جمعرات، 15 اکتوبر، 2015

انڊونيشيا ۽ جاپان ۾ اسلام جي تاريخ

انڊونيشيا ۾ اسلام

انڊونيشيا مطلب اوڀر هندجا ٻيٽ  ملڪ ۾ نوي سيڪڙو مسلمان آهن جيڪي تقريبن 20ڪروڙ جي لڳ بڳ ٿيندا. باقي هندو، ٻڌمت ۽ مقامي چيني رهاڪن ۽ بت پرستن تي مشتمل آهي. هي ملڪ 27 صوبن ۾ منقسم آهي ان جي ڊگهائي5150 ڪلوميٽر آهيڇ جيڪو آسٽريليا تائين ڦهليل آهي موسم مرطوب گرم آهي، گرمي پد 28  کان 33  تائين رهندو آهي. هوا ۾ گهم 80  سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيندي آهي-سيپٽمبر کان مارچ تائين برسات رهي ٿو.

اسلام جو آمد

پهرين صدي عيسوي ۾ انهن ٻيٽن ۾ هندي تاجرن جي آمد شروع ٿي ان جي ڪري انڊونيشيا ۾َ ٻڌ مت ۽ هندومت پکڙيو. ستين صدي عيسوي ۾ طاقتور ٻڌ سلطنت سري وي جايا ۾ قائم ٿي جيڪو وڌندي وڌندي بورودور جي سلطنت بنجي اوڀرندي جاوا ۾ اڀريو . انڊونيشيا جا

ڪيترائي علائقا ان جي زير اچي ويا اهو ٻه سال تائين قائم رهيو. جڏهن انڊونيشيا ۾ اسلام پهتو ته  جاوا جي سياسي حالت هي هئي ته ان جا مرڪزي ۽ اوڀرندا صوبا جيڪي آبادي ۽ تهذيب جي لحاظ کان ترقي يافته هئا -مجابهت نالي هندو رياست جي هيٺ هئا.

مغربي حصي ۾ چربن جي حڪومت ۽ چند ننڍيون ننڍيون رياستون هيون-ٻيٽ جا باقي علائقا جن ۾ مغربي گوشي جا سڀ ضلع شامل هئا اهي راجا يجاجرن جي حڪومت ۾ ايندا هئا

انڊونيشيا جو تاريخ پرامن اسلامي تبليغ جي داستان جو نهايت، دلچسپ پرڪشش سبق آموز باب آهي جيڪو هن امر جو واضح ثبوت آهي ته اسلام تلوار نه پر مبلغن جي ڪاوشن، همت ،۽ محنت سان پکڙيو. هر جاء تبليغي ڪم  ملڪ جي والين جي سرپرستي يا امداد جي بغير ٿيو.

ٻي صدي قبل از مسيح ۾ لنڪا جي بيروني تجارت عربن جي هٿ ۾ هئي- ستين صدي جي شروعات  ۾ چين جي شهر ڪينٽن ۾ عرب تاجر ڪثرت سان نظر آيا- ملايا ۾ اسلام   مالابار ساحل (هندستان) کان آيو جنهن جي بندرگاهن ۾ يمن ۽ ايران جا تاجر ايندا هئا ، انهن تاجرن  ملڪي زبان  ۽ رسم رواج سکيو- مقامي عورتن سان شاديون ڪيون ۽ پنهنجي ذهانت ، لياقت ، تقوي ، ايثار ، عدل ۽ انصاف جي ڪري پهرين درجي جي امراء ۾َ شامل ٿيڻ لڳا - آهستي آهستي انهن باهمي اتفاق سان هڪ قسم جي وفاقي  حڪومت ٺاهي  اهي ملايا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن ۾ فاتحن جي حيثيت سان نه پر پنهنجي ڪردار۽ اخلاق جي بلندي سان تبليغ لاء مضبوط  معاشرتي بنياد فراهم ڪئي.

مشهور آهي ته سماترا  ۾ اسلام بلاد عرب کان آيو پر سماترا جا پهريان مبلغ غالبََا  هندي مسلمان تاجر هئا . ملايا جي تاريخ  مطابق آنجا جي هڪ علائقي جيڪو سماٽرا جي اوتر اوله ۾ آهي هڪ عرب بزرگ عبدالله  عارف جي تبليغ جي نسبت سان ٻارهين صدي عيسوي  جي وچ ۾ داخل ٿيا ان جو هڪ مريد برهان الدين اسلام جو پيغام سماترا  جي مغربي ساحل پريمڊ تائين کڻي ويو.

هڪ قديم انڊونيشي ڪتاب  شجره ملايو ۾ لکيل آهي  ته جناب رسول صلي الله عليه وسلم  جن پيشن گوئي فرمائي ته سمودرا جا ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيندا انڪري شريفِ مڪه چند ماڻهن کي سماٽرا موڪليو ته جيئن اتي اسلام جو نور پکيڙي سگهجي.  ان جماعت جي سربراه جناب شيخ اسماعيل هو - اهو مالابار کان روانو ٿيڻ کان پوء سماٽرا ٻيٽ جي مغربي ساحل پاسوري ويو. تبليغ جي برڪت سان اتي جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو - پوء اهي اتر جي طرف لمبري نالي علائقي ۾ ويا . پوء اتان کان آرو جيڪو مشرقي ساحل تي ملاڪا جي سامهو آهي، آرو پهچي ڪري سمودرا جو پتو پڇيائون جيڪو پيرولاڪ جي ڀرسان هو - سمودرا ۾  ان جي ملاقات حاڪم سان ٿي جنهن جو نالو ميراه سالو هو- شيخ اسماعيل  جي نظر ۽ شوق سان هن اسلام قبول ڪيو- هن کي خواب ۾َرسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي زيارت به نصيب ٿي. شيخ صاحب جن ميراه سالو کي قرآن ڪريم جو نسخو پيش ڪيو ۽ پڙهايو پوء هن کي راجا ڪري ”ملڪ الصالح“ جو خطاب ڏنو ان کان پوء  ملڪ الصالح راجا پيرولاڪ جي ڌي سان شادي ڪئي جنهن جي بطن مان ٻه پٽ پيدا ٿيا. ابن بطوطه 1345 ع ۾ سماٽرا جي سياحت ڪئي ۽ ملڪ الصالح  جي پٽ  ملڪ الطاهر کي حڪومت ڪندي ڏٺو ۽ هو تمام متقي ۽ ديندار بادشاه هو- شيخ اسماعيل  جي ڪوششن سان لمبري ۾ هڪ هزار خاندانن اسلام قبول ڪيو - مملڪت آرو جو بادشاه ۽ اتان جو رعيت به مسلمان ٿيو. چوڏهين صدي جي آخر ۽ پندرهين صدي جي شروعات ۾ مننگ ڪابو نالي هندو سلطنت  جي گهڻن سردارن اسلام قبول ڪيو  جيڪو سماٽرا جي ٻيٽ ۾ ڦهليل هئي- اسلام قن سلطنت ۾  تيزي سان پکڙڻ لڳو- لمپنگ جي ضلعن ۾ اسلام سڀ کان  پهريون جاوا جي طرف کان داخل ٿيو . جيڪو جاوا جي اولهندي ساحل تي  هئي ۽ ماڻهن ۾ دين پکيڙيو. جاوا ۾ اسلام جي ترويج  اتي جي هڪ شخص ٻارهين صدي جي ويجهي ڪئي هئي، جاوا جي اولهندي حصي ۾ يجاجرن رياست به هئي. اتان جي بادشاه ٻه ڇوڪرا ڇڏيا وڏي تجارت جو ڪرتو پسند ڪيو ۽ مال کڻي هندستان روانو ٿيو سلطنت پنهنجي ڀاء جي ننڍي ڀاء جي حوالي ڪئي جيڪو 1190ع ۾ پربومنڊنگ سري  جي نالي سان تخت تي ويٺو- وڏو ڀاء  عرب تاجرن جي تبليغ سان سان مسلمان ٿيو، هن عرب مبلغن جي مدد سان پنهنجي ننڍي ڀاء ۽ شاهي خاندان  کي مسلمان ڪرڻ چاهيو پر ڪامياب نه ٿيو. چوڏهين صدي جي اڌ ۾ ملڪ مولانا محمد ابراهيم  چند مسلمانن سان گڏ مدورا جي ٻيٽ جي سامهو گريسڪ شهر ۾ آباد ٿيو ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪيو - 1419 ع ۾ ان جو انتقال ٿيو ۽ گريسڪ ۾ مدفون آهي.

راجا مجاپهت چمپا جي راجا جي ڌيُ سان شادي ڪئي هئي، چمپا رياست ڪمبوڊيا ۾ آهي- ان راڻي کي راجا جي ٻي حرم.سان حسد پيدا ٿيو راجا پنهنجي ٻي حرم کي پنهنجي پٽ آريا دامر وٽ موڪلي ڇڏيو جيڪو سماٽرا ۾ پالم بنگ نالي علائقي جو حاڪم هو اتي ان راڻي کي هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو رادن پتا  رکيو. ان دوران راجا چمپا جي ٻي ڇوڪري مسلمان ٿي وئي هڪ عرب  سان ان جي  شادي ٿي جنهن مان رئيس المبلغين جناب رادن رحمت پيدا ٿيا. جڏهن رادن رحمت جو عمر 20 سال  ٿيو  ته والدين ان کي پنهنجي ماسڙ مجاپهت ڏي موڪليو- هو رستي ۾ ٻه مهينا پالم بنگ ۾ آريادامر جو مهمان رهيو، لڳ هو ته هن کي مسلمان ڪري ڇڏي پر هو پنهنجي رعيت جي خوف کان اسلام آڻي نه سگهيو.  رادن رحمت اتان کان گريسڪ پهتو جتي جناب شيخ جمادي الڪبري ان جو استقبال ڪيو- هن پيشنگوئي ڪئي ته  انڊونيشيا ۾ اسلام پکيڙڻ جو ذمو رادن رحمت جي سر تي هوندو. جيتوڻيڪ هو پاڻ مسلمان نه ٿيو پر رادن رحمت کي شهر امپل ۾ ٽن هزار خاندانن جو حاڪم مقرر ڪيو جلد ئي شهر امپل جاوا جو سڀ کان وڏو اسلامي مرڪز بنجي ويو ان جي هاڪ ٻڌي جناب مولا اسحاق امپل آيا ته جيئن رادن رحمت جي مدد ڪري.مولانا اسحاق کي  پالم بنگ جي رياست ۾  تبليغ اسلام لاء مقرر ڪيو ويو اتي پهچي ڪري هن راجا جي ڌيُ جو علاج ڪيو جيڪو شفاياب ٿي پئي شهزاديُ پوء وڏي گرم جوشي سان اسلام قبول ڪيو ان جي شادي مولانا اسحاق سان ڪئي وئي ان کي هڪ پٽ پيدا ٿي جنهن جو نالو رادن پاڪو رکيو ويو. ان کي رادن رحمت ڏي موڪليائين جتي هن جي پرورش ٿي پوء  رادن رحمت جي ڌي سان ان جي شادي ٿي - رادن پاڪو گري ۾ مسجد تعمير ڪئي ۽ هزارين ماڻهن  کي مسلمان ڪيو. رادن رحمت جو انتقال ٿيو ته راجا مجاپهت ان کي امپل ۽ گريسڪ جو  حاڪم مقرر ڪيو. رادن رحمت جي ٻن پٽن جاوا جي اتر اولهندي  ساحل تي سڪونت اختيار ڪئي۽ تبليغ جي ڪري خوب شهرت ماڻي- راجا آريا دامر جيتوڻيڪ اسلام قبول ڪونه ڪيو پر پنهنجي ٻارن جي تربيت اسلامي طريقن سان ڪرائي. جڏهن راجا  رادن پته راجا مجاپهت جو پٽ جڏهن ويه  سالن جو ٿيو ته آريادامر ان کي پنهنجي رضاعي ڀاء رادن حسين سان گڏ جاوا جي طرف روانو ڪيو هي ٻئي گريسڪ ۾ رادن رحمت وٽ ترسيا- رادن پتا رادن رحمت جي پوٽي سان شادي ڪئي- انهي دوران ماء سان بدسلوڪي جي ڪري ادن پتا راجا مجاپهت ڏي وڃڻ کان انڪار ڪيو، هن بنترا جي د لد لي علائقي ۾ جيڪو گريسڪ جي لڳ هئو سڪونت اختيار ڪئي - هيڏانهن رادن حسين کي راجا مجاپهت پنهنجو سپه سالار مقرر ڪيو ۽ هڪ ضلعي جو حاڪم مقرر ڪيو. ان کان پوء هن رادن پتا کي راجا مجاپهت وٽ وٺي آڻڻ جي پڪوپه ڪئي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو. پيُ پٽ کي معاف ڪري ان کي بنترا جو حاڪم مقرر ڪيو. مگر رادن پتا  پنهنجي ماءُ سان ٿيندڙ بدسلوڪي نه وساري سگهيو هن 1478ع ۾ پي خلاف جنگ وڙهي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو ۽ راجا مجاپهت کي شڪست ملي ائين جاوا جي اوڀرندي حصي ۾ هندو راڄ بجاء هڪ اسلامي  حڪومت قائم ٿي وئي. ان واقعي کان پوء گهڻائي هندو جن اسلام قبول نه ڪيو  ڀڄي وڃي  بالي ٻيٽ ۾ آباد ٿيا ان ٻيٽ جي هندوآبادي  شيو ديوتا جو پوڄاري آهي. مرڪزي جاوا ۾ به هندومت جون جڙون مضبوط هيون 1768ع ۾ وڃي  منو سمري ۽ هندن جون ٻيون قانوني ڪتاب منسوخ ٿيون- اوڀر جاوا ۾ اسلام سورهين صدي جي آغا ز ۾ جناب شيخ نور الدين ابراهيم جي تبليغ سان پکڙيو جيڪو چربون  جو رهواسي هو - شيخ هڪ  مقامي عورت جو علاج ڪئي جنهن کي الله  پاڪ شفا بخشيو - ان واقعي کي ايتري شهرت ملي جو هزارين ماڻهن  ان وٽ اسلام  جي تعليم حاصل ڪئي. ڪيترائي راجا به مسلمان ٿيا  -شيخ نورلدين پنهنجي پٽ مولانا  حسن الدين کي اسلام جي تبليغ لاء بانٽم موڪليو  جيڪو هندو راجا يجاجرن جي زير هئو اتان جي ماڻهن به اسلام قبول ڪئي . اوله جاوا ۾ اسلام جي پکيڙڻ جو رفتار سست رهيو ڇاڪاڻ ته  شيو جي پوڄارين ۽ مسلمانن ۾ ڊگهي عرصي تائين  ڪشمڪش رهي. سورهين صدي جي وچ  کان اڳ  يجاجرن هندو سلطنت  جو خاتمو نه ٿي سگهيو- يجاجرن سلطنت  ختم ٿي ته اهي رهاڪ جيڪي پنهنجي اباڻي مذهب تي رهڻ چاهين پيا جهنگ ۽ پهااڙن ۾َ لڪي ويٺا ڪجه عرصي کان پوء انهن بانٽم جي سلطان جي اطاعت اختيار ڪئي ائين اسلام کي بت پرستي مٿان مڪمل فتح حاصل ٿي- اوله  جاوا ۾ شريعت هاڻي  هڪ زنده قوت آهي رئيس المبلغين رادن رحمت جو قبر سرايايا ۾ آهي مولانا محمد ابراهيم ، محمد اسحاق ۽ انهن جي چند متعلقين جو مزار گريسڪ ۾ آهي جتي ڪابه بدعت ناهين بلڪه قرآن خواني  ٿيندي آهي . 1600ع ۾ ولنديزين سلطان کي شڪست ڏئي ان جي ملڪ تي قبضو ڪيو ولنديزي آهستي آهستي پوري انڊونيشيا تي قابض ٿيا انهن جو قبضو 1945ع تائين  برقرار رهيو ان وچ ۾ اسلام کي يورپي تهذيب ، تمدن، جي يلغار جو مقابلو ڪرڻو پيو تڏهن اسلام جي بقا لاء 1912ع ۾  محمديه تحريڪ جنم ورتو. ان عرصي ۾ اسلام ، قديم هندو تهذيب  ۽ ٻڌمت جو امزاج شروع ٿيو ان عمل کي روڪڻ لاء ٻيا اسلامي تحريڪن جهڙوڪ شرڪت الاسلام  ۽ نهضت العلماء  وجود ۾ آيا. اڄ محمديه ۽ نهضت العلماء  انڊونيشيا جون وڏيون اسلامي جماعتون آهن. اهي جماعتون  غير سياسي آهن پر انهن جا رهنما سياست ۾ حصو وٺندا آهن. اهي اسلامي جماعتون تعليمي معاشرتي ۽ صحٿ جي ميدان ۾َ  خدمت انسانيت ۾ سرگرم آهن.

.

جا پا ن ۾ اسلام ۽ مسلمان

جاپان جي ترقي جو آغاز سن 1868ع کان ٿئي ٿو  هي دور ميجي دور هو ان وقت ايشيا ۾ صرف ٻه حڪومتون اهڙيون هيون جن کي آزادي حاصل هئي اهي هيون عثماني ۽ جاپاني حڪومتون. ڏکڻ سامراجي دٻاء جو مقابلو ڪري رهيون هيون  جنهن ڪري انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ خوشگوار ۽ مضبوط تعلقات قائم ڪرڻ جي طرف توجه ڏني انهن جي وچ ۾ سفارتي وفدن جو ڏي وٺ  به ٿيو انهن سفارتي وفدن ۾َاهم وفد اهو هو جنهن کي مرحوم  سلطان عبدالحميد  ثانيء 1890ع ۾ آل طغرل نالي جهاز  ذريعي جاپان روانو ڪيو ان تي سلطنت عثمانيه  جا ڇه  سو ترڪي عربي الباني ۽ بوسني نسل جا سپاهي سوار هئا جڏهن ان وفد جاپان ۾ پنهنجي مهم کي پورو ڪيو  ۽ اتان جي شهنشاه  سان ملاقات  ڪري واپسي لاء   روانو ٿيو  ته اڃا  انهن جو جهاز  جاپان جي ساحل اوساڪا جي ويجهو  ئي هو ته  سخت طوفان ۽ انڌيري  جهاز کي تباه ڪري ڇڏيو ساڍن پنج سون کان وڌيڪ  ماڻهو سلطان جي ڀاء ۽ عثمان ڀاشا سان  ٿيا. ان حادثي   ٻنهي حڪومتن  کي ڌچڪو رسائي  ڇڏيو  - بچيلن کي ٻن جاپاني جهازن ذريعي استنبول  روانو ڪيو ۽ شهيدن کي جاپان جي سرزمين تي دفن ڪيو  اتي هڪ ميوزم به قائم ڪيو ويو. اڄ تائين ترڪ ۽ جاپاني حڪومتن جي ردوبدل  جي باوجود هر پنج سال ۾ هڪ ڀيرو ان جاء تي جمع ٿيندا آهن  هي ترڪ ۽ جاپانين  جي دوستي خلوص محبت جي دليل آهي. ان حادثي کان پوء سن 1891ع ۾َهڪ  نوجوان جاپاني صحافي اوشاتارو نودا  شهيدن جي  اهل و عيال جي مدد لاء  جاپان ۾ هڪ امدادي مهم هلايو۽ ان امداد کي ساڻ کڻي استنبول پهتو ۽ ان کي سلطنت عثمانيه جي حوالي ڪيو ان کي سلطان عبدالحميد سان ملاقات جو شرف به حاصل ٿيو استنبول ۾ رهڻ دوران ان جي ملاقات  هڪ انگريز مسلمان عبدالله غليا سان ٿي جيڪو ليفربول جو رهاڪو هو ان سان ڳاله ٻوله دوران الله تعالي ان جو سينو اسلام جي نور سان ڀري ڇڏيو. اهڙي طرح سان هو مسلمان ٿيو. اسلامي دستاويزن مطابق ان پنهنجو نالو عبدالحليم رکيو انڪري هي چوڻ مناسب آهي ته عبدالحليم نودا پهريون شخص جاپاني مسلمان هو.ان کان پوء يامادا  نالي هڪ ٻئي شخص سن 1893ع ۾َ شهداء  جي اهل خاندان لاء  امداد ساڻَ ڪري استنبول  پهتو - سلطان عبدالحميد ان کي عثماني سپاهين کي جاپاني ٻولي سيکارڻ لاء  چيو  ٿورن ئي ڏينهن ۾ ان به اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو خليل يا عبدالخليل رکيو اهڙي طرح سان ان کي ٻيو جاپاني مسلمان سڏيو وڃي ٿو. ٽيون شخص احمد اريجا جيڪو مسيحي تاجر هو ان سن 1900ع ۾َ ممبئي جو سفر ڪيو  ممبئي جي هڪ مسجد ان جو دل فتح ڪئي ۽ هو ان ۾ داخل ٿي مسلمان ٿيو پوء هڪ مبلغ بنجي جاپان موٽيو ۽ قرآن ڪريم کي جاپاني ۾  ترجمي جي  عمل ۾ شرڪت ڪئي.ان وقت هندستان جي مسلمان تاجرن ٽوڪيو ڪوبي ۾ سڪونت اختيار ڪئي اهڙي طرح سا. هي سڀ کان پهريون  اسلامي برادري هو جيڪو جاپان ۾ مقيم ٿي

ہفتہ، 10 اکتوبر، 2015

غريب طبقي سان ظلم ۽ فطري اصول .

جهڙي طرح سان دور  تبديل ٿيندو رهي ٿو تهڙي طرح سان معاشري جا امير روز بروز امير ٿيندا وڃن ٿا پر بي پهچ، مظلوم، مسڪين،غريب طبقو هر طرح سان اميرن جي هٿان برباد پيو ٿئي. مون کي افسوس آهي انهن روشن خيالن تي جيڪي  سوشلزم جا پيروڪار هوندي به انهن بي پهچن سان اهڙوئي ورتاء ڪندا آهن جهڙو امير طبقو ڪري.خدا انسان کي فطري طور تي آزاد خلقيو  بلاتفريق پيدا ڪيائين سڀ انسان فطرتي طور تي هڪ جهڙي بناوت  وارا آهن، پر معاشري جا رئيس رعيت بڻائي غريبن کي بيوقوف بڻائن ٿا. انسان جنهن کي ٻالو، ڀنگي، ڪم ذات سمجهي نظرن مان ڪيرائڻ قدرت جي ڪمال سان جنگ برابر آهي. هڪ غريب کي به اوتروئي جيئڻ جو حق آهي جيترو ٻي طبقي جي فرد کي.
غريبن کي قوميت ۾ ورهائي انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي قتل واقتال ڪندڙ وڏيرا ،رئيس، نواب، سردار ڪڏهن به آمهون سامهون  نه اٽڪندا نه ئي هڪ ٻئي جو قتل ڪندا،انهن جي اهڙي قسم جي فريب کي ڏسي ائين چئجي ته غريب طبقو امير طبقي جو هٿيار آهي جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪريس.پر امير طبقو امير ئي ڇو رهي ٿي؟ آء سمجهان ٿو ته اهو وهم پرستي، خوف، انڌي تقليد۽ شرڪ جي ڪري آهي. مثال هڪ غريب جڏهن به باشعور بنجي باغي ٿيڻ چاهيندو ته ان کي وسوسن جي مرض ۾ مبتلا ڪندا ته تون خدا جي ڏنل عزت جيڪو رئيس کي مليو انڪار ٿو ڪرين هي خدا جي مرضي آهي جنهن کي وڻيس عزت عطا ڪري جنهن کي ذليل ڪري. منهنجو انهن مفتين کان سوال آهي ته عزت يا زلت پئسي جي هجڻ يا نه هجڻ جو نالو نه آهي اگر ائين آهي ته پوء دنيا جا سڀ پيغمبر، ولي الله، غريب هئا ۽ غريب ئي رهيا ته ڇا اهي عزتدار نه هئا؟.  ٻيو وري هيئن به چوندا ته ڪنهن جي دولت کي ڏسي ان سان ريس ڪري طبقاتي جدوجهد ناانصافي آهي. منهنجو انهن کان سوال آهي ته اها دولت جيڪا امير جي بينڪ اڪائونٽ ۾آهي ان کي امير ڪيئن ڪمايو؟جنهن پگهر وهائي بک ڪاٽي زمين چيري برن کي بهار بنايو ته ان جي حقن جو لتاڙ ظلم نه آهي؟.
پر اهي مفتي، دانشور جيڪي جاگيردارن،سرمايه دارن جا پگهاردار آهن اهي غريب طبقي کي جهنم جو ڊڄ ڏئي سندن حقن کي ڦٻائي ڇڏين ٿا.جيڪڏهن انسان ماء جي رحم مان پيدا ٿئي ٿو ته ان انسان کي غربت جو ٺپو لڳل ڪونهي نه ئي ڪنهن طبقي،قوميت جو سرٽيفڪيٽ مليل اٿس اهي سڀ بعد ۾ اميرن، مفتين جو چال آهي غريب طبقي کي بيوقوف بڻائڻ لاء.
جنهن ٻني ۾ هاري پنهنجا ننگ ڪمائي تتي ٿڌي ۾ ٻار ساڙي ٺاري پگهر وهائي ٿو ان ٻني مان ان کي کائڻ لاء اناج تائين نه ٿي ملي؟ زمين ته خدا جو آهي پر قابض امير رهيا ۽ غريب ان جي ظلم جو شڪار ٿين ٿا.
هاري طبقو يا مزور محنت ته ڪن ٿا پر ان جي ڪمائي کي ڦٻائڻ لاء يا ان جي بچت کي ڦرڻ لاء سرمايه دار طبقو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪڏهن اناج مهانگي ته ڪڏهن لٽو ڪپڙو مهانگو.
آء پيو سوچان ته انسان دوست  مفڪر به ان ظلم تي چادر چاڙهي پنهنجي ذاتي مفادن پويان لڳي وڃن ٿا پوء غريبن جي حقن لاء ڪير وڙهندو.
فطري اصول ته هي آهي جيڪڏهن هرڪو کائڻ جو قابليت رکي ٿو ان کي ڪمائڻ به گهرجي هر شخي انساني ناتي سان آزاد آهي ته پوء طبقا،قبيلا وغيره ختم ٿيڻ گهرجن. جيڪو وڌيڪ چڱو کائڻ چاهي ٿو ته ان کي ڪمائڻ به اوتروئي گهرجي
ها اگر ڪمائڻ لاء هڪ طبقو هجي ته پوء وارث به اهو ئي هجڻ گهرجي.  رياست هڪ گهر وانگر آهي قوم ان ۾ رهندڙ ڪٽنب آهي ڪٽنب جو اعلي ۽ هلچل به ان جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي جيڪو پوري ڪٽنب کي پالي ٿو. سڀني جو  هڪ ئي ملڪيت هجي جنهن جي ڪمائي جو اجورو سڀني کي هڪ جيترو ملڻ گهرجي.

منگل، 6 اکتوبر، 2015

بگ بينگ نظريو.

ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪﺍﻥ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ  جي تخليق ﻭﺍﺭﻱ ﻧﻈﺮﻳﻲ ﺗﻲ ﻳڪﺮﺍﺀَ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻧﻈﺮﻳﻲ ﮐﻲ
ﺑﮓ ﺑﻴﻨﮓ ﭼﺌﺒﻮ ﺁﻫﻲ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻧﻈﺮﻳﻲ ﻣﻮﺟﺐ ڪيترائي ارب ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ پرائمري نبيولا  جي صورت ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻫﺌﻲ. ﺍِﻫﺎ ﺑﺎﻝ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﺪﺭﻭﻧﻲ ﺩﭔﺎﺀُ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭰﺎٽﻲ ﭘﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ
ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ڪﻬڪﺸﺎﺋﻮﻥ شمسي نظام ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺳﻴﺎﺭﺍ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﺎ. ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ڦهلاء ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺭﻭﺷﻨﻲ ﺗﻮڙﻱ 1 ﺳﻴڪﻨڊ ۾ 1 ﻟﮏ 86 ﻫﺰﺍﺭ ﺟﻮ ﻣﻔﺎﺻﻠﻮ ﻃﺌﻪ ڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ڪيترائي ﺗﺎﺭﺍ ﭘﮡ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ
ﺟﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ، ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﺟﻲ ﺍﺭﺑﻴﻦ ﺳﺎﻝ ﮔﺬﺭﮠ کان پوء اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺯﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ڪﻮﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ ﺁﻫﻲ.
ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﻭﺍﺭﻱ ﻋﻤﻞ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻻﺀِ ﻳﻮﺭﭖ ﺟﻲ جوهري ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﺍﺩﺍﺭﻱﺳﻲ ﺍﻱ اين اي ڪﺠﻬﻪ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﻫڪ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﻭﮄﻭ ۽ ﻣﺎﺩﻱ ﮐﻲ ٽﻮڙﮠ ﻻﺀِ ﺟﻨﻴﻮﺍ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﻭڏﻱ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻟﻴﺒﺎﺭٽﺮﻱ ﻻﺭﺝ ﻫﺎﺋﻴڊﺭﻭﺟﻦ ڪﻮﻻﺋﻴڊ ﺗﻴﺎﺭ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻟﻴﺒﺎﺭٽﺮﻱ ﺳﺎﻝ 2008 ﮐﺎﻥ ڪﻢ ڪﺮﮠ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ۽ جلد ﺋﻲ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳﭙﻴڊ ﺍﺋٽﻤﻲ ﻣﺎﺩﻱ ﺟﻲ ﻫڪ ﺑﻴﻢ ﮐﻲ ٽڪﺮﺍﺋﻲ ﻫڪ ﻭڏﻱ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ. ﺍِﻫﻮ ﺗﺠﺮﺑﻮ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪﺍﻧﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﻠﻮﻡ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﮐﺎﻥ جلد ﭘﻮﺀِ ﻣﺎﻳﻊ ﺟﻲ ﺷڪﻞ ۾ ﻃﺎﻗﺖ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺩﺭﺟﻪ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﺳﺌﻮ ﮐﺮﺏ ڊﮔﺮي ﺳﻴﻨٽﻲ ﮔﺮﻳڊ ﻫﻮ .ﻟﻴﺒﺎﺭٽﺮﻱ ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻦ ﻣﻮﺟﺐ ﺍِﻫﺎ ﺗﻮﺍﻧﺎﺋﻲ ﮔﻬﺎٽﻲ ﻣﺎﺩﻱ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺍﺋٽﻢ ﺟﻲ ﻭﭼﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺟﻲ ﻧﻴﻮٽﺮﺍﻥ ۽ ﭘﺮﻭٽﺎﻥ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﮔﻬﻤﻨﺪڙ ﺍﻟﻴڪٽﺮﺍﻧﺰ ﺧﻠﻘﮡ ﻻﺀِ ﻫڪ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﻓﺮﺍﻫﻢ ڪﻴﻮ ﺟﻴڪﻲ ﺗﺎﺭﻥ ۽ ڪﻬڪﺸﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﺷڪﻞ ۾ ﺑﺪﻟﺠﻲ ﻭﻳﺎ .
ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺗﺠﺮﺑﻲ ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻦ ﺳﺎﻥ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﻭﺍﺭﻭ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻧﻈﺮﻳﻮ ﺳﻤﺠﻬﮡ ۾
ﺁﺳﺎﻧﻲ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﮓ ﺑﻴﻨﮓ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ تمام ﮔﺮﻡ ﮔئسن  ﮔڏﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺍﻫڙﻭ ﻣﺎﺩﻱ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ فلڪي اجرام ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴا ڊﺍڪٽﺮ ڊﻳﻮڊ ﺍﻳﻮﺍﻧﺰ جو ﭼﻮﮠ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍِﻫﺎ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮔﻬڙﻱ ﻫﺌﻲ ۽ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺟﻲ ﺷڪﻞ ﮔﻬﺎٽﻲ ﻣﺎﺩﻱ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﻫﺌﻲ. ڊﺍڪٽﺮ ﺍﻳﻮﺍﻧﺰ ﺟي ﭼﻮﮠ موجب هنن کي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺠﺮﺑﻦ ﺟﺎ ﻧﺘﻴﺠﺎ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﺭﮐﻨﺪﻱ ﻭﮄﻳڪ ﺗﺤﻘﻴﻖ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﻢ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻻﺀِ ﻭﮄﻳڪ ﻏﻮﺭ ڪﺮﮠ ﮔﻬﺮﺟﻲ. ﭘﺮ
ﺍِﻫﻮ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ﺗﻤﺎﻡ ﺣﻴﺮﺍﻥ ڪﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ.
ﭔﻦ ﻫﻔﺘﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﺎﺭﻱ ﺭﻫﻨﺪڙ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ ﻋﻤﻞ ۾ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﻣﻠڪﻦ ﺟﻲ ﺭﻳﺴﺮﭺ ڪﻨﺪڙ ﺍﺩﺍﺭﻥ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﻫڪ ﻫﺰﺍﺭ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪﺍﻧﻦ ﺣﺼﻮ ﻭﺭﺗﻮ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺗﺠﺮﺑﻲ ۾ ﺳﭝﻨﻲﺀَ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪﺍﻧﻦ ﮔڏﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺍﺋٽﻢ ﮐﻲ ٽﻮڙﮠ ﻻﺀِ ﺗﻴﺮ ﺭﻓﺘﺎﺭ ٽڪﺮﺍ ڪﺘﺐ ﺁﮢﻴﻨﺪﻱ ﺍﻫڙﻭ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻴﻮ ﺟﻴڪﻮ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻲ ﮄﻣﺎڪﻲ ” ﺑﮓ ﺑﻴﻨﮓ“ ﺟﻲ ﻭﻗﺖ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ . ﺟﻴﺌﻦ ﻟﻴﺒﺎﺭٽﺮﻱ ۾ ﻫڪ ” ﻧﻨﮃﻭ ﺑﮓ ﺑﻴﻨﮓ “ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ .نﻨﮃﻱ ﺍﺋٽﻤﻲ ٽڪﺮﻥ ﺟﻲ ﺭﻓﺘﺎﺭ ﻭﮄﺍﺋﮡ ﻻﺀِ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ 27 ڪﻠﻮﻣﻴٽﺮ وڏي ﺳُﺮﻧﮓ ۾ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ. ﺍﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻧﻨﮃﻥ ﻧﻨﮃﻥ ﺍﺋٽﻤﻲ ٽڪﺮﻥ ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﻟﮙﻲ ﻭﺋﻲ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻬﻞ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ٽﻲ ﺳﺌﻮ ﻓﻮٽ ﭤُﻠﻬﻲ ﺍﻟﺒﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﺗﺤﻪ ﻣﺎﻥ ﮔﺬﺍﺭﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺗڏﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺟﻪ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﺳﺌﻮ ﮐﺮﺏ ڊﮔﺮﻱ ﺳﻴﻨٽﻲ ﮔﺮﻳڊ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﭼُڪﻲ ﻫﺌﻲ. ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺩﺭﺟﻪ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﺗﻲ ﺍﺋٽﻢ ۽ ﺍﻥ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﭘﺮﻭٽﺎﻥ، ﻧﻴﻮٽﺮﺍﻥ ۽ ﺍﻟﻴڪٽﺮﺍﻥ ﮔﻬﺎٽﻲ ﻣﺎﺩﻱ ۾ ﺑﺪﻟﺠﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ. ﺳﺎﺋﻨﺴﺪﺍﻧﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﮓ ﺑﻴﻨﮓ ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﮡ ﻭﺍﺭﻱ
ﺩﺭﺟﻪ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﮐﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺭﮐﻨﺪڙ ﻃﺎﻗﺖ ﺗﻤﺎﻡ ڪﻤﺰﻭﺭ ﭤﻲ ﻭﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺘﻴﺠﻮ ﺍِﻫﻮﻧڪﺘﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍُﻫﻮ ﮔئسن ﺟﻲ ﺷڪﻞ ۾ ﺑﺪﻟﺠﻲ ﻭﻳﻮ. ﭘﻨﺞ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﻧﻴﻮﻳﺎﺭڪ ﺟﻲ ﺍﭘٽﻦ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻟﻴﺒﺎﺭٽﺮﻱ ۾ ڪﻴﻞ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﺗﺠﺮﺑﻲ ۾ 40 ﮐﺮﺏ ڊﮔﺮﻱ ﺳﻴﻨٽﻲ ﮔﺮﻳڊ ﺟﻲ ﺩﺭﺟﻪ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﭘﻴﺪﺍ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ ﻫﺌﻲ . ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻣﻬﻞ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﮄﻳﺎﻥ ڪﻮﻧﻪ ڏﻧﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺩﺭﺟﻪ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﻭﮄﻧﺪﻱ ﺗﻴﺌﻦ ﺗﻴﺌﻦ ﺍﺋٽﻤﻲ ﻣﺎﺩﻭ ﮔﺌﺴﺰ
ﺟﻬڙﻭ ﺑﮣﺠﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ. ﭘﺮ ﻧﺌﻮﻥ ﺗﺠﺮﺑﻮ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﻧﺌﻮﻥ ﺗﺠﺮﺑﻮ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻲ. ڊﺍڪٽﺮ ﺍﻳﻮﺍﻧﺰ ﭼﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻧﮑﻲ ﺧﺒﺮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺩﺭﺟﻪ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻣﺎﺩﻱ ﮐﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺭﮐﮡ ﺟﻲ ﻃﺎﻗﺖﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎﺀِ ﺗﻲ ﻫﺌﻲ، ﺑﮓ ﺑﻴﻨﮓ ﮐﺎﻥ جلد ﭘﻮﺀِ ﮔﻬﺎٽﻮ ﻣﺎﺩﻭ ﮔﺌﺴن جيان ﺁﺯﺍﺩ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ۾
ﭰﻬﻠﺠﻲ ﻭﻳﻮ ﻫﻮ.

اضافيت جو نظريو.

البرٽ آئن اسٽائن جو نظريه اضافت، يا صرف اضافيت خاص طرح سان ٻن نظرين ڏانهن اشارو ڪري ٿو:خصوصي اضافيت ۽ عمومي اضافيت مطالعاتي  مضمون جي لحاظ سان اضافيت  ۾ ڏهائي نظريات ثقل جن ۾ خصوصي اضافيت مڪاني طور تي استعمال ٿيندو آهي، جن ۾ شامل هوندا آهن.
اضافيت جي اصطلاح ميڪس پلانڪ 1908ع۾ ايجاد ڪئي هئي هو ان ڳاله  تي زور ڏئي رهيو هو ته ڪهڙي طريقي خصوصي  اضافيت (جيڪو ان وقت اضافيت جو واحد نظريو هو) اصول اضافيت کي استعمال ڪري ٿي.
خصوصي اضافيت
البرٽ آئن اسٽائن 1905ع ۾ پنهنجي مقالي ”متحرڪ جسمن جي  حرڪيات تي“ ۾ خصوصي نظريه اضافيت کي متعارف ڪرايو. خصوصي نظريه اضافيت  جي مطابق هڪ جمودي حوالاجاتي قالب ۾ مشاهدو ڪندڙن جو هڪ ٻئي جي نسبت هڪجهڙي رفتار ۾ متحرڪ هجن ڪو اهڙوتجربو نه ڪري سگهيوجنهن سان هي معلوم ڪري سگهجي ته ان منجهان ڪهڙو ساڪن آهن.ان کي اضافيت جو اصول چون ٿا.البرٽ آئن اسٽائن جي ڪم ۾ هي اصول نئون نه هئو، پر هن کي خبر پيو ته ان اصول ۾ برقناطيسيت ڪرڻ لاء  نهايت حيران ڪندڙ نتيجن جي حامل  هڪ  نئين پابندي مطلوب هئي. خاص طور تي، ان لاء ضروري  هو ته خلا ۾ روشني جي رفتار سڀني مشاهدو ڪندڙن لاء يڪسان هجي ۽ ان طرح ان کي مشاهدو ڪندڙ يا منبع نور  جو ڪوبه اثر نه هجي.
خصوصي نظريي اضافيت جي ڪمالات مان هڪ ڪمال هي به آهي ته ان کي  صرف ٻه مقدمن کان اخذ ڪري سگهجي ٿو.
قصري حوالگي قالب ۾ طبيعات جا قانون يڪسان آهن ،ان جو مطلب آهي ته  هڪ فرضي مشاهد  جيڪو اضافيتي زرڙي سان گڏ  سفر ڪري ٿو ۽ هڪ اهڙو مشاهدو جيڪو تجربيگاه ۾ ساڪن هجي طبيعات جي قانونن کي ٻئي هڪجيترو  محسوس ڪندا .
خلا ۾ روشني جي رفتار ثابت آهي (299،792،458).
عمومي اضافيت
عمومي اضافيت جي نظريي کي 1911ع کان 1915ع تائين جي سالن ۾ آئن اسٽائن قائم ڪيو. عمومي اضافيت هڪ انگي(جاميٽري) نظريو آهي جيڪو دعوي ڪري ٿو ته مادي جو وجود خلائي وقت کي موڙي ڇڏي ٿو.هي موڙ آزاد ذرڙن جي (ايستائين جو روشني به) رستي تي نظرانداز ٿئي ٿو
هن نظريي ۾ ثقلي اثر کي ثقل جي بغير بيان ڪرڻ لاء (افتراقي) مخطلف انگ ۽ ٽينسرس جي رياضي کي استعمال ڪيو ويو آهي. هن نظريي ۾  روشني  جي رفتار سان  سفر ڪرڻ وارن سميت سڀني مشاهدن کي هڪ سمجهيو ويندو آهي.

اتوار، 4 اکتوبر، 2015

هارين تي زمينداراڻا ظلم

ﻫڪ ﻏﺮﻳﺐ ﺳﺎﺭﻱ ﻋﻤﺮ ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﻝ ﺗﻲ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺟﺎﮔﻴﺮﺩﺍﺭ،
ﺳﺮﻣﺎﻳﻪ ﺩﺍﺭ،۽ ﺁﻗﺎﺋﻦ ﺟﻮ ﻧﻈﺮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺠﺒﻮﺭ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪﺱ
ﺯﻣﻴﻦ، ﻣﺎﻝ ﺿﺒﻂ ڪﺮﻱ ڪﻨﮕﺎﻝ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﻏﺮﺑﺖ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﺭﮐﺠﻲ. ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﺍﻣﻴﺮ
ﻃﺒﻘﻲ ﺟﻲ ﺍﻣﻴﺮﻱ ، ﻃﺎﻗﺖ ﺷﺎﻫﻲ ﺟﻮ ﺩﺍﺭﻭﻣﺪﺍﺭ ﻏﺮﻳﺐ ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ، ﺫﻟﺖ ﺗﻲ
ﺁﻫﻲ.ﺍﻣﻴﺮ ﻃﺒﻘﻲ ﻭٽ ﺍﻥ ﻻﺀ ڪﻲ ﺍﻫڙﺍ ﻃﺮﻳﻘﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎﻥ ﻫﻮ ﻏﺮﻳﺐ ﺗﻲ
ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﻳﻠﻐﺎﺭ ڪﺮﻱ ﻣﻌﺎﺷﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺗﺒﺎﻩ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻦ ﭤﺎ.
ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﻃﺮﻳﻘﻮ
ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﮔﻴﺮﺩﺍﺭ ۽ ﻭڏﻳﺮﺍ ﻏﺮﻳﺐ ﺟﻲ ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻨﺪ ڪﻨﺪﺍ
ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺯﻣﻴﻦ ﺁﺑﺎﺩﻱ ﮐﺎﻥ ﺭڪﻲ ﻭﭸﻲ ۽ ﺯﻣﻴﻦ ﮐﻲ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﺮﺿﻲ
ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ، ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻏﻴﺮﺁﺑﺎﺩﻱ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻌﺎﺷﻲ ﺣﺎﻟﺖ
ﺑﺪﺗﺮ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻧﻴﭟ ﻭڏﺍ ﺟﺎﮔﻴﺮﺩﺍﺭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻘﺼﺪ ۾ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ﻭﻳﻨﺪﺍ. ﻏﺮﻳﺐ ﻭٽ ﺑﻪ
ڪﻲ ﺍﭘﺎﺀ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎﻥ ﻫﻮ ﺍﻣﻴﺮ ﺟﻲ ﺍﻥ ﺳﺎﺯﺵ ﮐﻲ ﻧﺎڪﺎﻡ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ،
ﺟﻴﺌﻦ ﺯﻣﻴﻦ ۾ ﺳﺮﺀ ﺟﻮ ﺻﻔﻞ ﭘﻮﮐﮡ ﮔﺎﻩ ﭼﺎﺭﻱ ﻻﺀ ﺯﻣﻴﻦ ﺭﮐﮡ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺍﭼﻲ ﻭﭸﻦ
ﭤﺎ، ﻏﺮﻳﺐ ﺁﺑﺎﺩﮔﺎﺭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺍﻫﻮ ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻮ ٽڪﺮ ﺳﺮﺀ ﺟﻲ ﺻﻔﻞ ﻻﺀ ﺭﮐﻲ ﮀڏﻱ
ﭤﻮ ﺳﺎﻧﻮﮢﻲ ﻣﻬﻞ ﺍﻥ ۾ ﮔﺎﻩ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﻏﺮﻳﺐ ﻭٽ ﻣﺎﻝ ﻣﺘﺎﻉ ﺑﻪ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺗﻪ ﺍﻥ
ﻧﺎﻥ ﺍﻧﻴڪ ﻣﻌﺎﺷﻲ ﻓﺎﺋﺪﺍ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻨﺪﻭ، ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ ﺍﻣﻴﺮ ﻃﺒﻘﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ
ﺳﺎﺯﺵ ﻳﺎ ﺗﻪ ﻣڪﻤﻞ ﻧﺎڪﺎﻡ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﻳﺎ ﻭﺭﻱ ڪﻤﺰﻭﺭ
ﭔﻴﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ.
ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ﻭٽ ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺎﺭﻳﻦ ۽ ﻧﻨﮃﻥ ﺁﺑﺎﺩﮔﺎﺭﻥ ﻻﺀ ﭔﻴﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ
ﻫﺎﺭﻳﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺗﻀﺎﺩ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪﻭ ﻫﺎﺭﻱ ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ۾ ﻣﺸﻐﻮﻝ
ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺍﺗﺤﺎﺩ ڪﺮﮠ ﺟﻮ ڪﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ڪﻮ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪﻭ، ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ﺍﻥ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ
ﻣﺎﻥ ﺍﻧﻴڪ ﻓﺎﺋﺪﺍ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺮﺿﻲ ﺳﺎﻥ ﻗﺮﺽ ﺟﻮ ﺍﺣﺘﺴﺎﺏ ڪﺮﮠ
ﻭﻳﺎﺝ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﻗﺮﺽ ۾ ﺍﺿﺎﻓﻮ ڪﺮﮠ ،ڪﻤﺪﺍﺭﻱ، ﻣﻨﺸﮕﻴﺮﻱ، ﺁﺑﺪﺍﺭﻱ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﻧﺎﺟﺎﺋﺰ
ﻗﺮﺽ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﮠ ﺍﭼﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻫﺎﺭﻱ ﺑﻐﺎﻭﺕ ڪﺮﻱ ﺗﻪ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﮄﺭ
ﺟﻲ ﻣﺪﺩ ﺳﺎﻥ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺩﭔﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺁﻭﺍﺯ ﺩﭔﻴﻞ ﺭﻫﻲ
ﭤﻮ. ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ﺍﻥ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﻫﺎﺭﻳﻦ ﺟﻲ ﺑﭽﺖ ﺍﭘﺖ ﺗﻲ ﻗﺎﺑﺾ ﺭﻫﻲ ﭤﻮ . ﺍﮔﺮ
ڪﻨﻬﻦ ﻫﺎﺭﻱ ﻭٽ ڪﻮ ﺫﺍﺗﻲ ﻣﺎﻝ ﻣﻠڪﻴﺖ ﻫﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻗﺮﺽ ﺟﻲ
ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﮐﺴڪﺎﺋﻲ ﭘﺎﮠ ﻭٽ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ . ﺯﺭﻋﻲ ﭘﻴﺪﺍﻭﺍﺭ ﺟﻲ ﮔﻬٽ ﺭﻗﻢ ﺟﻲ ڪﺮﻱ
ﺍﻥ ﺟﻮ ﭔﻮﺟﻪ ﺑﻪ ﻫﺎﺭﻱ ﺗﻲ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ .ﻫﺎﺭﻱ ﻭٽ ﺻﺮﻑ ﻫڪ ﺋﻲ ﺍﭘﺎﺀ ﺁﻫﻲ ﺍﺗﺤﺎﺩ
ڪﺮﻱ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ﺟﻮﻥ ﺯﻣﻴﻨﻮﻥ ﻏﻴﺮ ﺁﺑﺎﺩ ڪﺮﮠ، ﻣﺎﻥ ﺳﻤﺠﻬﺎﻥ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺍﺗﺤﺎﺩ ﺳﺎﻥ
ﻫﺎﺭﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻘﻦ ﮐﻲ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. ﻫﺎﺭﻳﻦ ﮐﻲ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ
ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻇﻠﻢ ﺳﺎﻥ ڪﻨﮕﺎﻝ ﺑﻨﺎﺋﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺍﮔﺮ ﻫﺎﺭﻱ ﭤﻮﺭڙﻭ ﻭﻳﭽﺎﺭ ڪﺮﻱ ﺍﺗﺤﺎﺩ
ڪﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻖ ﮀﻨﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ.
ﻫﺎﺭﻳﻦ ﺗﻲ ﻇﺎﻫﺮﻱ ﻇﻠﻢ.
ﻫﺎﺭﻱ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ﺟﻲ ﺳﺎﺯﺷﻦ ﮐﺎﻥ ﺗﻨﮓ ﭤﻲ ﻟڏﻱ ﻭﭸﮡ ﺟﻮ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ
ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭﺍﻧﻪ ﻇﻠﻢ ﺍﻥ ﻻﺀ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮐﻲ ﺟﻬﻨﻢ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﻦ ﭤﺎ. ڪڏﻫﻦ ﺧﺎﻧﮕﻲ ﺟﻴﻞ
ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ﺍﻭﻃﺎﻕ ﺗﻲ ﻧﻮڪﺮﻱ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ﭔﻴﺎ ﺑﻴﮕﺮ ﻟﻮﮢﮣﺎ ﭤﺎ ﭘﻮﻥ

سماج ۾ وڌندڙ مسئلن جا سبب

اسان جو سماج اسان جي سوچن جي آڌار تبديل ٿيندو رهي ٿو، اسان جي سوچن جو انحصار وقت ۽ حالتن تي آهي جيئن جيئن وقت هلندو رهي ٿو جيئن جيئن حالتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون تيئن تيئن انهن جي ردوبدل جو اثر سماج مٿان پوي ٿو. اسان جون انفرادي ڪاوشون اسان جي اجتماعي زندگي کي تبديل ڪريو ڇڏين.وقت جي آڌار انساني گهرجن ۾َبه واڌارو اچي ٿي ۽ انسان انهن جي پورائي لاء شب و روز محنت ڪري ٿو. انسان جي ان ڊوڙ ۾  ڪي  سنگين مسئلا پيدا ٿين ٿا جن جو اثر معاشري جي غريب طبقي تي پئي ٿي. مثال انسان جي آدشماري جي واڌ سبب کاڌ خوراڪ جي اڻاٺ جي ڪري غريب ۽ بي پهچ طبقو بک ڪاٽڻ تي مجبور ٿئي ٿو، غريب ان  جي ڪري وحشي بنجي ٿو ۽ ڪي ڌاڙيل، چور، ۽ آدم خور بنجي پون ٿا ته ڪي فحاش، بدبوء دار ماحول جو سبب بنجن ٿا. ٻي طرف کاڌ خوارڪ جي پيداوار کي وڌائي هڪ هاري پنهنجي وس کان وڌيڪ محنت ڪري  وڌيڪ زمين کيڙي ٿو ان لاء پاڻي، وسائل  جو مسئلو سنگين آهي انڪري ان جو اثر به سماج تي پوي ٿو. مثال وسائل جي کوٽ سبب اناج جي اڻاٺ پيدا ٿئي ٿو ۽ معاشي بدحالي وڌي ٿي. خير انهن مسئلن جي هوندي به امير طبقو جهڙوڪ زميندار، سرمايه دار  ته خوشحال آهن پر هاري مزدور گڏجي ان مصيبت جو مقابلو ڪن ٿا اهو سڀ مسئلو فطرتي طور تي پيدا ٿين ٿا مثال پاڻي جو کوٽ فصلن جو تباه ٿيڻ ، پيداوار لاء زرعي زمين جو گهٽ هجڻ وغيره انهن جو حل فطري قانونن کي سمجهي ڪري سائنسي ڪاوشون ڪري غيرفطري طريقا ٺاهڻ گهرجن.
ڪجه مسئلا سماج ۾ امير طبقي جي دٻاء جي ڪري پيدا ٿين ٿا جن  ۾ تعليم، صحت، رسوم الجهل وغيره قابل ذڪر آهن. تعليم جو جو شرح گهٽ هجڻ اهم سماجي مسئلو آهي نه صرف خود مسئلو آهي پر سڀني مسئلن جو جنم تعليم جو نه هجڻ يا بنه گهٽ هجڻ آهي. تعليم جو نه هجڻ يا گهٽ هجڻ سان   جهالت، اناپرستي، نسل پرستي، وهم وڌي ٿو جنهن جي ڪري قتل عام ٿين ٿا ماڻهو منجهان ايمان، احساس، ختم ٿيو وڃي. نسل پرستي جي ڪري انسانيت، روحانيت، وحدانيت ختم ٿي وڃي ٿو ماڻهو عصبيت جي مرض ۾ مبتلا ٿي پنهنجي قوم يا نسل جي ظالم جو حمايت ڪري وڌيڪ همٿائي ٿو ته جيئن هو وڌيڪ ظلم ڪري، مان سمجهان ٿو ته تعليم کي عام ڪرڻ سان سماجي مسئلن ۾ ڪمي اچي سگهي ٿو.
صحت جو مسئلو سماج ۾ تعليم جي مسئلي کان پوء اهم  مسئلو آهي، معاشري ۾َطبعي امراض جو سبب مسڪيني طبعي سهولتن جو عدم موجودگي آهي،صحت جي سهولتن جي نه هجڻ جي ڪري دماغي مرض، خوني مرض عام ٿين ٿيون  جن جي ڪري ماڻهو معزور ٿي پون ٿا اگر هڪ فرد به معزور آهي ته اهو پوري خاندان لاء مسئلو آهي.
ٽيون مسئلو جيڪو سماج اندر انقلاب برپا ڪري ٿو  اهو آهي بيروزگاري، بيروزگاري جي ڪري خودڪشيون عام ٿين ٿيون ڌاڙو چوري زوري ناانصافي وغيره ٿين ٿا.