﺻﺪ ﺣﻴﺎﺕ ﻗﻮﺍﻧﻴﻦ ﻓﻄﺮﺕ ﺟﻮ ﻣﻘﺼﺪ ﻭﺍﺿﺢ ڪﺮﮠ ﻻﺀ ڪﻮﺑﻪ ﻧﻈﺮﻳﻮ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻗﻴﺎﺱ ﺍﭼﻲ ﺍﻫﻮ ﺍﻥ ﻋﻠﻢ ﺗﻲ ﮄﻳﺎﻥ ڏﺋﻲ .
ٽﻴﻮﻥ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻴڪﻮ ﻣﺬﻫﺐ ۽ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻲ ﺑﺎﻫﻤﻲ ﻧﻈﺮﻳﺎﺗﻲ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻭﺟﻮﺩ ۾ ﺁﻳﻮ . ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ۾ ﺳﻮ ﻓﻴﺼﺪ ﻧﻴﻮٽﺮﻝ ﻋﻠﻢ ﺟﻴڪﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﺩﻱ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﺪﻫﻲ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻭ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ﺳﺎ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ . ﻫڪ ﻓﺮﺩ ﺍﮔﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﻫﻨﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﻳﺎ ﻋﻤﻠﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﭤﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻋﻠﻢ ﻻﺯﻣﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ .
ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺧﻮﻑ ﺣﺮﺍﺱ ﺍﻋﺘﻘﺎﺩﺍﺕ ﻭ ﺍﻳﻤﺎﻧﻴﺎﺕ ﺗﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻮ ﺻﺮﻑ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺍﺧﻼﻗﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻟﻴﻮﻝ ﺗﻲ ﺍﺻﻼﺡ ڪﺮﻱ ﺍﻧﺴﺎﻥ ۾ ﺧﻮﻑ ﺟﺬﺑﻮ ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺍﺗﺤﺎﺩ ﮐﻲ ﻫﭥﻲ ڏﺋﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﭤﻮ .
ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺷڪ، ﺧﻴﺎﻝ، ﻋﻘﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻣﻌﻨﻲ ۾ ﺻﺤﻴﺢ ﻏﻠﻂ ﺟﻲ ﭘﺮﮎ ﻣﻌﺎﺷﺮﺗﻲ ﺍﺻﻮﻝ ﭠﺎﻫﮡ ۽ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﻳﺎ ﺍﺟﺘﻤﺎﻋﻲ ﺍﺻﻼﺡ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .
ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻓﺮﺩ ﺟﻲ ﺍﺟﺘﻤﺎﻋﻲ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ۾ ﺍﺧﻼﻗﻲ ﺍﺻﻮﻝ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺷﻌﻮﺭ ﻭﮄﺍﺋﻦ ﭤﺎ .
ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺍﻫﻮ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺨﻄﻠﻒ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﻭﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﻗﺎﺑﻞ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ .
ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ . ﻣﺸﺎﻫﺪﻭ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﺗﺠﺮﺑﻮ ۽ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ۾ ﺣﻴﺮﺕ ﺍﻧﮕﻴﺰ ﺷﻴﻮﻥ ﺍﻳﺠﺎﺩ ڪﺮﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻱ ڪﺮﻱ ﭤﻲ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻭٽ ﺍﺧﻼﻕ ۽ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺳﻨﺪﺱ ﺟﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﮐﺎﻥ ﮔﻬٽ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ . ﻫڪ ﺷﺨﺺ ﺑﺎﺧﻼﻕ ﺑﺎ ﺷﻌﻮﺭ ﺑﻪ ﺗڏﻫﻦ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺟﻴڪﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﭘﺮ ڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺍﺧﻼﻗﻲ ﺍﺻﻮﻝ ﺷﻌﻮﺭ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﻭﻗﺖ ﺗﻨﮕﻲ ۾ ﻭﺳﺮﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ . ﻣﺎﺩﻱ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﻧﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﭘﺮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻧﻪ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﭘﺮ ﺍﻫﺎ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺭﺍﺋﻲ ﻻﺀ ﺍﻳﺠﺎﺩﻭﻥ ڪﺮﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺁﺳﺎﻥ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺭﺍﺋﻲ ﻻﺀ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺗﻪ ﻣﺪﺩ ڪﺮﻱ ﭤﻲ . ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ‏( ﻣﺎﺩﻱ ﻋﻤﻠﻲ ‏) ﺿﺮﻭﺭﺗﻮﻥ ﺍﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﺭﻭ ﻧﻪ ﺗﺎ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻦ ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻫﺮ ﺧﺎﺹ ﻭ ﻋﺎﻡ ﮐﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﮔﻬﺮﺟﻲ

جمعرات, اکتوبر 15, 2015

انڊونيشيا ۽ جاپان ۾ اسلام جي تاريخ

انڊونيشيا ۾ اسلام

انڊونيشيا مطلب اوڀر هندجا ٻيٽ  ملڪ ۾ نوي سيڪڙو مسلمان آهن جيڪي تقريبن 20ڪروڙ جي لڳ بڳ ٿيندا. باقي هندو، ٻڌمت ۽ مقامي چيني رهاڪن ۽ بت پرستن تي مشتمل آهي. هي ملڪ 27 صوبن ۾ منقسم آهي ان جي ڊگهائي5150 ڪلوميٽر آهيڇ جيڪو آسٽريليا تائين ڦهليل آهي موسم مرطوب گرم آهي، گرمي پد 28  کان 33  تائين رهندو آهي. هوا ۾ گهم 80  سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيندي آهي-سيپٽمبر کان مارچ تائين برسات رهي ٿو.

اسلام جو آمد

پهرين صدي عيسوي ۾ انهن ٻيٽن ۾ هندي تاجرن جي آمد شروع ٿي ان جي ڪري انڊونيشيا ۾َ ٻڌ مت ۽ هندومت پکڙيو. ستين صدي عيسوي ۾ طاقتور ٻڌ سلطنت سري وي جايا ۾ قائم ٿي جيڪو وڌندي وڌندي بورودور جي سلطنت بنجي اوڀرندي جاوا ۾ اڀريو . انڊونيشيا جا

ڪيترائي علائقا ان جي زير اچي ويا اهو ٻه سال تائين قائم رهيو. جڏهن انڊونيشيا ۾ اسلام پهتو ته  جاوا جي سياسي حالت هي هئي ته ان جا مرڪزي ۽ اوڀرندا صوبا جيڪي آبادي ۽ تهذيب جي لحاظ کان ترقي يافته هئا -مجابهت نالي هندو رياست جي هيٺ هئا.

مغربي حصي ۾ چربن جي حڪومت ۽ چند ننڍيون ننڍيون رياستون هيون-ٻيٽ جا باقي علائقا جن ۾ مغربي گوشي جا سڀ ضلع شامل هئا اهي راجا يجاجرن جي حڪومت ۾ ايندا هئا

انڊونيشيا جو تاريخ پرامن اسلامي تبليغ جي داستان جو نهايت، دلچسپ پرڪشش سبق آموز باب آهي جيڪو هن امر جو واضح ثبوت آهي ته اسلام تلوار نه پر مبلغن جي ڪاوشن، همت ،۽ محنت سان پکڙيو. هر جاء تبليغي ڪم  ملڪ جي والين جي سرپرستي يا امداد جي بغير ٿيو.

ٻي صدي قبل از مسيح ۾ لنڪا جي بيروني تجارت عربن جي هٿ ۾ هئي- ستين صدي جي شروعات  ۾ چين جي شهر ڪينٽن ۾ عرب تاجر ڪثرت سان نظر آيا- ملايا ۾ اسلام   مالابار ساحل (هندستان) کان آيو جنهن جي بندرگاهن ۾ يمن ۽ ايران جا تاجر ايندا هئا ، انهن تاجرن  ملڪي زبان  ۽ رسم رواج سکيو- مقامي عورتن سان شاديون ڪيون ۽ پنهنجي ذهانت ، لياقت ، تقوي ، ايثار ، عدل ۽ انصاف جي ڪري پهرين درجي جي امراء ۾َ شامل ٿيڻ لڳا - آهستي آهستي انهن باهمي اتفاق سان هڪ قسم جي وفاقي  حڪومت ٺاهي  اهي ملايا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن ۾ فاتحن جي حيثيت سان نه پر پنهنجي ڪردار۽ اخلاق جي بلندي سان تبليغ لاء مضبوط  معاشرتي بنياد فراهم ڪئي.

مشهور آهي ته سماترا  ۾ اسلام بلاد عرب کان آيو پر سماترا جا پهريان مبلغ غالبََا  هندي مسلمان تاجر هئا . ملايا جي تاريخ  مطابق آنجا جي هڪ علائقي جيڪو سماٽرا جي اوتر اوله ۾ آهي هڪ عرب بزرگ عبدالله  عارف جي تبليغ جي نسبت سان ٻارهين صدي عيسوي  جي وچ ۾ داخل ٿيا ان جو هڪ مريد برهان الدين اسلام جو پيغام سماترا  جي مغربي ساحل پريمڊ تائين کڻي ويو.

هڪ قديم انڊونيشي ڪتاب  شجره ملايو ۾ لکيل آهي  ته جناب رسول صلي الله عليه وسلم  جن پيشن گوئي فرمائي ته سمودرا جا ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيندا انڪري شريفِ مڪه چند ماڻهن کي سماٽرا موڪليو ته جيئن اتي اسلام جو نور پکيڙي سگهجي.  ان جماعت جي سربراه جناب شيخ اسماعيل هو - اهو مالابار کان روانو ٿيڻ کان پوء سماٽرا ٻيٽ جي مغربي ساحل پاسوري ويو. تبليغ جي برڪت سان اتي جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو - پوء اهي اتر جي طرف لمبري نالي علائقي ۾ ويا . پوء اتان کان آرو جيڪو مشرقي ساحل تي ملاڪا جي سامهو آهي، آرو پهچي ڪري سمودرا جو پتو پڇيائون جيڪو پيرولاڪ جي ڀرسان هو - سمودرا ۾  ان جي ملاقات حاڪم سان ٿي جنهن جو نالو ميراه سالو هو- شيخ اسماعيل  جي نظر ۽ شوق سان هن اسلام قبول ڪيو- هن کي خواب ۾َرسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي زيارت به نصيب ٿي. شيخ صاحب جن ميراه سالو کي قرآن ڪريم جو نسخو پيش ڪيو ۽ پڙهايو پوء هن کي راجا ڪري ”ملڪ الصالح“ جو خطاب ڏنو ان کان پوء  ملڪ الصالح راجا پيرولاڪ جي ڌي سان شادي ڪئي جنهن جي بطن مان ٻه پٽ پيدا ٿيا. ابن بطوطه 1345 ع ۾ سماٽرا جي سياحت ڪئي ۽ ملڪ الصالح  جي پٽ  ملڪ الطاهر کي حڪومت ڪندي ڏٺو ۽ هو تمام متقي ۽ ديندار بادشاه هو- شيخ اسماعيل  جي ڪوششن سان لمبري ۾ هڪ هزار خاندانن اسلام قبول ڪيو - مملڪت آرو جو بادشاه ۽ اتان جو رعيت به مسلمان ٿيو. چوڏهين صدي جي آخر ۽ پندرهين صدي جي شروعات ۾ مننگ ڪابو نالي هندو سلطنت  جي گهڻن سردارن اسلام قبول ڪيو  جيڪو سماٽرا جي ٻيٽ ۾ ڦهليل هئي- اسلام قن سلطنت ۾  تيزي سان پکڙڻ لڳو- لمپنگ جي ضلعن ۾ اسلام سڀ کان  پهريون جاوا جي طرف کان داخل ٿيو . جيڪو جاوا جي اولهندي ساحل تي  هئي ۽ ماڻهن ۾ دين پکيڙيو. جاوا ۾ اسلام جي ترويج  اتي جي هڪ شخص ٻارهين صدي جي ويجهي ڪئي هئي، جاوا جي اولهندي حصي ۾ يجاجرن رياست به هئي. اتان جي بادشاه ٻه ڇوڪرا ڇڏيا وڏي تجارت جو ڪرتو پسند ڪيو ۽ مال کڻي هندستان روانو ٿيو سلطنت پنهنجي ڀاء جي ننڍي ڀاء جي حوالي ڪئي جيڪو 1190ع ۾ پربومنڊنگ سري  جي نالي سان تخت تي ويٺو- وڏو ڀاء  عرب تاجرن جي تبليغ سان سان مسلمان ٿيو، هن عرب مبلغن جي مدد سان پنهنجي ننڍي ڀاء ۽ شاهي خاندان  کي مسلمان ڪرڻ چاهيو پر ڪامياب نه ٿيو. چوڏهين صدي جي اڌ ۾ ملڪ مولانا محمد ابراهيم  چند مسلمانن سان گڏ مدورا جي ٻيٽ جي سامهو گريسڪ شهر ۾ آباد ٿيو ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪيو - 1419 ع ۾ ان جو انتقال ٿيو ۽ گريسڪ ۾ مدفون آهي.

راجا مجاپهت چمپا جي راجا جي ڌيُ سان شادي ڪئي هئي، چمپا رياست ڪمبوڊيا ۾ آهي- ان راڻي کي راجا جي ٻي حرم.سان حسد پيدا ٿيو راجا پنهنجي ٻي حرم کي پنهنجي پٽ آريا دامر وٽ موڪلي ڇڏيو جيڪو سماٽرا ۾ پالم بنگ نالي علائقي جو حاڪم هو اتي ان راڻي کي هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو رادن پتا  رکيو. ان دوران راجا چمپا جي ٻي ڇوڪري مسلمان ٿي وئي هڪ عرب  سان ان جي  شادي ٿي جنهن مان رئيس المبلغين جناب رادن رحمت پيدا ٿيا. جڏهن رادن رحمت جو عمر 20 سال  ٿيو  ته والدين ان کي پنهنجي ماسڙ مجاپهت ڏي موڪليو- هو رستي ۾ ٻه مهينا پالم بنگ ۾ آريادامر جو مهمان رهيو، لڳ هو ته هن کي مسلمان ڪري ڇڏي پر هو پنهنجي رعيت جي خوف کان اسلام آڻي نه سگهيو.  رادن رحمت اتان کان گريسڪ پهتو جتي جناب شيخ جمادي الڪبري ان جو استقبال ڪيو- هن پيشنگوئي ڪئي ته  انڊونيشيا ۾ اسلام پکيڙڻ جو ذمو رادن رحمت جي سر تي هوندو. جيتوڻيڪ هو پاڻ مسلمان نه ٿيو پر رادن رحمت کي شهر امپل ۾ ٽن هزار خاندانن جو حاڪم مقرر ڪيو جلد ئي شهر امپل جاوا جو سڀ کان وڏو اسلامي مرڪز بنجي ويو ان جي هاڪ ٻڌي جناب مولا اسحاق امپل آيا ته جيئن رادن رحمت جي مدد ڪري.مولانا اسحاق کي  پالم بنگ جي رياست ۾  تبليغ اسلام لاء مقرر ڪيو ويو اتي پهچي ڪري هن راجا جي ڌيُ جو علاج ڪيو جيڪو شفاياب ٿي پئي شهزاديُ پوء وڏي گرم جوشي سان اسلام قبول ڪيو ان جي شادي مولانا اسحاق سان ڪئي وئي ان کي هڪ پٽ پيدا ٿي جنهن جو نالو رادن پاڪو رکيو ويو. ان کي رادن رحمت ڏي موڪليائين جتي هن جي پرورش ٿي پوء  رادن رحمت جي ڌي سان ان جي شادي ٿي - رادن پاڪو گري ۾ مسجد تعمير ڪئي ۽ هزارين ماڻهن  کي مسلمان ڪيو. رادن رحمت جو انتقال ٿيو ته راجا مجاپهت ان کي امپل ۽ گريسڪ جو  حاڪم مقرر ڪيو. رادن رحمت جي ٻن پٽن جاوا جي اتر اولهندي  ساحل تي سڪونت اختيار ڪئي۽ تبليغ جي ڪري خوب شهرت ماڻي- راجا آريا دامر جيتوڻيڪ اسلام قبول ڪونه ڪيو پر پنهنجي ٻارن جي تربيت اسلامي طريقن سان ڪرائي. جڏهن راجا  رادن پته راجا مجاپهت جو پٽ جڏهن ويه  سالن جو ٿيو ته آريادامر ان کي پنهنجي رضاعي ڀاء رادن حسين سان گڏ جاوا جي طرف روانو ڪيو هي ٻئي گريسڪ ۾ رادن رحمت وٽ ترسيا- رادن پتا رادن رحمت جي پوٽي سان شادي ڪئي- انهي دوران ماء سان بدسلوڪي جي ڪري ادن پتا راجا مجاپهت ڏي وڃڻ کان انڪار ڪيو، هن بنترا جي د لد لي علائقي ۾ جيڪو گريسڪ جي لڳ هئو سڪونت اختيار ڪئي - هيڏانهن رادن حسين کي راجا مجاپهت پنهنجو سپه سالار مقرر ڪيو ۽ هڪ ضلعي جو حاڪم مقرر ڪيو. ان کان پوء هن رادن پتا کي راجا مجاپهت وٽ وٺي آڻڻ جي پڪوپه ڪئي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو. پيُ پٽ کي معاف ڪري ان کي بنترا جو حاڪم مقرر ڪيو. مگر رادن پتا  پنهنجي ماءُ سان ٿيندڙ بدسلوڪي نه وساري سگهيو هن 1478ع ۾ پي خلاف جنگ وڙهي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو ۽ راجا مجاپهت کي شڪست ملي ائين جاوا جي اوڀرندي حصي ۾ هندو راڄ بجاء هڪ اسلامي  حڪومت قائم ٿي وئي. ان واقعي کان پوء گهڻائي هندو جن اسلام قبول نه ڪيو  ڀڄي وڃي  بالي ٻيٽ ۾ آباد ٿيا ان ٻيٽ جي هندوآبادي  شيو ديوتا جو پوڄاري آهي. مرڪزي جاوا ۾ به هندومت جون جڙون مضبوط هيون 1768ع ۾ وڃي  منو سمري ۽ هندن جون ٻيون قانوني ڪتاب منسوخ ٿيون- اوڀر جاوا ۾ اسلام سورهين صدي جي آغا ز ۾ جناب شيخ نور الدين ابراهيم جي تبليغ سان پکڙيو جيڪو چربون  جو رهواسي هو - شيخ هڪ  مقامي عورت جو علاج ڪئي جنهن کي الله  پاڪ شفا بخشيو - ان واقعي کي ايتري شهرت ملي جو هزارين ماڻهن  ان وٽ اسلام  جي تعليم حاصل ڪئي. ڪيترائي راجا به مسلمان ٿيا  -شيخ نورلدين پنهنجي پٽ مولانا  حسن الدين کي اسلام جي تبليغ لاء بانٽم موڪليو  جيڪو هندو راجا يجاجرن جي زير هئو اتان جي ماڻهن به اسلام قبول ڪئي . اوله جاوا ۾ اسلام جي پکيڙڻ جو رفتار سست رهيو ڇاڪاڻ ته  شيو جي پوڄارين ۽ مسلمانن ۾ ڊگهي عرصي تائين  ڪشمڪش رهي. سورهين صدي جي وچ  کان اڳ  يجاجرن هندو سلطنت  جو خاتمو نه ٿي سگهيو- يجاجرن سلطنت  ختم ٿي ته اهي رهاڪ جيڪي پنهنجي اباڻي مذهب تي رهڻ چاهين پيا جهنگ ۽ پهااڙن ۾َ لڪي ويٺا ڪجه عرصي کان پوء انهن بانٽم جي سلطان جي اطاعت اختيار ڪئي ائين اسلام کي بت پرستي مٿان مڪمل فتح حاصل ٿي- اوله  جاوا ۾ شريعت هاڻي  هڪ زنده قوت آهي رئيس المبلغين رادن رحمت جو قبر سرايايا ۾ آهي مولانا محمد ابراهيم ، محمد اسحاق ۽ انهن جي چند متعلقين جو مزار گريسڪ ۾ آهي جتي ڪابه بدعت ناهين بلڪه قرآن خواني  ٿيندي آهي . 1600ع ۾ ولنديزين سلطان کي شڪست ڏئي ان جي ملڪ تي قبضو ڪيو ولنديزي آهستي آهستي پوري انڊونيشيا تي قابض ٿيا انهن جو قبضو 1945ع تائين  برقرار رهيو ان وچ ۾ اسلام کي يورپي تهذيب ، تمدن، جي يلغار جو مقابلو ڪرڻو پيو تڏهن اسلام جي بقا لاء 1912ع ۾  محمديه تحريڪ جنم ورتو. ان عرصي ۾ اسلام ، قديم هندو تهذيب  ۽ ٻڌمت جو امزاج شروع ٿيو ان عمل کي روڪڻ لاء ٻيا اسلامي تحريڪن جهڙوڪ شرڪت الاسلام  ۽ نهضت العلماء  وجود ۾ آيا. اڄ محمديه ۽ نهضت العلماء  انڊونيشيا جون وڏيون اسلامي جماعتون آهن. اهي جماعتون  غير سياسي آهن پر انهن جا رهنما سياست ۾ حصو وٺندا آهن. اهي اسلامي جماعتون تعليمي معاشرتي ۽ صحٿ جي ميدان ۾َ  خدمت انسانيت ۾ سرگرم آهن.

.

جا پا ن ۾ اسلام ۽ مسلمان

جاپان جي ترقي جو آغاز سن 1868ع کان ٿئي ٿو  هي دور ميجي دور هو ان وقت ايشيا ۾ صرف ٻه حڪومتون اهڙيون هيون جن کي آزادي حاصل هئي اهي هيون عثماني ۽ جاپاني حڪومتون. ڏکڻ سامراجي دٻاء جو مقابلو ڪري رهيون هيون  جنهن ڪري انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ خوشگوار ۽ مضبوط تعلقات قائم ڪرڻ جي طرف توجه ڏني انهن جي وچ ۾ سفارتي وفدن جو ڏي وٺ  به ٿيو انهن سفارتي وفدن ۾َاهم وفد اهو هو جنهن کي مرحوم  سلطان عبدالحميد  ثانيء 1890ع ۾ آل طغرل نالي جهاز  ذريعي جاپان روانو ڪيو ان تي سلطنت عثمانيه  جا ڇه  سو ترڪي عربي الباني ۽ بوسني نسل جا سپاهي سوار هئا جڏهن ان وفد جاپان ۾ پنهنجي مهم کي پورو ڪيو  ۽ اتان جي شهنشاه  سان ملاقات  ڪري واپسي لاء   روانو ٿيو  ته اڃا  انهن جو جهاز  جاپان جي ساحل اوساڪا جي ويجهو  ئي هو ته  سخت طوفان ۽ انڌيري  جهاز کي تباه ڪري ڇڏيو ساڍن پنج سون کان وڌيڪ  ماڻهو سلطان جي ڀاء ۽ عثمان ڀاشا سان  ٿيا. ان حادثي   ٻنهي حڪومتن  کي ڌچڪو رسائي  ڇڏيو  - بچيلن کي ٻن جاپاني جهازن ذريعي استنبول  روانو ڪيو ۽ شهيدن کي جاپان جي سرزمين تي دفن ڪيو  اتي هڪ ميوزم به قائم ڪيو ويو. اڄ تائين ترڪ ۽ جاپاني حڪومتن جي ردوبدل  جي باوجود هر پنج سال ۾ هڪ ڀيرو ان جاء تي جمع ٿيندا آهن  هي ترڪ ۽ جاپانين  جي دوستي خلوص محبت جي دليل آهي. ان حادثي کان پوء سن 1891ع ۾َهڪ  نوجوان جاپاني صحافي اوشاتارو نودا  شهيدن جي  اهل و عيال جي مدد لاء  جاپان ۾ هڪ امدادي مهم هلايو۽ ان امداد کي ساڻ کڻي استنبول پهتو ۽ ان کي سلطنت عثمانيه جي حوالي ڪيو ان کي سلطان عبدالحميد سان ملاقات جو شرف به حاصل ٿيو استنبول ۾ رهڻ دوران ان جي ملاقات  هڪ انگريز مسلمان عبدالله غليا سان ٿي جيڪو ليفربول جو رهاڪو هو ان سان ڳاله ٻوله دوران الله تعالي ان جو سينو اسلام جي نور سان ڀري ڇڏيو. اهڙي طرح سان هو مسلمان ٿيو. اسلامي دستاويزن مطابق ان پنهنجو نالو عبدالحليم رکيو انڪري هي چوڻ مناسب آهي ته عبدالحليم نودا پهريون شخص جاپاني مسلمان هو.ان کان پوء يامادا  نالي هڪ ٻئي شخص سن 1893ع ۾َ شهداء  جي اهل خاندان لاء  امداد ساڻَ ڪري استنبول  پهتو - سلطان عبدالحميد ان کي عثماني سپاهين کي جاپاني ٻولي سيکارڻ لاء  چيو  ٿورن ئي ڏينهن ۾ ان به اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو خليل يا عبدالخليل رکيو اهڙي طرح سان ان کي ٻيو جاپاني مسلمان سڏيو وڃي ٿو. ٽيون شخص احمد اريجا جيڪو مسيحي تاجر هو ان سن 1900ع ۾َ ممبئي جو سفر ڪيو  ممبئي جي هڪ مسجد ان جو دل فتح ڪئي ۽ هو ان ۾ داخل ٿي مسلمان ٿيو پوء هڪ مبلغ بنجي جاپان موٽيو ۽ قرآن ڪريم کي جاپاني ۾  ترجمي جي  عمل ۾ شرڪت ڪئي.ان وقت هندستان جي مسلمان تاجرن ٽوڪيو ڪوبي ۾ سڪونت اختيار ڪئي اهڙي طرح سا. هي سڀ کان پهريون  اسلامي برادري هو جيڪو جاپان ۾ مقيم ٿي

ہفتہ, اکتوبر 10, 2015

غريب طبقي سان ظلم ۽ فطري اصول .

جهڙي طرح سان دور  تبديل ٿيندو رهي ٿو تهڙي طرح سان معاشري جا امير روز بروز امير ٿيندا وڃن ٿا پر بي پهچ، مظلوم، مسڪين،غريب طبقو هر طرح سان اميرن جي هٿان برباد پيو ٿئي. مون کي افسوس آهي انهن روشن خيالن تي جيڪي  سوشلزم جا پيروڪار هوندي به انهن بي پهچن سان اهڙوئي ورتاء ڪندا آهن جهڙو امير طبقو ڪري.خدا انسان کي فطري طور تي آزاد خلقيو  بلاتفريق پيدا ڪيائين سڀ انسان فطرتي طور تي هڪ جهڙي بناوت  وارا آهن، پر معاشري جا رئيس رعيت بڻائي غريبن کي بيوقوف بڻائن ٿا. انسان جنهن کي ٻالو، ڀنگي، ڪم ذات سمجهي نظرن مان ڪيرائڻ قدرت جي ڪمال سان جنگ برابر آهي. هڪ غريب کي به اوتروئي جيئڻ جو حق آهي جيترو ٻي طبقي جي فرد کي.
غريبن کي قوميت ۾ ورهائي انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي قتل واقتال ڪندڙ وڏيرا ،رئيس، نواب، سردار ڪڏهن به آمهون سامهون  نه اٽڪندا نه ئي هڪ ٻئي جو قتل ڪندا،انهن جي اهڙي قسم جي فريب کي ڏسي ائين چئجي ته غريب طبقو امير طبقي جو هٿيار آهي جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪريس.پر امير طبقو امير ئي ڇو رهي ٿي؟ آء سمجهان ٿو ته اهو وهم پرستي، خوف، انڌي تقليد۽ شرڪ جي ڪري آهي. مثال هڪ غريب جڏهن به باشعور بنجي باغي ٿيڻ چاهيندو ته ان کي وسوسن جي مرض ۾ مبتلا ڪندا ته تون خدا جي ڏنل عزت جيڪو رئيس کي مليو انڪار ٿو ڪرين هي خدا جي مرضي آهي جنهن کي وڻيس عزت عطا ڪري جنهن کي ذليل ڪري. منهنجو انهن مفتين کان سوال آهي ته عزت يا زلت پئسي جي هجڻ يا نه هجڻ جو نالو نه آهي اگر ائين آهي ته پوء دنيا جا سڀ پيغمبر، ولي الله، غريب هئا ۽ غريب ئي رهيا ته ڇا اهي عزتدار نه هئا؟.  ٻيو وري هيئن به چوندا ته ڪنهن جي دولت کي ڏسي ان سان ريس ڪري طبقاتي جدوجهد ناانصافي آهي. منهنجو انهن کان سوال آهي ته اها دولت جيڪا امير جي بينڪ اڪائونٽ ۾آهي ان کي امير ڪيئن ڪمايو؟جنهن پگهر وهائي بک ڪاٽي زمين چيري برن کي بهار بنايو ته ان جي حقن جو لتاڙ ظلم نه آهي؟.
پر اهي مفتي، دانشور جيڪي جاگيردارن،سرمايه دارن جا پگهاردار آهن اهي غريب طبقي کي جهنم جو ڊڄ ڏئي سندن حقن کي ڦٻائي ڇڏين ٿا.جيڪڏهن انسان ماء جي رحم مان پيدا ٿئي ٿو ته ان انسان کي غربت جو ٺپو لڳل ڪونهي نه ئي ڪنهن طبقي،قوميت جو سرٽيفڪيٽ مليل اٿس اهي سڀ بعد ۾ اميرن، مفتين جو چال آهي غريب طبقي کي بيوقوف بڻائڻ لاء.
جنهن ٻني ۾ هاري پنهنجا ننگ ڪمائي تتي ٿڌي ۾ ٻار ساڙي ٺاري پگهر وهائي ٿو ان ٻني مان ان کي کائڻ لاء اناج تائين نه ٿي ملي؟ زمين ته خدا جو آهي پر قابض امير رهيا ۽ غريب ان جي ظلم جو شڪار ٿين ٿا.
هاري طبقو يا مزور محنت ته ڪن ٿا پر ان جي ڪمائي کي ڦٻائڻ لاء يا ان جي بچت کي ڦرڻ لاء سرمايه دار طبقو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪڏهن اناج مهانگي ته ڪڏهن لٽو ڪپڙو مهانگو.
آء پيو سوچان ته انسان دوست  مفڪر به ان ظلم تي چادر چاڙهي پنهنجي ذاتي مفادن پويان لڳي وڃن ٿا پوء غريبن جي حقن لاء ڪير وڙهندو.
فطري اصول ته هي آهي جيڪڏهن هرڪو کائڻ جو قابليت رکي ٿو ان کي ڪمائڻ به گهرجي هر شخي انساني ناتي سان آزاد آهي ته پوء طبقا،قبيلا وغيره ختم ٿيڻ گهرجن. جيڪو وڌيڪ چڱو کائڻ چاهي ٿو ته ان کي ڪمائڻ به اوتروئي گهرجي
ها اگر ڪمائڻ لاء هڪ طبقو هجي ته پوء وارث به اهو ئي هجڻ گهرجي.  رياست هڪ گهر وانگر آهي قوم ان ۾ رهندڙ ڪٽنب آهي ڪٽنب جو اعلي ۽ هلچل به ان جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي جيڪو پوري ڪٽنب کي پالي ٿو. سڀني جو  هڪ ئي ملڪيت هجي جنهن جي ڪمائي جو اجورو سڀني کي هڪ جيترو ملڻ گهرجي.