ہفتہ، 3 اکتوبر، 2015

تصور خدا

ﺗﺼﻮﺭ ﺧﺪﺍ.
ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ﺍﭲ ﺟﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﻭﺭﻫﻦ ﮐﺎﻥ ﻫﻠﻨﺪﻭ ﭘﻴﻮ ﭤﻮ ﺍﭼﻲ،
ﭘﺮ ﺍﭲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﮐﻲ ڪﺎ ﺑﻪ ﻣﻨﻄﻖ ﻭ ﺩﺍﻧﺶ ﺳﺎﻥ
ﭠڪﺮﺍﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻲ
ﻣﻌﻨﻲ ۽ ﻣﻔﻬﻮﻡ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺗﻪ ﻭﺟﻮﺩ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ . ﻭﺟﻮﺩ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ ﺟﻮ
ﻧﺎﻟﻮ ﺁﻫﻲ ڪﻨﻬﻦ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ ﮐﻲ ﺻﺮﻑ ڏﺳﻲ ﺗﺴﻠﻴﻢ ﻧﻪ ﭤﻮڪﺮﻱ
ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭘﺮ ڪﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺧﻮﺍﻩ ﻣﺎﺩﻱ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﺎﺩﻱ ﺻﺮﻑ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﺮﻱ
ﺳﮕﻬﺠﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ ﺍﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﺴﻠﻴﻢ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻲ
ڪﺎ ﻧﺸﺎﻧﻲ، ڪﺮﺗﺐ، ﻳﺎ ڪﻤﺎﻝ ﺁﻫﻲ . ﺧﺪﺍ ﺟﻮ ﻭﺟﻮﺩ ﻣﺎﺩﻱ ﺍﮎ ﻳﺎ ﻋﻘﻞ ﺳﺎﻥ ڏﺳﻲ
ﻳﺎ ﺛﺎﺑﺖ ﻧﻪ ﭤﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺍﻟﺒﺘﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮﻥ ﺍﻧﻴڪ ﺷﺎﻫﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ
ﻣﺜﺎﻝ ﻓﻄﺮﺕ ، ﻗﺪﺭﺕ، ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺍﺑﺘﺪﺍ ﻭﻏﻴﺮﻩ . ﺟڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﻓﻄﺮﺕ ﺟﻲ
ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﻭﻳﭽﺎﺭ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﻫڪ ﺍٽﻞ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾
ﻣﻌﻠﻮﻡ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺭﺩ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻧﻪ
ﺋﻲ ﺍﻥ ۾ ﺗﺮﻣﻴﻢ ڪﺮﻱ ڪﻮ ﻧﺌﻮﻥ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺁﮢﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ، ﺳﺞ ﭼﻨڊ ﺗﺎﺭﻥ ﺟﻲ
ﺭﻭﺷﻨﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﺗﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ، ﻣﺘﻀﺎﺩ ﻋﻨﺼﺮﻥ ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻲ ﺟﺴﻤﻦ ﺟﻮ ﭠﻬﮡ ڪﻨﻬﻦ
ڪﺎﺭﻳﮕﺮﻱ ﺟﻲ ڪﻤﺎﻝ ﺟﻲ ﮔﻮﺍﻫﻲ ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﻧﻈﺎﻡ ﻗﺪﻳﻢ ﺩﻭﺭﻥ
ﮐﺎ ﻳڪﺴﺎﻥ ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڪﻮ ﺑﻪ ﻓﺮﻕ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻠﺤﺪ ﺟڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺍﻫڙﻭ
ﺩﻟﻴﻞ ﺟﻴڪﻮ ﻣﻮﻥ ﻫﺘﻲ ڏﻧﻮ ﺁﻫﻲ ﭘڙﻫﻲ ڪﺮﻱ ﺟﻬٽ ﭘٽ ۾ ﭼﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ ﺍﻫﻮ
ﺧﺪﺍ. ڪﻬڙﻭ ﺁﻫﻲ ڪﭥﻲ ﺁﻫﻲ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺳﻮﺍﻝ ﭘﮁﻨﺪﺍ، ﺍﻫڙﺍ ﺳﻮﺍﻝ ﻏﻴﺮ ﻣﻨﻄﻘﻲ
ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ، ﮀﻮ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾َﺍﮔﺮ ﺗﺼﻮﺭ ڪﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ڪﺎ
ﺷڪﻞ ﺟﺎﺀ ﻣڪﺎﻥ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ ﻻﺯﻣﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻮ ﻭﻗﺖ، ﻣڪﺎﻥ ۾ ﻗﻴﺪ ﻫڪ
ﻣﺨﻠﻮﻕ ﮐﺎﻥ ﻣﺨﻄﻠﻒ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﭘﻮﺀ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺑﻪ ڪﻮ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺧﺪﺍ ﮐﻲ
ﺍﻥ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻟﻔﻆ ۾ ﮘﻮﻟﺠﻲ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﻟﻔﻆ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ۽ ﻣﻔﻬﻮﻡ
ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﺟڏﻫﻦ ﺍﺳﺎﻥ ﻟﻔﻆ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ۽ ﻣﻔﻬﻮﻡ ﺗﻲ ﻭﻳﭽﺎﺭ ڪﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﻪ
ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﻫڪ ﻭﺍﺣﺪ ﺣﻴﺮﺕ ﺍﻧﮕﻴﺰ ﻏﻴﺮ ﻣﺎﺩﻱ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﭴﺎﮠ ﻣﻠﻨﺪﻱ . ﻟﻔﻆ
ﺧﺪﺍ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺁﻫﻲ ﺧﺪ، ﺧﺪ ﻣﺎﻥ ﻣﺮﺍﺩ ﭘﺎﮠ
ﺋﻲ ﭘﺎﮠ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﻭﻝ ﻳﺎ ﺁﺧﺮ ڪﻮﻧﻬﻲ ﻫﻮ ﺍﺯﻝ ﺗﺎ ﺍﺑﺪ ﺁﻫﻲ ۽ ﺭﻫﻨﺪﻭ، ﺟﻴڪڏﻫﻦ
ﺍﺳﺎﻥ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺷڪﻞ ﺍﺷڪﺎﻝ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﺳﻮﭼﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ ﺧﺪﺍ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﻌﻨﻲ
ﺀ ﻣﻔﻬﻮﻡ ﺑﺎﻗﻲ ﻧﻪ ﺭﻫﻨﺪﻱ . ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﺷڪﻞ ﺍﺷڪﺎﻝ ﻭﺍﺭﻱ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪڙ
ﺍﺑﺘﺪﺍ ۽ ﺍﻧﺘﻬﺎ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﻭﻝ ﺑﻪ ڪﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﮐﺎﻥ ﺁﺧﺮ ﺑﻪ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻨﺪﺍ،
ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﺷڪﻞ ﺍﺷڪﺎﻝ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ﺳﻮﭾ ﺋﻲ ﻏﻠﻂ ۽ ﺍﻫڙﻭ ﺳﻮﺍﻝ ڪﺮﮠ ﻏﻴﺮ ﺍﻫﻢ
۽ ﺑﻴﻮﻗﻮﻓﻲ ﻻﻋﻠﻤﻲ ﺁﻫﻲ.
ﺍﺳﺎﻥ ڪﻴﺌﻦ ﺳﻤﺠﻬﻮﻥ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﺁﻫﻲ؟ ﻫﻲ ﻫڪ ﺍﻫﻢ ﺳﻮﺍﻝ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻫﺮ
ﻓﻴﻠﺴﻮﻑ ﺟﻲ ﺫﻫﻦ ﺗﻲ ﮔﺮﺩﺵ ڪﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ ﭤﻮ، ﺍﻥ ﺟﻮ ﺟﻮﺍﺏ ﻫﻦ ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ
ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ڪﻨﻬﻦ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ، ﺩﺍﻧﺎﺋﻲ، ﻭڏﺍﺋﻲ ﺟﻮ ﮔﻮﺍﻩ ﺍﻥ ﺟﻮ ڪﻤﺎﻝ ۽
ﻗﻮﺕ ﺁﻫﻲ، ﻣﺜﺎﻝ ﻫﻮﺍ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ ﮐﻲ ﺗﺴﻠﻴﻢ ڪﺮﻳﻮﻥ
ﭤﺎ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺟﺴﻢ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺍﺳﺎﻥ
ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ڪﻤﺮﻱ ۾َﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ ﺟﻮﻥ ﻧﺸﺎﻧﻴﻮﻥ
ڏﺳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﭔﺎﻫﺮ ﻭﮢﻦ ﺟﺎ ﭘﻦ ﻟڏﻥ ﭤﺎ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ڪﭙڙﺍ ﺍڏﺭﻥ ﭤﺎ ﺍﺋﻴﻦ ﺍﺳﺎﻥ
ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭘڪ ﻫﻮﺍ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ڪﭙڙﺍ ﺍڏﺭﻥ ﭤﺎ ڪﮏ
ﺍڏﺍﻣﻦ ﭤﺎ . ﺍﺋﻴﻦ ﺧﺪﺍ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭘﺮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ ﮐﻲ
ﺗﺴﻠﻴﻢ ڪﺮﮠ ﻻﺀ ﻓﻄﺮﺕ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻮ ﭠﻬﮡ ﻣﺎﺩﻱ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻠﻴﻮﻥ، ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ
ﻣﺨﺼﻮﺹ ﮔﻮﻟﻲ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻗﺪﺭﺕ، ﺣﻘﻴﻘﺖ ۽ ﻻﻓﺎﻧﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮﻥ
ﻧﺸﺎﻧﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ.
ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺍﺑﺘﺪﺍ
ﺟڏﻫﻦ ﺍﺳﺎﻥ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ڪﻮ ﺑﻪ ﻣﮑﻴﻪ ﺩﻟﻴﻞ ڏﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ
ﺁﻫﻲ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻮ ﻭﺟﻮﺩ ۽ ﺍﻥ ﺟﻮ ﭠﻬﮡ . ﺍﮘﻴﻦ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﻓﻠﺴﻔﻴﻦ ۽ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪﺍﻧﻦ
ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ﻫﻮ ﺗﻪ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺍﺯﻝ ﮐﺎﻥ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺟﻮ ڪﻮ ﺍﻧﺖ ڪﺎﻧﻬﻲ ﭘﺮ ﺑﮓ ﺑﻴﻨﮓ
ﻧﻈﺮﻳﻲ ﺍﻫﻲ ﺳﭛ ﺧﻴﺎﻝ ﺧﺪﺷﺎ ﺩﻭﺭ ڪﺮﻱ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﺣﻴﺮﺕ ﺍﻧﮕﻴﺰ ﭴﺎﮠ
ڏﻧﻲ، ﺍﻥ ﻧﻈﺮﻳﻲ ۾َﭔﮅﺍﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺗﻪ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﻫڪ ﻋﻈﻴﻢ ﮄﻣﺎڪﻲ ﻣﺎﻥ ﻭﺟﻮﺩ ۾ ﺁﺋﻲ
ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺍﭲ ﮐﺎﻥ ﺍﺭﺑﻴﻦ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﭘﻴﺶ ﺁﻳﻮ ﻫﻮ . ﺍﻥ ﮄﻣﺎڪﻲ ﺗﻲ ﺍﮔﺮ ﻏﻮﺭ ﻓڪﺮ
ڪﺮﮢﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻋﺎﻡ ﮄﻣﺎڪﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﻭﻳﭽﺎﺭ ڪﺮﮢﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ
ﮄﻣﺎڪﻮ ﻫڪ ﺗﺤﺮڪ ﺁﻫﻲ، ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﺴﻢ ۾ ﺗﺤﺮڪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﺮڪﺰ ﮐﺎﻥ ﭘﻴﺪﺍ
ﭤﻴﻨﺪﻭﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ﺗﺤﺮڪ ﺧﺎﺭﺟﻲ ﻣﺪﺍﺧﻠﺖ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻤڪﻦ ﺁﻫﻲ، ﻣﺜﺎﻝ ﻫڪ ﮔﺌﺲ
ﺳﻠﻴﻨڊﺭ ﺟﻮ ﻣﺸﺎﻫﺪﻭ ڪﺠﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺍﮔﺮ ﮄﻣﺎڪﻮ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﺎ ڪﻲ
ﺧﺎﺭﺟﻲ ﺳﺒﺐ ﺁﻫﻦ ﻣﺜﺎﻝ ﺍﻫﺎ ﻟﻮڏﻭ ﺍﭼﮡ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ڪﺮﻱ ﭘﻴﻮ، ﺍﻥ ۾ ﺑﺎﻩ ﺩﺍﺧﻞ
ﭤﻲ، ﻳﺎ ﺣﺮﺍﺭﺕ ﺟﻲ ﻭﮄﺍﺀ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﮄﻣﺎڪﻮ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ ﻳﺎ ڪﻨﻬﻦ ﺧﺎﺭﺟﻲ ﺯﻭﺭ
ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﮄﻣﺎڪﻮ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ، ﺯﻭﺭ، ﺣﺮﺍﺭﺕ، ﺑﺎﻩ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺭ ﺩﺍﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﺳﭛ ﺧﺎﺭﺟﻲ
ﻣﺪﺍﺧﻠﺖ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﮄﻣﺎڪﻮ ﭤﻴﻮ ﺍﻫﻮ ﻣﺜﺎﻝ ﮐﮣﻲ ﺍﺳﺎﻥ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺗﻲ
ﻻﮘﻮ ڪﺮﻳﻮﻥ ﺗﻪ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻴڪﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﻧﺒﻴﻮﻻ ﻫﺌﻲ ﺍﻥ ۾ ﮄﻣﺎڪﻮ
ڪﻨﻬﻦ ﺧﺎﺭﺟﻲ ﻗﻮﺕ ﺟﻲ ﻣﺪﺍﺧﻠﺖ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻤڪﻦ ﺁﻫﻲ، ﺍﻫﺎ ﺧﺎﺭﺟﻲ ﻗﻮﺕ ﺟﻨﻬﻦ
ﻫڪ ﮄﻣﺎڪﻲ ﻣﺎﻥ ﻫﻲ ﻋﻈﻴﻢ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺗﺸڪﻴﻞ ڏﻧﻲ ڪﺎ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﻗﻮﺕ ﻧﻪ ﭤﻲ
ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﺍﻥ ﻗﻮﺕ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺧﺪﺍ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﮐﻲ ﻭﺟﻮﺩ ۾َﺁﻧﺪﻭ . ﺍﻫﻮ
ﺩﻟﻴﻞ ﻣﻠﺤﺪﻥ ﻻﺀ ڪﺎﻓﻲ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﭘﻮﺀ ﺑﻪ ﻫﻮ ﻫڪ ﺳﻮﺍﻝ ﺿﺮﻭﺭ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ
ﮐﻲ ڪﻨﻬﻦ ﭠﺎﻫﻴﻮ؟ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺍﺳﺎﻥ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪڙ ﮐﻲ ﺗﺴﻠﻴﻢ ڪﺮﻳﻮﻥ ﺗﻪ
ﭘﻮﺀ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺑﻪ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺧﺪﺍ ﮐﻲ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻴﻮ ﺍﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪڙ
ﻻﺗﻌﺪﺍﺩ ﺑﻨﺠﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﺧﺮ ﺍﻫﻮ ﺟﻮﺍﺏ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﺟﻮ ڪﻮﺑﻪ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪڙ
ڪﻮﻧﻬﻲ.
ﻫڪ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺍﮔﺮ ﻋﻘﻞ ڏﺍﻫﭗ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ
ڪﺮﻱ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮ ﻣﺘﻼﺷﻲ ﺑﻨﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺧﺪﺍ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﺑﻪ ﺳﮕﻬﻲ
ﭤﻮ . ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺗﺤﻘﻴﻖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺍﻳﺘﺮﻳﻘﺪﺭ ﺗﻪ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮ ﻗﺎﺋﻞ ﺑﻨﺎﻳﻮ
ﻫﺎﮢﻲ ﺍﮔﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ڪﻮ ﻣﻨڪﺮ ﻣﻨﻄﻖ ﻳﺎ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﻣﺎﻥ ﺩﻟﻴﻞ ڏﺋﻲ ﺗڏﻫﻦ ﺑﻪ
ﻣﺎﻥ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮ ﺍﻧڪﺎﺭ ﻧﻪ ﭤﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺎﻥ . ﻣﻮﻥ ﺟڏﻫﻦ ﭼﺌﻦ ﻋﻨﺼﺮﻥ
ﺟﻬڙﻭڪ ﻫﻮﺍ، ﺑﺎﻩ، ﭘﺎﮢﻲ، ﻣٽﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﺎﻫﺪﻭ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫڪ ڪﺮﮠ ﺟﻲ
ڪﻮﺷﺶ ڪﺌﻲ ﺗﻪ ﻧﺎڪﺎﻡ ﻭﻳﺲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﻋﻘﻞ ﻣﻼﺋﻲ ﻫڪ ﻧﻪ ﭤﻮ
ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﺎ ڪﻬڙﻱ ﻫﺴﺘﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻲ ﺳﭛ ﺟﻮڙﻱ ﻣﻼﺋﻲ ﻫڪ
ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺩﻧﻴﺎ ﺗﺸڪﻴﻞ ڏﻧﻲ؟ ﺍﻫﻲ ﺍﺋٽﻢ ﺟﻴڪﻲ ﭘﺎﮠَ۾ ﺗﻀﺎﺩ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ ﺍﻫﻲ ﺍﺋٽﻢ
ﭘﺎﮠ ۾ ﻣﻠﻲ ﻫڪ ﻣﺎﺩﻭ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﺁﺧﺮ ﺍﻫﺍ ڪﻬڙﻱﻃﺎﻗﺖ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﺗﻀﺎﺩﻥ ﮐﻲ
ﺧﺘﻢ ڪﺮﻱ ﻭﺟﻮﺩَ ۾ ﺁﮢﻲ ﭤﻱ؟ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻫڙﺍ ﺳﻮﺍﻝ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﻫﻦ ۾ ﺍﭜﺮﻥ ﭤﺎ ﺗﻪ
ﭘﻮﺀ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻋﻠﻢ ﻋﻘﻞ ﺟﻮﺍﺏ ڏﺋﻲ ﮀڏﻱ ﭤﻮ . ﺁﺧﺮ ﺍﻥ ﻗﻮﺕ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﺳﻮﭼﺎﻥ
ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﺍ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﺎﻣﻤڪﻦ ڪﻢ ﻣﻤڪﻦ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﻣﺘﻀﺎﺩ ﻋﻨﺎﺻﺮ ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻲ
ﻋﺠﻴﺐ ﺩﻧﻴﺎ ﺑﻨﺎﺀﻱ ﺗﻪ ﺍﻫﺍڪﻨﻬﻦ ﻭﺟﻮﺩ ﮐﻲ ﻋﺪﻡ ﻣﺎﻥ ﭠﺎﻫﻲ ﻧﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ؟
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻣﺘﻀﺎﺩ ﻋﻨﺎﺻﺮ ﭘﺎﮠَ۾ ﻣﻼﺋﻲ ﻫڪ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﻋﺪﻡ
ﻣﺎﻥ ﻭﺟﻮﺩ ﭘﻴﺪﺍ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ . ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺗﻀﺎﺩ ﮀﻮ ﺁﻫﻲ؟ ﺟﻴڪﻮ ﭘﻮﺭﻭ ﻣﺎﺩﻭ ﻫڪ
ﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾َﺍﻥ ﺟﻲ ﻋﻨﺎﺻﺮ ﻭ ﺯﺭﺍﺕ ۾ ﺗﻀﺎﺩ ﮀﻮ ﺁﻫﻲ؟؟ ﻫﻲ
ﺗﻀﺎﺩ ﺧﻮﺩ ﺑﺨﻮﺩ ﺑﻲ ﻣﻘﺼﺪ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ڪﺎ ﻃﺎﻗﺖ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻲ
ﺗﻀﺎﺩ ﭴﺎﮢﻲ ﻭﺍﮢﻲ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻴﺎ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻀﺎﺩﻥ ﺟﻲ ﺁﮄﺍﺭ ﺗﻲ ﺗﺒﺪﻳﻠﻴﻮﻥ ﭤﻴﻨﺪﻳﻮﻥ
ﺭﻫﻦ ﻓﻄﺮﺕ ﻏﺎﻟﺐ ﺭﻫﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺗﺮﻗﻲ ڪﺮﻱ . ﺍﻫﺍ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﺎﻣﻤڪﻦ ﮐﻲ ﻣﻤڪ ﻥ
ﺑﻨﺎﺋﻲ ﺗﻀﺎﺩ ﻗﺎﺋﻢ ڪﺮﻱ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺳﻨﻮﺍﺭﻳﻮ ۽ ﺳﻴﻨﮕﺎﺭﻳﻮ ڪﺎ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﻧﻪ
ﺋﻲ
ڪﺎﺋﻨﺎﺗﻲ ﻗﻮﺗﻦ ﺟﻱ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﭤﻲ . ﺍﮔﺮ ﺍﻫﻮ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﭘﻮﺀ
ﻓﻄﺮﺗﻲ ﺗﺒﺪﻳﻠﻴﻮﻥ ﺑﻲ ﻭﻗﺘﺎﺋﺘﻮ ۽ ﺑﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﺠﻦ ﻫﺎ
 ڪﻮﺷﺶ ڪﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں