ہفتہ, جنوری 23, 2016

ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڪﻬڙﻱ ﺁﻫﻲ؟
ڪﺠﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﮖ ﻣﻮﻥ ﺳﻮﺍﻝ ڪﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڪﻬڙﻱ ﺁﻫﻲ؟ ﺍﺗﻲ ﻣﻮﻥ ٽﻲ ﺁﭘﺸﻦ ڏﻧﺎ ﻫﺌﺎ . ‏( 1 ‏) ﻣﺬﻫﺒﻲ ‏( 2 ‏) ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ‏( 3 ‏) ﻓﻠﺴﻔﻮ .
ڪﺠﻪ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﻲ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻗﺮﺍﺭ ڏﻧﻮ ڪﺠﻪ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﮐﻲ ﺗﻪ ڪﺠﻪ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﮐﻲ . ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﻫﺮﺷﺨﺺ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻠﻢ ﻓﻬﻢ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺍﻧﻬﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺟﻮﺍﺏ ۾ ﺑﻪ ﺍﻫﻮ ﻟﮑﻴﺎﺋﻮﻥ . ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺗﻪ ﻋﻠﻢ ڪﻬڙﻱ ﺑﻪ ﻫﺠﻲ ﺍﻫﺎ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺳﻮﭼﮡ ﺍﻥ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﻻﺀ ﺭﺍﻫﻮﻥ ﻫﻤﻮﺍﺭ ﭤﻮ ڪﺮﻱ . ﭘﻮﺀ ﺍﻫﺎ ﻋﻠﻢ ڪﻬڙﻱ ﺑﻪ ﻫﺠﻲ . ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻣﺬﻫﺐ ۽ ﻓﻠﺴﻔﻮ؟ ﻣﺬﻫﺐ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﻣﺎﻓﻮﻕ ﺍﻻﻧﺴﺎﻥ ﺗﺼﻮﺭ ﭤﻮ ڪﺮﺍﺋﻲ، ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻲ ﻧﻘﻄﻪ ﻧﻈﺮ ﺳﺎﻥ ڪﻮﺑﻪ ﻋﻠﻢ ﻳﺎ ﻭﺟﻮﺩ ﻳﺎ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﻣﺎﻓﻮﻕ ﺍﻻﻧﺴﺎﻥ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺋﻲ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺍﺻﻞ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ . ﻳﻌﻨﻲ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﻣﺎﺩﻱ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺟﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻮ ﻗﺎﺋﻞ ﺁﻫﻲ . ﻣﺬﻫﺐ ﻏﻴﺒﻲ ﺟﻬﺎﻥ ﮐﻲ ﻓﻮﻗﻴﺖ ﭤﻲ ڏﺋﻲ . ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﺳﭽﺎﺋﻲ ڪﻨﻬﻦ ﻭٽ ﺁﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﺗﻲ ﻣﺘﻔﻖ ﻧﻪ ﺁﻫﻦ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺣﻖ ۽ ﺳﭻ ﺍﭲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺨﻔﻲ ﺁﻫﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﻣﺎﻥ ڪﻨﻬﻦ ﻫﻲ ﺭﺍﺀ ﻳﺎ ﺗﺼﻮﺭ ﻣﺴﺘﻨﺪ ڪﻮﻧﻬﻲ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺍﺋﻴﻦ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﺳﻮ ﻓﻴﺼﺪ ﺳﭻ ﺁﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ﻣﺬﻫﺐ . ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﻭٽ ﻏﻴﺐ ﺟﻲ ﺗﺼﺪﻳﻖ ﻻﺀ ﭠﻮﺱ ﺩﻟﻴﻞ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻦ . ﺍﮔﺮ ڪﻮ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ڪﺮﻱ ﺗﻪ ﻭﺍﻩ ﻭﺍﻩ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﺮﺿﻲ . ﻓﻠﺴﻔﻲ ﻭٽ ﻏﻴﺒﻲ ﻗﻮﺗﻦ ﻣﻘﺎﺻﺪ ﺣﻴﺎﺕ ﻗﻮﺍﻧﻴﻦ ﻓﻄﺮﺕ ﺟﻮ ﻣﻘﺼﺪ ﻭﺍﺿﺢ ڪﺮﮠ ﻻﺀ ڪﻮﺑﻪ ﻧﻈﺮﻳﻮ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻫﻲ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻗﻴﺎﺱ ﺍﭼﻲ ﺍﻫﻮ ﺍﻥ ﻋﻠﻢ ﺗﻲ ﮄﻳﺎﻥ ڏﺋﻲ .
ٽﻴﻮﻥ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻴڪﻮ ﻣﺬﻫﺐ ۽ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻲ ﺑﺎﻫﻤﻲ ﻧﻈﺮﻳﺎﺗﻲ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻭﺟﻮﺩ ۾ ﺁﻳﻮ . ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎﻝ ۾ ﺳﻮ ﻓﻴﺼﺪ ﻧﻴﻮٽﺮﻝ ﻋﻠﻢ ﺟﻴڪﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﺩﻱ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﺪﻫﻲ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻭ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ﺳﺎ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ . ﻫڪ ﻓﺮﺩ ﺍﮔﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﻫﻨﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﻳﺎ ﻋﻤﻠﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﭤﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻋﻠﻢ ﻻﺯﻣﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ .
ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺧﻮﻑ ﺣﺮﺍﺱ ﺍﻋﺘﻘﺎﺩﺍﺕ ﻭ ﺍﻳﻤﺎﻧﻴﺎﺕ ﺗﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻮ ﺻﺮﻑ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺍﺧﻼﻗﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻟﻴﻮﻝ ﺗﻲ ﺍﺻﻼﺡ ڪﺮﻱ ﺍﻧﺴﺎﻥ ۾ ﺧﻮﻑ ﺟﺬﺑﻮ ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺍﺗﺤﺎﺩ ﮐﻲ ﻫﭥﻲ ڏﺋﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﭤﻮ .
ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺷڪ، ﺧﻴﺎﻝ، ﻋﻘﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻣﻌﻨﻲ ۾ ﺻﺤﻴﺢ ﻏﻠﻂ ﺟﻲ ﭘﺮﮎ ﻣﻌﺎﺷﺮﺗﻲ ﺍﺻﻮﻝ ﭠﺎﻫﮡ ۽ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﻳﺎ ﺍﺟﺘﻤﺎﻋﻲ ﺍﺻﻼﺡ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .
ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻓﺮﺩ ﺟﻲ ﺍﺟﺘﻤﺎﻋﻲ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ۾ ﺍﺧﻼﻗﻲ ﺍﺻﻮﻝ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺷﻌﻮﺭ ﻭﮄﺍﺋﻦ ﭤﺎ .
ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺍﻫﻮ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺨﻄﻠﻒ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﻭﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﻗﺎﺑﻞ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ .
ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ . ﻣﺸﺎﻫﺪﻭ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﺗﺠﺮﺑﻮ ۽ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ۾ ﺣﻴﺮﺕ ﺍﻧﮕﻴﺰ ﺷﻴﻮﻥ ﺍﻳﺠﺎﺩ ڪﺮﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻱ ڪﺮﻱ ﭤﻲ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻭٽ ﺍﺧﻼﻕ ۽ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺳﻨﺪﺱ ﺟﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﮐﺎﻥ ﮔﻬٽ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ . ﻫڪ ﺷﺨﺺ ﺑﺎﺧﻼﻕ ﺑﺎ ﺷﻌﻮﺭ ﺑﻪ ﺗڏﻫﻦ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺟﻴڪﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﺁﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﭘﺮ ڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺍﺧﻼﻗﻲ ﺍﺻﻮﻝ ﺷﻌﻮﺭ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﻭﻗﺖ ﺗﻨﮕﻲ ۾ ﻭﺳﺮﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ . ﻣﺎﺩﻱ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﻧﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﭘﺮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻧﻪ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﭘﺮ ﺍﻫﺎ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺭﺍﺋﻲ ﻻﺀ ﺍﻳﺠﺎﺩﻭﻥ ڪﺮﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﺁﺳﺎﻥ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ ﺍﻧڪﺮﻱ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺭﺍﺋﻲ ﻻﺀ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺗﻪ ﻣﺪﺩ ڪﺮﻱ ﭤﻲ . ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ‏( ﻣﺎﺩﻱ ﻋﻤﻠﻲ ‏) ﺿﺮﻭﺭﺗﻮﻥ ﺍﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﺭﻭ ﻧﻪ ﺗﺎ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻦ ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻫﺮ ﺧﺎﺹ ﻭ ﻋﺎﻡ ﮐﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﮔﻬﺮﺟﻲ

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں