اتوار، 4 اکتوبر، 2015

سماج ۾ وڌندڙ مسئلن جا سبب

اسان جو سماج اسان جي سوچن جي آڌار تبديل ٿيندو رهي ٿو، اسان جي سوچن جو انحصار وقت ۽ حالتن تي آهي جيئن جيئن وقت هلندو رهي ٿو جيئن جيئن حالتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون تيئن تيئن انهن جي ردوبدل جو اثر سماج مٿان پوي ٿو. اسان جون انفرادي ڪاوشون اسان جي اجتماعي زندگي کي تبديل ڪريو ڇڏين.وقت جي آڌار انساني گهرجن ۾َبه واڌارو اچي ٿي ۽ انسان انهن جي پورائي لاء شب و روز محنت ڪري ٿو. انسان جي ان ڊوڙ ۾  ڪي  سنگين مسئلا پيدا ٿين ٿا جن جو اثر معاشري جي غريب طبقي تي پئي ٿي. مثال انسان جي آدشماري جي واڌ سبب کاڌ خوراڪ جي اڻاٺ جي ڪري غريب ۽ بي پهچ طبقو بک ڪاٽڻ تي مجبور ٿئي ٿو، غريب ان  جي ڪري وحشي بنجي ٿو ۽ ڪي ڌاڙيل، چور، ۽ آدم خور بنجي پون ٿا ته ڪي فحاش، بدبوء دار ماحول جو سبب بنجن ٿا. ٻي طرف کاڌ خوارڪ جي پيداوار کي وڌائي هڪ هاري پنهنجي وس کان وڌيڪ محنت ڪري  وڌيڪ زمين کيڙي ٿو ان لاء پاڻي، وسائل  جو مسئلو سنگين آهي انڪري ان جو اثر به سماج تي پوي ٿو. مثال وسائل جي کوٽ سبب اناج جي اڻاٺ پيدا ٿئي ٿو ۽ معاشي بدحالي وڌي ٿي. خير انهن مسئلن جي هوندي به امير طبقو جهڙوڪ زميندار، سرمايه دار  ته خوشحال آهن پر هاري مزدور گڏجي ان مصيبت جو مقابلو ڪن ٿا اهو سڀ مسئلو فطرتي طور تي پيدا ٿين ٿا مثال پاڻي جو کوٽ فصلن جو تباه ٿيڻ ، پيداوار لاء زرعي زمين جو گهٽ هجڻ وغيره انهن جو حل فطري قانونن کي سمجهي ڪري سائنسي ڪاوشون ڪري غيرفطري طريقا ٺاهڻ گهرجن.
ڪجه مسئلا سماج ۾ امير طبقي جي دٻاء جي ڪري پيدا ٿين ٿا جن  ۾ تعليم، صحت، رسوم الجهل وغيره قابل ذڪر آهن. تعليم جو جو شرح گهٽ هجڻ اهم سماجي مسئلو آهي نه صرف خود مسئلو آهي پر سڀني مسئلن جو جنم تعليم جو نه هجڻ يا بنه گهٽ هجڻ آهي. تعليم جو نه هجڻ يا گهٽ هجڻ سان   جهالت، اناپرستي، نسل پرستي، وهم وڌي ٿو جنهن جي ڪري قتل عام ٿين ٿا ماڻهو منجهان ايمان، احساس، ختم ٿيو وڃي. نسل پرستي جي ڪري انسانيت، روحانيت، وحدانيت ختم ٿي وڃي ٿو ماڻهو عصبيت جي مرض ۾ مبتلا ٿي پنهنجي قوم يا نسل جي ظالم جو حمايت ڪري وڌيڪ همٿائي ٿو ته جيئن هو وڌيڪ ظلم ڪري، مان سمجهان ٿو ته تعليم کي عام ڪرڻ سان سماجي مسئلن ۾ ڪمي اچي سگهي ٿو.
صحت جو مسئلو سماج ۾ تعليم جي مسئلي کان پوء اهم  مسئلو آهي، معاشري ۾َطبعي امراض جو سبب مسڪيني طبعي سهولتن جو عدم موجودگي آهي،صحت جي سهولتن جي نه هجڻ جي ڪري دماغي مرض، خوني مرض عام ٿين ٿيون  جن جي ڪري ماڻهو معزور ٿي پون ٿا اگر هڪ فرد به معزور آهي ته اهو پوري خاندان لاء مسئلو آهي.
ٽيون مسئلو جيڪو سماج اندر انقلاب برپا ڪري ٿو  اهو آهي بيروزگاري، بيروزگاري جي ڪري خودڪشيون عام ٿين ٿيون ڌاڙو چوري زوري ناانصافي وغيره ٿين ٿا.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں