جهڙي طرح سان دور تبديل ٿيندو رهي ٿو تهڙي طرح سان معاشري جا امير روز بروز امير ٿيندا وڃن ٿا پر بي پهچ، مظلوم، مسڪين،غريب طبقو هر طرح سان اميرن جي هٿان برباد پيو ٿئي. مون کي افسوس آهي انهن روشن خيالن تي جيڪي سوشلزم جا پيروڪار هوندي به انهن بي پهچن سان اهڙوئي ورتاء ڪندا آهن جهڙو امير طبقو ڪري.خدا انسان کي فطري طور تي آزاد خلقيو بلاتفريق پيدا ڪيائين سڀ انسان فطرتي طور تي هڪ جهڙي بناوت وارا آهن، پر معاشري جا رئيس رعيت بڻائي غريبن کي بيوقوف بڻائن ٿا. انسان جنهن کي ٻالو، ڀنگي، ڪم ذات سمجهي نظرن مان ڪيرائڻ قدرت جي ڪمال سان جنگ برابر آهي. هڪ غريب کي به اوتروئي جيئڻ جو حق آهي جيترو ٻي طبقي جي فرد کي.
غريبن کي قوميت ۾ ورهائي انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي قتل واقتال ڪندڙ وڏيرا ،رئيس، نواب، سردار ڪڏهن به آمهون سامهون نه اٽڪندا نه ئي هڪ ٻئي جو قتل ڪندا،انهن جي اهڙي قسم جي فريب کي ڏسي ائين چئجي ته غريب طبقو امير طبقي جو هٿيار آهي جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪريس.پر امير طبقو امير ئي ڇو رهي ٿي؟ آء سمجهان ٿو ته اهو وهم پرستي، خوف، انڌي تقليد۽ شرڪ جي ڪري آهي. مثال هڪ غريب جڏهن به باشعور بنجي باغي ٿيڻ چاهيندو ته ان کي وسوسن جي مرض ۾ مبتلا ڪندا ته تون خدا جي ڏنل عزت جيڪو رئيس کي مليو انڪار ٿو ڪرين هي خدا جي مرضي آهي جنهن کي وڻيس عزت عطا ڪري جنهن کي ذليل ڪري. منهنجو انهن مفتين کان سوال آهي ته عزت يا زلت پئسي جي هجڻ يا نه هجڻ جو نالو نه آهي اگر ائين آهي ته پوء دنيا جا سڀ پيغمبر، ولي الله، غريب هئا ۽ غريب ئي رهيا ته ڇا اهي عزتدار نه هئا؟. ٻيو وري هيئن به چوندا ته ڪنهن جي دولت کي ڏسي ان سان ريس ڪري طبقاتي جدوجهد ناانصافي آهي. منهنجو انهن کان سوال آهي ته اها دولت جيڪا امير جي بينڪ اڪائونٽ ۾آهي ان کي امير ڪيئن ڪمايو؟جنهن پگهر وهائي بک ڪاٽي زمين چيري برن کي بهار بنايو ته ان جي حقن جو لتاڙ ظلم نه آهي؟.
پر اهي مفتي، دانشور جيڪي جاگيردارن،سرمايه دارن جا پگهاردار آهن اهي غريب طبقي کي جهنم جو ڊڄ ڏئي سندن حقن کي ڦٻائي ڇڏين ٿا.جيڪڏهن انسان ماء جي رحم مان پيدا ٿئي ٿو ته ان انسان کي غربت جو ٺپو لڳل ڪونهي نه ئي ڪنهن طبقي،قوميت جو سرٽيفڪيٽ مليل اٿس اهي سڀ بعد ۾ اميرن، مفتين جو چال آهي غريب طبقي کي بيوقوف بڻائڻ لاء.
جنهن ٻني ۾ هاري پنهنجا ننگ ڪمائي تتي ٿڌي ۾ ٻار ساڙي ٺاري پگهر وهائي ٿو ان ٻني مان ان کي کائڻ لاء اناج تائين نه ٿي ملي؟ زمين ته خدا جو آهي پر قابض امير رهيا ۽ غريب ان جي ظلم جو شڪار ٿين ٿا.
هاري طبقو يا مزور محنت ته ڪن ٿا پر ان جي ڪمائي کي ڦٻائڻ لاء يا ان جي بچت کي ڦرڻ لاء سرمايه دار طبقو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪڏهن اناج مهانگي ته ڪڏهن لٽو ڪپڙو مهانگو.
آء پيو سوچان ته انسان دوست مفڪر به ان ظلم تي چادر چاڙهي پنهنجي ذاتي مفادن پويان لڳي وڃن ٿا پوء غريبن جي حقن لاء ڪير وڙهندو.
فطري اصول ته هي آهي جيڪڏهن هرڪو کائڻ جو قابليت رکي ٿو ان کي ڪمائڻ به گهرجي هر شخي انساني ناتي سان آزاد آهي ته پوء طبقا،قبيلا وغيره ختم ٿيڻ گهرجن. جيڪو وڌيڪ چڱو کائڻ چاهي ٿو ته ان کي ڪمائڻ به اوتروئي گهرجي
ها اگر ڪمائڻ لاء هڪ طبقو هجي ته پوء وارث به اهو ئي هجڻ گهرجي. رياست هڪ گهر وانگر آهي قوم ان ۾ رهندڙ ڪٽنب آهي ڪٽنب جو اعلي ۽ هلچل به ان جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي جيڪو پوري ڪٽنب کي پالي ٿو. سڀني جو هڪ ئي ملڪيت هجي جنهن جي ڪمائي جو اجورو سڀني کي هڪ جيترو ملڻ گهرجي.
ہفتہ، 10 اکتوبر، 2015
غريب طبقي سان ظلم ۽ فطري اصول .
سبسکرائب کریں در:
تبصرے شائع کریں (Atom)
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں