منگل، 6 اکتوبر، 2015

اضافيت جو نظريو.

البرٽ آئن اسٽائن جو نظريه اضافت، يا صرف اضافيت خاص طرح سان ٻن نظرين ڏانهن اشارو ڪري ٿو:خصوصي اضافيت ۽ عمومي اضافيت مطالعاتي  مضمون جي لحاظ سان اضافيت  ۾ ڏهائي نظريات ثقل جن ۾ خصوصي اضافيت مڪاني طور تي استعمال ٿيندو آهي، جن ۾ شامل هوندا آهن.
اضافيت جي اصطلاح ميڪس پلانڪ 1908ع۾ ايجاد ڪئي هئي هو ان ڳاله  تي زور ڏئي رهيو هو ته ڪهڙي طريقي خصوصي  اضافيت (جيڪو ان وقت اضافيت جو واحد نظريو هو) اصول اضافيت کي استعمال ڪري ٿي.
خصوصي اضافيت
البرٽ آئن اسٽائن 1905ع ۾ پنهنجي مقالي ”متحرڪ جسمن جي  حرڪيات تي“ ۾ خصوصي نظريه اضافيت کي متعارف ڪرايو. خصوصي نظريه اضافيت  جي مطابق هڪ جمودي حوالاجاتي قالب ۾ مشاهدو ڪندڙن جو هڪ ٻئي جي نسبت هڪجهڙي رفتار ۾ متحرڪ هجن ڪو اهڙوتجربو نه ڪري سگهيوجنهن سان هي معلوم ڪري سگهجي ته ان منجهان ڪهڙو ساڪن آهن.ان کي اضافيت جو اصول چون ٿا.البرٽ آئن اسٽائن جي ڪم ۾ هي اصول نئون نه هئو، پر هن کي خبر پيو ته ان اصول ۾ برقناطيسيت ڪرڻ لاء  نهايت حيران ڪندڙ نتيجن جي حامل  هڪ  نئين پابندي مطلوب هئي. خاص طور تي، ان لاء ضروري  هو ته خلا ۾ روشني جي رفتار سڀني مشاهدو ڪندڙن لاء يڪسان هجي ۽ ان طرح ان کي مشاهدو ڪندڙ يا منبع نور  جو ڪوبه اثر نه هجي.
خصوصي نظريي اضافيت جي ڪمالات مان هڪ ڪمال هي به آهي ته ان کي  صرف ٻه مقدمن کان اخذ ڪري سگهجي ٿو.
قصري حوالگي قالب ۾ طبيعات جا قانون يڪسان آهن ،ان جو مطلب آهي ته  هڪ فرضي مشاهد  جيڪو اضافيتي زرڙي سان گڏ  سفر ڪري ٿو ۽ هڪ اهڙو مشاهدو جيڪو تجربيگاه ۾ ساڪن هجي طبيعات جي قانونن کي ٻئي هڪجيترو  محسوس ڪندا .
خلا ۾ روشني جي رفتار ثابت آهي (299،792،458).
عمومي اضافيت
عمومي اضافيت جي نظريي کي 1911ع کان 1915ع تائين جي سالن ۾ آئن اسٽائن قائم ڪيو. عمومي اضافيت هڪ انگي(جاميٽري) نظريو آهي جيڪو دعوي ڪري ٿو ته مادي جو وجود خلائي وقت کي موڙي ڇڏي ٿو.هي موڙ آزاد ذرڙن جي (ايستائين جو روشني به) رستي تي نظرانداز ٿئي ٿو
هن نظريي ۾ ثقلي اثر کي ثقل جي بغير بيان ڪرڻ لاء (افتراقي) مخطلف انگ ۽ ٽينسرس جي رياضي کي استعمال ڪيو ويو آهي. هن نظريي ۾  روشني  جي رفتار سان  سفر ڪرڻ وارن سميت سڀني مشاهدن کي هڪ سمجهيو ويندو آهي.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں