جمعرات، 15 اکتوبر، 2015

انڊونيشيا ۽ جاپان ۾ اسلام جي تاريخ

انڊونيشيا ۾ اسلام

انڊونيشيا مطلب اوڀر هندجا ٻيٽ  ملڪ ۾ نوي سيڪڙو مسلمان آهن جيڪي تقريبن 20ڪروڙ جي لڳ بڳ ٿيندا. باقي هندو، ٻڌمت ۽ مقامي چيني رهاڪن ۽ بت پرستن تي مشتمل آهي. هي ملڪ 27 صوبن ۾ منقسم آهي ان جي ڊگهائي5150 ڪلوميٽر آهيڇ جيڪو آسٽريليا تائين ڦهليل آهي موسم مرطوب گرم آهي، گرمي پد 28  کان 33  تائين رهندو آهي. هوا ۾ گهم 80  سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيندي آهي-سيپٽمبر کان مارچ تائين برسات رهي ٿو.

اسلام جو آمد

پهرين صدي عيسوي ۾ انهن ٻيٽن ۾ هندي تاجرن جي آمد شروع ٿي ان جي ڪري انڊونيشيا ۾َ ٻڌ مت ۽ هندومت پکڙيو. ستين صدي عيسوي ۾ طاقتور ٻڌ سلطنت سري وي جايا ۾ قائم ٿي جيڪو وڌندي وڌندي بورودور جي سلطنت بنجي اوڀرندي جاوا ۾ اڀريو . انڊونيشيا جا

ڪيترائي علائقا ان جي زير اچي ويا اهو ٻه سال تائين قائم رهيو. جڏهن انڊونيشيا ۾ اسلام پهتو ته  جاوا جي سياسي حالت هي هئي ته ان جا مرڪزي ۽ اوڀرندا صوبا جيڪي آبادي ۽ تهذيب جي لحاظ کان ترقي يافته هئا -مجابهت نالي هندو رياست جي هيٺ هئا.

مغربي حصي ۾ چربن جي حڪومت ۽ چند ننڍيون ننڍيون رياستون هيون-ٻيٽ جا باقي علائقا جن ۾ مغربي گوشي جا سڀ ضلع شامل هئا اهي راجا يجاجرن جي حڪومت ۾ ايندا هئا

انڊونيشيا جو تاريخ پرامن اسلامي تبليغ جي داستان جو نهايت، دلچسپ پرڪشش سبق آموز باب آهي جيڪو هن امر جو واضح ثبوت آهي ته اسلام تلوار نه پر مبلغن جي ڪاوشن، همت ،۽ محنت سان پکڙيو. هر جاء تبليغي ڪم  ملڪ جي والين جي سرپرستي يا امداد جي بغير ٿيو.

ٻي صدي قبل از مسيح ۾ لنڪا جي بيروني تجارت عربن جي هٿ ۾ هئي- ستين صدي جي شروعات  ۾ چين جي شهر ڪينٽن ۾ عرب تاجر ڪثرت سان نظر آيا- ملايا ۾ اسلام   مالابار ساحل (هندستان) کان آيو جنهن جي بندرگاهن ۾ يمن ۽ ايران جا تاجر ايندا هئا ، انهن تاجرن  ملڪي زبان  ۽ رسم رواج سکيو- مقامي عورتن سان شاديون ڪيون ۽ پنهنجي ذهانت ، لياقت ، تقوي ، ايثار ، عدل ۽ انصاف جي ڪري پهرين درجي جي امراء ۾َ شامل ٿيڻ لڳا - آهستي آهستي انهن باهمي اتفاق سان هڪ قسم جي وفاقي  حڪومت ٺاهي  اهي ملايا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن ۾ فاتحن جي حيثيت سان نه پر پنهنجي ڪردار۽ اخلاق جي بلندي سان تبليغ لاء مضبوط  معاشرتي بنياد فراهم ڪئي.

مشهور آهي ته سماترا  ۾ اسلام بلاد عرب کان آيو پر سماترا جا پهريان مبلغ غالبََا  هندي مسلمان تاجر هئا . ملايا جي تاريخ  مطابق آنجا جي هڪ علائقي جيڪو سماٽرا جي اوتر اوله ۾ آهي هڪ عرب بزرگ عبدالله  عارف جي تبليغ جي نسبت سان ٻارهين صدي عيسوي  جي وچ ۾ داخل ٿيا ان جو هڪ مريد برهان الدين اسلام جو پيغام سماترا  جي مغربي ساحل پريمڊ تائين کڻي ويو.

هڪ قديم انڊونيشي ڪتاب  شجره ملايو ۾ لکيل آهي  ته جناب رسول صلي الله عليه وسلم  جن پيشن گوئي فرمائي ته سمودرا جا ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيندا انڪري شريفِ مڪه چند ماڻهن کي سماٽرا موڪليو ته جيئن اتي اسلام جو نور پکيڙي سگهجي.  ان جماعت جي سربراه جناب شيخ اسماعيل هو - اهو مالابار کان روانو ٿيڻ کان پوء سماٽرا ٻيٽ جي مغربي ساحل پاسوري ويو. تبليغ جي برڪت سان اتي جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو - پوء اهي اتر جي طرف لمبري نالي علائقي ۾ ويا . پوء اتان کان آرو جيڪو مشرقي ساحل تي ملاڪا جي سامهو آهي، آرو پهچي ڪري سمودرا جو پتو پڇيائون جيڪو پيرولاڪ جي ڀرسان هو - سمودرا ۾  ان جي ملاقات حاڪم سان ٿي جنهن جو نالو ميراه سالو هو- شيخ اسماعيل  جي نظر ۽ شوق سان هن اسلام قبول ڪيو- هن کي خواب ۾َرسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي زيارت به نصيب ٿي. شيخ صاحب جن ميراه سالو کي قرآن ڪريم جو نسخو پيش ڪيو ۽ پڙهايو پوء هن کي راجا ڪري ”ملڪ الصالح“ جو خطاب ڏنو ان کان پوء  ملڪ الصالح راجا پيرولاڪ جي ڌي سان شادي ڪئي جنهن جي بطن مان ٻه پٽ پيدا ٿيا. ابن بطوطه 1345 ع ۾ سماٽرا جي سياحت ڪئي ۽ ملڪ الصالح  جي پٽ  ملڪ الطاهر کي حڪومت ڪندي ڏٺو ۽ هو تمام متقي ۽ ديندار بادشاه هو- شيخ اسماعيل  جي ڪوششن سان لمبري ۾ هڪ هزار خاندانن اسلام قبول ڪيو - مملڪت آرو جو بادشاه ۽ اتان جو رعيت به مسلمان ٿيو. چوڏهين صدي جي آخر ۽ پندرهين صدي جي شروعات ۾ مننگ ڪابو نالي هندو سلطنت  جي گهڻن سردارن اسلام قبول ڪيو  جيڪو سماٽرا جي ٻيٽ ۾ ڦهليل هئي- اسلام قن سلطنت ۾  تيزي سان پکڙڻ لڳو- لمپنگ جي ضلعن ۾ اسلام سڀ کان  پهريون جاوا جي طرف کان داخل ٿيو . جيڪو جاوا جي اولهندي ساحل تي  هئي ۽ ماڻهن ۾ دين پکيڙيو. جاوا ۾ اسلام جي ترويج  اتي جي هڪ شخص ٻارهين صدي جي ويجهي ڪئي هئي، جاوا جي اولهندي حصي ۾ يجاجرن رياست به هئي. اتان جي بادشاه ٻه ڇوڪرا ڇڏيا وڏي تجارت جو ڪرتو پسند ڪيو ۽ مال کڻي هندستان روانو ٿيو سلطنت پنهنجي ڀاء جي ننڍي ڀاء جي حوالي ڪئي جيڪو 1190ع ۾ پربومنڊنگ سري  جي نالي سان تخت تي ويٺو- وڏو ڀاء  عرب تاجرن جي تبليغ سان سان مسلمان ٿيو، هن عرب مبلغن جي مدد سان پنهنجي ننڍي ڀاء ۽ شاهي خاندان  کي مسلمان ڪرڻ چاهيو پر ڪامياب نه ٿيو. چوڏهين صدي جي اڌ ۾ ملڪ مولانا محمد ابراهيم  چند مسلمانن سان گڏ مدورا جي ٻيٽ جي سامهو گريسڪ شهر ۾ آباد ٿيو ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪيو - 1419 ع ۾ ان جو انتقال ٿيو ۽ گريسڪ ۾ مدفون آهي.

راجا مجاپهت چمپا جي راجا جي ڌيُ سان شادي ڪئي هئي، چمپا رياست ڪمبوڊيا ۾ آهي- ان راڻي کي راجا جي ٻي حرم.سان حسد پيدا ٿيو راجا پنهنجي ٻي حرم کي پنهنجي پٽ آريا دامر وٽ موڪلي ڇڏيو جيڪو سماٽرا ۾ پالم بنگ نالي علائقي جو حاڪم هو اتي ان راڻي کي هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو رادن پتا  رکيو. ان دوران راجا چمپا جي ٻي ڇوڪري مسلمان ٿي وئي هڪ عرب  سان ان جي  شادي ٿي جنهن مان رئيس المبلغين جناب رادن رحمت پيدا ٿيا. جڏهن رادن رحمت جو عمر 20 سال  ٿيو  ته والدين ان کي پنهنجي ماسڙ مجاپهت ڏي موڪليو- هو رستي ۾ ٻه مهينا پالم بنگ ۾ آريادامر جو مهمان رهيو، لڳ هو ته هن کي مسلمان ڪري ڇڏي پر هو پنهنجي رعيت جي خوف کان اسلام آڻي نه سگهيو.  رادن رحمت اتان کان گريسڪ پهتو جتي جناب شيخ جمادي الڪبري ان جو استقبال ڪيو- هن پيشنگوئي ڪئي ته  انڊونيشيا ۾ اسلام پکيڙڻ جو ذمو رادن رحمت جي سر تي هوندو. جيتوڻيڪ هو پاڻ مسلمان نه ٿيو پر رادن رحمت کي شهر امپل ۾ ٽن هزار خاندانن جو حاڪم مقرر ڪيو جلد ئي شهر امپل جاوا جو سڀ کان وڏو اسلامي مرڪز بنجي ويو ان جي هاڪ ٻڌي جناب مولا اسحاق امپل آيا ته جيئن رادن رحمت جي مدد ڪري.مولانا اسحاق کي  پالم بنگ جي رياست ۾  تبليغ اسلام لاء مقرر ڪيو ويو اتي پهچي ڪري هن راجا جي ڌيُ جو علاج ڪيو جيڪو شفاياب ٿي پئي شهزاديُ پوء وڏي گرم جوشي سان اسلام قبول ڪيو ان جي شادي مولانا اسحاق سان ڪئي وئي ان کي هڪ پٽ پيدا ٿي جنهن جو نالو رادن پاڪو رکيو ويو. ان کي رادن رحمت ڏي موڪليائين جتي هن جي پرورش ٿي پوء  رادن رحمت جي ڌي سان ان جي شادي ٿي - رادن پاڪو گري ۾ مسجد تعمير ڪئي ۽ هزارين ماڻهن  کي مسلمان ڪيو. رادن رحمت جو انتقال ٿيو ته راجا مجاپهت ان کي امپل ۽ گريسڪ جو  حاڪم مقرر ڪيو. رادن رحمت جي ٻن پٽن جاوا جي اتر اولهندي  ساحل تي سڪونت اختيار ڪئي۽ تبليغ جي ڪري خوب شهرت ماڻي- راجا آريا دامر جيتوڻيڪ اسلام قبول ڪونه ڪيو پر پنهنجي ٻارن جي تربيت اسلامي طريقن سان ڪرائي. جڏهن راجا  رادن پته راجا مجاپهت جو پٽ جڏهن ويه  سالن جو ٿيو ته آريادامر ان کي پنهنجي رضاعي ڀاء رادن حسين سان گڏ جاوا جي طرف روانو ڪيو هي ٻئي گريسڪ ۾ رادن رحمت وٽ ترسيا- رادن پتا رادن رحمت جي پوٽي سان شادي ڪئي- انهي دوران ماء سان بدسلوڪي جي ڪري ادن پتا راجا مجاپهت ڏي وڃڻ کان انڪار ڪيو، هن بنترا جي د لد لي علائقي ۾ جيڪو گريسڪ جي لڳ هئو سڪونت اختيار ڪئي - هيڏانهن رادن حسين کي راجا مجاپهت پنهنجو سپه سالار مقرر ڪيو ۽ هڪ ضلعي جو حاڪم مقرر ڪيو. ان کان پوء هن رادن پتا کي راجا مجاپهت وٽ وٺي آڻڻ جي پڪوپه ڪئي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو. پيُ پٽ کي معاف ڪري ان کي بنترا جو حاڪم مقرر ڪيو. مگر رادن پتا  پنهنجي ماءُ سان ٿيندڙ بدسلوڪي نه وساري سگهيو هن 1478ع ۾ پي خلاف جنگ وڙهي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو ۽ راجا مجاپهت کي شڪست ملي ائين جاوا جي اوڀرندي حصي ۾ هندو راڄ بجاء هڪ اسلامي  حڪومت قائم ٿي وئي. ان واقعي کان پوء گهڻائي هندو جن اسلام قبول نه ڪيو  ڀڄي وڃي  بالي ٻيٽ ۾ آباد ٿيا ان ٻيٽ جي هندوآبادي  شيو ديوتا جو پوڄاري آهي. مرڪزي جاوا ۾ به هندومت جون جڙون مضبوط هيون 1768ع ۾ وڃي  منو سمري ۽ هندن جون ٻيون قانوني ڪتاب منسوخ ٿيون- اوڀر جاوا ۾ اسلام سورهين صدي جي آغا ز ۾ جناب شيخ نور الدين ابراهيم جي تبليغ سان پکڙيو جيڪو چربون  جو رهواسي هو - شيخ هڪ  مقامي عورت جو علاج ڪئي جنهن کي الله  پاڪ شفا بخشيو - ان واقعي کي ايتري شهرت ملي جو هزارين ماڻهن  ان وٽ اسلام  جي تعليم حاصل ڪئي. ڪيترائي راجا به مسلمان ٿيا  -شيخ نورلدين پنهنجي پٽ مولانا  حسن الدين کي اسلام جي تبليغ لاء بانٽم موڪليو  جيڪو هندو راجا يجاجرن جي زير هئو اتان جي ماڻهن به اسلام قبول ڪئي . اوله جاوا ۾ اسلام جي پکيڙڻ جو رفتار سست رهيو ڇاڪاڻ ته  شيو جي پوڄارين ۽ مسلمانن ۾ ڊگهي عرصي تائين  ڪشمڪش رهي. سورهين صدي جي وچ  کان اڳ  يجاجرن هندو سلطنت  جو خاتمو نه ٿي سگهيو- يجاجرن سلطنت  ختم ٿي ته اهي رهاڪ جيڪي پنهنجي اباڻي مذهب تي رهڻ چاهين پيا جهنگ ۽ پهااڙن ۾َ لڪي ويٺا ڪجه عرصي کان پوء انهن بانٽم جي سلطان جي اطاعت اختيار ڪئي ائين اسلام کي بت پرستي مٿان مڪمل فتح حاصل ٿي- اوله  جاوا ۾ شريعت هاڻي  هڪ زنده قوت آهي رئيس المبلغين رادن رحمت جو قبر سرايايا ۾ آهي مولانا محمد ابراهيم ، محمد اسحاق ۽ انهن جي چند متعلقين جو مزار گريسڪ ۾ آهي جتي ڪابه بدعت ناهين بلڪه قرآن خواني  ٿيندي آهي . 1600ع ۾ ولنديزين سلطان کي شڪست ڏئي ان جي ملڪ تي قبضو ڪيو ولنديزي آهستي آهستي پوري انڊونيشيا تي قابض ٿيا انهن جو قبضو 1945ع تائين  برقرار رهيو ان وچ ۾ اسلام کي يورپي تهذيب ، تمدن، جي يلغار جو مقابلو ڪرڻو پيو تڏهن اسلام جي بقا لاء 1912ع ۾  محمديه تحريڪ جنم ورتو. ان عرصي ۾ اسلام ، قديم هندو تهذيب  ۽ ٻڌمت جو امزاج شروع ٿيو ان عمل کي روڪڻ لاء ٻيا اسلامي تحريڪن جهڙوڪ شرڪت الاسلام  ۽ نهضت العلماء  وجود ۾ آيا. اڄ محمديه ۽ نهضت العلماء  انڊونيشيا جون وڏيون اسلامي جماعتون آهن. اهي جماعتون  غير سياسي آهن پر انهن جا رهنما سياست ۾ حصو وٺندا آهن. اهي اسلامي جماعتون تعليمي معاشرتي ۽ صحٿ جي ميدان ۾َ  خدمت انسانيت ۾ سرگرم آهن.

.

جا پا ن ۾ اسلام ۽ مسلمان

جاپان جي ترقي جو آغاز سن 1868ع کان ٿئي ٿو  هي دور ميجي دور هو ان وقت ايشيا ۾ صرف ٻه حڪومتون اهڙيون هيون جن کي آزادي حاصل هئي اهي هيون عثماني ۽ جاپاني حڪومتون. ڏکڻ سامراجي دٻاء جو مقابلو ڪري رهيون هيون  جنهن ڪري انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ خوشگوار ۽ مضبوط تعلقات قائم ڪرڻ جي طرف توجه ڏني انهن جي وچ ۾ سفارتي وفدن جو ڏي وٺ  به ٿيو انهن سفارتي وفدن ۾َاهم وفد اهو هو جنهن کي مرحوم  سلطان عبدالحميد  ثانيء 1890ع ۾ آل طغرل نالي جهاز  ذريعي جاپان روانو ڪيو ان تي سلطنت عثمانيه  جا ڇه  سو ترڪي عربي الباني ۽ بوسني نسل جا سپاهي سوار هئا جڏهن ان وفد جاپان ۾ پنهنجي مهم کي پورو ڪيو  ۽ اتان جي شهنشاه  سان ملاقات  ڪري واپسي لاء   روانو ٿيو  ته اڃا  انهن جو جهاز  جاپان جي ساحل اوساڪا جي ويجهو  ئي هو ته  سخت طوفان ۽ انڌيري  جهاز کي تباه ڪري ڇڏيو ساڍن پنج سون کان وڌيڪ  ماڻهو سلطان جي ڀاء ۽ عثمان ڀاشا سان  ٿيا. ان حادثي   ٻنهي حڪومتن  کي ڌچڪو رسائي  ڇڏيو  - بچيلن کي ٻن جاپاني جهازن ذريعي استنبول  روانو ڪيو ۽ شهيدن کي جاپان جي سرزمين تي دفن ڪيو  اتي هڪ ميوزم به قائم ڪيو ويو. اڄ تائين ترڪ ۽ جاپاني حڪومتن جي ردوبدل  جي باوجود هر پنج سال ۾ هڪ ڀيرو ان جاء تي جمع ٿيندا آهن  هي ترڪ ۽ جاپانين  جي دوستي خلوص محبت جي دليل آهي. ان حادثي کان پوء سن 1891ع ۾َهڪ  نوجوان جاپاني صحافي اوشاتارو نودا  شهيدن جي  اهل و عيال جي مدد لاء  جاپان ۾ هڪ امدادي مهم هلايو۽ ان امداد کي ساڻ کڻي استنبول پهتو ۽ ان کي سلطنت عثمانيه جي حوالي ڪيو ان کي سلطان عبدالحميد سان ملاقات جو شرف به حاصل ٿيو استنبول ۾ رهڻ دوران ان جي ملاقات  هڪ انگريز مسلمان عبدالله غليا سان ٿي جيڪو ليفربول جو رهاڪو هو ان سان ڳاله ٻوله دوران الله تعالي ان جو سينو اسلام جي نور سان ڀري ڇڏيو. اهڙي طرح سان هو مسلمان ٿيو. اسلامي دستاويزن مطابق ان پنهنجو نالو عبدالحليم رکيو انڪري هي چوڻ مناسب آهي ته عبدالحليم نودا پهريون شخص جاپاني مسلمان هو.ان کان پوء يامادا  نالي هڪ ٻئي شخص سن 1893ع ۾َ شهداء  جي اهل خاندان لاء  امداد ساڻَ ڪري استنبول  پهتو - سلطان عبدالحميد ان کي عثماني سپاهين کي جاپاني ٻولي سيکارڻ لاء  چيو  ٿورن ئي ڏينهن ۾ ان به اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو خليل يا عبدالخليل رکيو اهڙي طرح سان ان کي ٻيو جاپاني مسلمان سڏيو وڃي ٿو. ٽيون شخص احمد اريجا جيڪو مسيحي تاجر هو ان سن 1900ع ۾َ ممبئي جو سفر ڪيو  ممبئي جي هڪ مسجد ان جو دل فتح ڪئي ۽ هو ان ۾ داخل ٿي مسلمان ٿيو پوء هڪ مبلغ بنجي جاپان موٽيو ۽ قرآن ڪريم کي جاپاني ۾  ترجمي جي  عمل ۾ شرڪت ڪئي.ان وقت هندستان جي مسلمان تاجرن ٽوڪيو ڪوبي ۾ سڪونت اختيار ڪئي اهڙي طرح سا. هي سڀ کان پهريون  اسلامي برادري هو جيڪو جاپان ۾ مقيم ٿي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں